ماڻهن جي قسمت سان کيڏندڙ سياستدان : آچر خاصخيلي

دنيا جتي جديد دور جو فائدو حاصل ڪندي وڃي چنڊ تي پهتي آهي ته اتي وري اسان سنڌ واسين جي اڪثريت کوکلن نعرن تي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏئي پنهنجي ٻچن ۽ پنهجي ڌرتيءَ جا دشمن ٿي بيٺل آهي، جتي ڪجھه به نه هوندي به ڪنهن کان حق گھرڻ کي توهين سمجھي خاموش آهي، اهڙا ئي منظر مون کي ان ڏينهن ڏسڻ وٽان مليا، جڏهن نوجوان سياستدان ۽ ڏيرا گروپ جي اڳواڻ نويد ڏيري مون کي ڪجهه علائقن ۾ وٺي وڃي چيو ته توهان کي به اهي منظر ڏيکاريان، جتي ڪيئن ٿا اتي جا ماڻهو رهن؟ جڏهن اتي پهتاسين ته پنجابي چڪن ۾ ته ترقي ڏسڻ  ۾ آئي پر جڏهن اندر هڪ هڪ ڳوٺ ڪري گھمياسين ۽ ڏٺوسين ته   ڪٿي ماڻهو سيلاب جي وچ ۾ ته ڪٿي واري جي دڙن ۾ ته وري ڪٿي ٻيلي نما پل جي وچ ۾ زندگي گھاري رهيا هئا، جتي ڪنهن به طرف کان ڪو روڊ نه هو، بجلي جو ته نالو نشان ئي ناهي، باقي رهيون ڊرينيج، اسپتالون، اسڪول سي ته شايد انهن جي خوابن خيالن ۾ به نه هئا، جڏهن اهڙي حالت ۾ مختلف ڳوٺن جي ماڻهن سان اهي به ڪچهريون ٿيون ته ڪيئن ٿا زندگي گذاريو ته انهن ٻڌايو ته بس ٺهي ويا آهيون، پڇيم ته توهان وٽ ڪوبه روڊ ناهي، واري جي وچ مان ڪو اهڙو رستو به ناهي، جتان ڪا گاڏي اچي سگهي، جيڪڏهن ايندي به ته ڪا فور ويل گاڏي، جيڪا توهان وٽ ناهي، ڪو ڏکيو ڊليوري ڪيس ٿئي ته پوءِ ڪيئن پهچندا اسپتال؟ جنهن تي هنن ٻهراڙي ريتن رسمن جو ڀرم رکندي انهيءَ خوش مزاجي سان چيو ته اصلي گيھه، ڍڳين، ٻڪرين جو کير آهي، جن جا مکڻ لسيون آهن، کائي نڙ ٿيو ويٺا آهيون، ان ڪري ڪير به ڪمزور ناهي، جيڪڏهن قسمت سان ڪو اهڙو ڪيس ٿي به ويندو آهي ته ان کي ڏاند گاڏين ۾کڻي ويندا آهيون، جي مائي پهتي ته ٺيڪ؟ ٻي صورت ۾ اها رضا ليکي ويندي.  وري پڇيوسين ته توهان ٻارڙن لاءِ ڪڏهن سوچيو آهي؟ ڪڏهن ڪنهن سياستدان کي چيو آهي؟ ته اسان جا ٻار به پڙهڻ چاهين ٿا، اسان کي به روڊن ۽ بجلي جي ضرورت آهي، جنهن تي هو چون ٿا ته ڪير نه چاهيندو ته سندن ٻار پڙهن، تعليم پرائين، ڪنهن کي روشني ناهي کپندي، پر ڪو سياستدان ڏسون  ته ڪنهن کي چئون، 60 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو چونڊيل نمائندو وٽن لڙي  ناهي آيو، جنهن کي چئون، سوال ڪيم ته پوءَ ووٽن لاءِ ته ايندا هوندا، جن چيو ته هو صرف ديرن تي نياپو ڇڏي ويندا آهن ته فلاڻي ڏينهن تي اليڪشن آهي، فلاڻو نشان آهي، ان تي ٺپو هڻي ڇڏجو، سائين بادشاھ جو حڪم آهي، ان جا اميدوار بيٺل آهن، بس اسان حڪم جا تابعدار آهيون، غريب ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي، بهرحال  سڄي زندگي فنڪشنل ليگ کي ووٽ ڏنا آهن، پر اها خبر ناهي ته اسان جو ميمبر ڪير آهي، ڪو اچي ته ان کي چئون ؟

ڳوٺاڻن اهو به ٻڌايو ته اسان کي ڪجھه سهارو ان ڏينهن ٿيو، جڏهن شاهنواز جوڻيجي جي فرزند غلام محمد عرف گل جوڻيجي ٻهراڙين ۾ قدم رکيو، ماڻهن سان ملڻ جلڻ ڪري سٺو گرائونڊ ٺاهيو، پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ اهي اميدون به پوريون ٿيون، ان بعد سندن پونئرن پ پ ۾ هوندي ڪڏهن به ڪا سار نه لڌي نه ڪو روزگار ڏنو نه ئي ڪا سهولت ڏني، هنن جيڪڏهن ڪجھه ڪنهن کي ڏنو ته صرف اتي جي هڪ چوڌري کي ڏنو، جنهن سان عوام ۾ مايوسي ئي پيدا ٿي ۽ گل جي ڪيل محنت رائيگان ٿي وئي، وري به پ پ  اڳواڻ فداحسين ڏيرو ڪجھه ڪم ڪرايو، ڪجھه ڳوٺن کي لائيٽ ۽ روڊ ڏنا ۽ هاڻ وري سندس ڀائٽيي نوجوان نويد ڏيري جو اچڻ وڃڻ آهي، جنهن سندن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ جاري رکي آهي ۽ هن ئي علائقي جي يوسي صدرٽ مان ضلعي تي اميدوار آهي، جنهن ۾ آسرو آهي، اميد ته مسئلا حل ٿيندا.

اهڙي ئي صورتحال سانگهڙ جي اڇڙي ٿر جي به آهي، جتي بک بدحالي جي سدائين ذميوار فنڪشنل ليگ ئي رهي آهي پر موجوده دور ۾ پ پ ايم اين اي شازيه مري کپري کان چونڊيل آهي ته وري پ پ جي طرفان علي حسن هڱورجو وزيراعليٰ جو مشير آهي ۽ بحالي وارو کاتو به اٿس، جنهن جو پڻ ان ئي کپري جي تڪ سان تعلق آهي، پر نتيجو اهو ئي ٻڙي آهي، کپري سميت اڇڙي ٿر جي صورتحال ۾ڪابه  تبديلي ناهي آئي، مال مري رهيو آهي، وڏا آسرا ڏٽا ڏئي ماڻهن کي ورغلايو ويو، بار بار اهي اعلان ته کپري لاءِ گيس ۽ ٻيون اسڪيمون ڏينداسين، پر ڪوبه ڪم نه ٿيو ۽ صورتحال سڄي ضلعي سانگهڙ جي خراب آهي، جيڪا حالت سانگهڙ جي ٻهراڙين ۾ چڪن ۾ قائم ڳوٺن سان آهي يا وري اڇڙي ٿر سان آهي، اها شايد ڪنهن دشمن سان به نه ٿئي، جهڙي اتي جي عوام سان آهي، پ پ ۽ فنڪشنل ليگ جا چونڊيل نمائندا گڏجي ان ظلم جا ساٿي رهيا آهن، پنجاهه سالن کان اقتداري سياست ڪندڙ فنڪشنل ليگ، جنهن صرف عوام سان ويساهه گھاتيون ڪيون، ڪي به مسئلا حل نه ڪرايا ڇو؟  آخرڪار هي ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن، وري سهارو چونڊيو ويو پ پ کي، جتي ٻه پ پ جا صلاحڪار، ٻه ايم اين اي، ٽي ايم پي اي. قدرتي وسيلن سان مالا مال ضلعو پوءِ به بدترين زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ڪجھه سالن کان پنهنجو قلعو هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ پ پ آهي، جيڪا پڻ ڪجھه سالن کان سانگهڙ ضلعي تي قابض آهي، پر عوام جو کين ڪيترو قدرآهي، اهو ته توهان سانگهڙ تعلقي جي ڳوٺن عزيزالله بڙدي، مبارڪ جتوئي،باري داد بروهي، صفر بروهي، مسافر ڳوٺ، علي احمد مگسي، اختر مري، راجا بروهي، حاجي مولا داد ، ولي محمد ۽ حاجي ميرخان سميت سانگهڙ تعلقي جي مختلف يوسيز جي ڳوٺن ۾ پهچي اندازو لڳائي سگهو ٿا، جتي ماڻهو ڪهڙي زندگي گذارين ٿا، پ پ کي اهو احساس ٿيڻ گھرجي ته توهان جي سڄي سنڌ ۾ ڪارڪردگي ٻڙي آهي، پر سانگهڙ ۾ فنڪشنل ليگ جي عدم ڪاڪردگي جو توهان کي گھڻو فائدو پهتو آهي، جنهن کي توهان ضايع ڪيو آهي، هي شايد پهريون ڀيرو آهي جو هتي پي ٽي آءِ به هڪ اڌ يوسي تي ٽف مقابلي ۾ آهي، جڏهن ان صورتحال جو به اندازو ٿيو ته اها پي ٽي آءِ جي ڪاميابي نه پر توهان ٻنهي کان بيزاري نامو آهي، جي اڃا به ٻنهي پارٽين پاڻ کي نه سنڀاليو ته فدا حسين ڏيرو،گل جوڻيجي ۽ نويد ڏيري يا فنڪشنل ليگ جو دفاع ڪندڙ وريام فقير، ڪو ماڻهو مري ٿو ته سياست چمڪائيندڙ اڳواڻ اڳ ئي قبرستان  تي بيٺا آهن. گروپ بندي جي ڪري پ پ اڳواڻ نويد ڏيري جي به پارٽي گھٽ ٿي ٻڌي، مطلب اهي اختلاف سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر هميشه اقتدار ماڻيندڙ اهي ٻه پارٽيون آهن ۽ ايندڙ ڪجھ وقت لاءِ به اهي ئي نظر اچي رهيون آهن، تن کي سوچڻ گھرجي ته توهان گھٽ ۾ گھٽ انهن ماڻهن جو احساس ڪريو، جيڪي معدني وسيلن سان مالا مال  ضلعي جا رهاڪو آهن، جن جا توهان جي مٿان حق ٿين ٿا، ڪنهن به ماڻهو جي اڳيان اهو عذر نه ڄاڻايو ته فلاڻا کائي ويا. سڀني تي فرض آهي ته عوام سان سٺو ورتاءُ ڪري انهن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ عوام تي به فرض آهي ته فرض سمجهي ووٽ ڏئي، پنهجا حق وٺي۽ پنهنجي قسمت تي ٻين کي کيڏڻ نه ڏئي. ٻي صورت ۾ اهو توهان جو مقدر نه پر نااهلي هوندي، جيڪا نسل درنسل توهان جو رت چوسيندي رهندي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *