مادري ٻولين جي اهميت ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي خاندان ؛اسحاق سومرو

دنيا ۾ مادري ٻولين جو ڏهاڙو اڳوڻي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ بنگالي دانشورن، شاگردن ۽ ٻوليءَ جي ليکارين جي ٿيل قتل جي ياد ۾ ملهائجڻ شروع ٿيو. اهو واقعو 21 فيبروري 1952ع ۾ پاڪستاني اختيارين جي ڪيل قتل کانپوءِ ان جي اهميت کي سمجهندي يونائيٽيڊ نيشن جي اداري يونيسڪو پاران هر سال 21 فبيروري تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. يونيسڪو طرفان اهو ڏهاڙو سن 2000ع کان پوري دنيا ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. گهڻن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ جي شروعات به ان ڏينهن کان ٿي وئي هئي، جڏهن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڍاڪا ۾ وڃي چيو هو ته نئين قائم ٿيل ملڪ (پاڪستان) جي قومي زبان اردو هوندي، جيڪا ڳالهه بنگالين لاءِ ناقابل قبول هئي. ڇو ته اردو ان وقت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ پنجن ئي صوبن ۽ قومن مان ڪنهن به صوبي ۽ قوم جي ٻولي نه هئي. ائين ئي بنگالين به سنڌين جيان پاڪستان جي قيام جي سڀ کان پهرئين نه رڳو حمايت ڪئي هئي پر انهن پنهنجي اسيمبلين مان به پاڪستان جي قيام لاءِ قراردادون منظور ڪرايون هيون.

اهڙي طرح پاڪستان جي قومي ٻولي اردو قرار ڏني وئي، باقي ٻولين کي گهٽ اهميت ڏني وئي. جيتوڻيڪ پاڪستان کان اڳ يا اڄ به پاڪستان ۾ سنڌي واحد زبان آهي، جنهن جي باقاعده صورتخطي، نصاب، ٽائپ رائٽرس، پريس، اسڪولي نصاب ۽ اخبارون موجود هيون. سنڌي اڄ به پاڪستان جي شاهوڪار ترين ٻولي آهي. ٿيڻ ته ائين ئي گهرجي ها ته پاڪستان جي قيام سان ئي سنڌي ٻولي کي پوري ملڪ ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي نافذ ڪيو وڃي ها، پر سنڌ جي جاگيردار ۽ نااهل سياسي قيادت ان اهم معاملي ڏانهن ڪا به توجهه نه ڏني. اڄ به پاڪستان جي 4 صوبن ۾ اردو جو نفاذ آهي. بنگالي ته آزادي وٺي اردو مان پنهنجي جان آجي ڪرائي ويا. جڏهن ته اڄ به سنڌي، پنجابي، پختون ۽ بلوچ پنهنجي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. ٻئي طرف پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ اڄ به 17 کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل آهي، جن ۾ سنڌي زبان به شامل آهي.سنڌي جي اها خصوصيت آهي جو اها اڄ به سنڌ ۾ باقاعدگيءَ سان پڙهائي وڃي ٿي. جڏهن ته ملڪ جي آباديءَ جو گهڻو تعداد پنجابي ڳالهائيندڙن جو آهي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ سنجيده نظر نه ٿا اچن. پنجابين جو وڏو طبقو ۽ پڙهيل ڪلاس اڄ به پنجابي جي ڀيٽ ۾ اردو کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. 1988ع جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران پنجابي ٻوليءَ جي نالي واري اديب ۽ ليکڪ فخر زمان پنجاب ۾ پنجابي زبان کي نصاب ۾ لازمي شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهڙي گهر تنهن وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي اڳيان رکي، جنهن کيس چيو ته هن کي پنجاب ۾ پنجابي ٻولي کي لازمي قرار ڏيڻ تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته (تنهن وقت جي) پنجاب اسيمبليءَ مان اهڙي قسم جي قانونسازي ڪئي وڃي، جنهن تي وفاقي حڪومت فوري طور تي عمل ڪرائيندي. بقول فخر زمان جي ته هن پاڻ تنهن وقت پنجاب جي وزيراعليٰ ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس اسيمبليءَ مان اهڙي قانونسازي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، پر هن صاحب کيس ائين ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو. ان کانپوءِ ڪيترائي دفعا پنجاب ۽ مرڪز ۾ نواز شريف جي پارٽي جون ڀرپور مينڊيٽ رکندڙ حڪومتون آيون، پر انهن ڪڏهن به پنجابي ٻوليءَ کي پنهنجي صوبي ۾ سرڪاري ٻولي بڻائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي، نه ئي ايندڙ وقت ۾ اهڙي قسم جو امڪان نظر اچي ٿو. جڏهن ته صوبي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اسڪولن توڙي يونيورسٽي ۽ دفترن جي ٻولي به اردو آهي.اڄ بنگلاديش ۾ اردو ٻولي ڪٿي به نه ٿي پڙهائي وڃي. اردو صرف مذهبي جماعتن خصوصن جماعت اسلامي جي مدرسن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. مون کي اها ڳالهه 2010ع جي ٻوڏ دوران شڪارپور ۾ هڪ بين الاقوامي اداري ۾ ڪم ڪندڙ بنگالي مطيع الرحمان ٻڌائي هئي. موجوده پاڪستان ۾ اسين سنڌي خوش نصيب آهيون جو اسان جي سنڌي، قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ جي باوجود وڌيڪ سگهاري ۽ شاندار حيثيت ۾ موجود آهي، جنهن جون روزانو 50 کان وڌيڪ اخبارون، ٽي وي چئنل، اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين نصاب ۾ پڙهائي ٿي وڃي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي جو مستقبل پاڪستان جي ٻين ٻولين کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ آهي.هن وقت جيڪو اهم سوال آهي ته اڃان به ڪيئن پنهنجي مادري زبان سنڌي کي وڌائي ويجهائي سگهجي ٿو؟ ڇو ته صرف قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ سان هڪدم سنڌي يا ٻيون ٻوليون پنجابي، بلوچي يا پشتو پوري ملڪ ۾ حاوي نه ٿي وينديون؟ سنڌي کانسواءِ ملڪي ليول تي مٿين ٻولين جي صرف پنهنجي علائقن ۾ ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪابه خاص حيثيت نه آهي.ان لاءِ پوري صوبي ۾ سنڌيءَ کي لازمي ٻولي تي عمل ڪرائڻ سان گڏ سنڌي کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لاءِ پڻ سرڪاري توڙي انفرادي سطح تي ڪوششون ۽ حڪمت عمليون ٺاهڻيون پونديون، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهرن ۾ خصوصن پنهنجي ٻارن توڙي گهروارن ۽ آفيسن ۾ جتي اڪثريت سنڌي ڳالهائيندڙن جي آهي اتي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کي ضروري سمجهيو وڃي. دنيا جي سائنسي ۽ ادبي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو وڃي. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻولي کي درست ۽ سولو ڪري لکيو وڃي. شهرن توڙي ٻهراڙين، دڪانن توڙي ٻين ڪاروباري ادارن جي سائن بورڊن تي سنڌي ۾ لکيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڏکوئيندڙ صورتحال آهي ته ڪيترائي سنڌ ۽ سنڌيءَ جا گهڻ گهرا ڪامورا، سياستدان، صحافي، ٽي وي چئنلن جا مالڪ ۽ نالي وارا سماجي اڳواڻ پنهنجي گهرن توڙي پنهنجي اولاد سان به سنڌيءَ ۾ نٿا ڳالهائين. ايستائين جو سندن اولاد سنڌي کانسواءِ اردو يا انگريزي ڳالهائڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو. اهڙي عمل جي کلي طرح نندا ڪئي وڃي. اهڙن سڀني نام نهاد سنڌي سڏائيندڙ ۽ سنڌ ۾ تبديلي ۽ ترقيءَ جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجي ٻارن سان به سنڌي ۾ نه ٿا ڳالهائين ۽ سندن ٻار خصوصن اردو ۾ ڳالهائين ٿا. وڏي ۾ وڏو افسوس ته اهو آهي جو اهي ئي مادري ٻولين جي ڏينهن ملهائڻ ۽ ٽي وي چئنلن تي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا ڀاشڻ ڏيڻ ۾ اڳيان اڳيان آهن.مون 2001ع ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سالياني گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي آمريڪا ۾ رهندڙ سکر جي رهواسي فلڪ شير کوسي پنهنجي آمريڪن زال ۽ ٻارن سان سنڌي ۾ ڳالهائي ٻين شريڪ ٿيندڙ سنڌين کي پنهنجي ٻارن سان انگريزيءَ ۽ اردو ۾ ڳالهائڻ تي شرمندو ڪري رهيو هو. دلچسپ ڳالهه ته ان ئي سال سانا جي سنڌي ادبي ڪميٽيءَ جي چونڊيل سيڪريٽري انصاري صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته کيس افسوس ۽ شرمساري آهي جو کيس سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نه ٿي اچي. هو صرف سنڌي ڳالهائي سگهي ٿو، پر انهن سنڌين کي ڇا چئجي جيڪي پنهنجي گهرن ۾ يا سندن اولاد اردو ۽ انگريزي کي ترجيح ڏئي ٿو، بلڪه مون پاڻ ڏٺو آهي ته انهن جو اولاد سنڌي ڳالهائڻ کان نفرت ڪري ٿو. اهڙن گهراڻن مان گهڻن جو تعلق حيدرآباد، اسلام آباد ۽ خصوصن ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جو آهي. ڪڏهن ائين نه ٿئي ته گوسڙو ماسترن ۽ ليڪچرارن وانگر سندن نالا ۽ تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت نه بڻجن ۽ سندن سنڌ دوستي وائکي ٿي پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *