’لٽيا خواب وياهن سڀئي زندگي جا!‘؛شوڪت لوهار

رات جي پوئين پهر ۾ صبح پنهنجي خنجر جي تکي نوڪ لاهي ڇڏي آهي. وڻ ٽڻ رهيا ئي ڪونهن جو صبح جو سوير ڪي پکي اچي ماڻهن کي ڪا ويڪ اپ ڪال ڏين.

ساري رات اکين ۾ٽانڪيل اوجاڳو ۽ انهيءَ ۾ اڻ تڻ ۽ ڳڻتي گاڏڙ احساس من کي انتهائي ملول ڪري ڇڏيو آهي. هر ڪنهن کي بس اها ئي چنتا کائي رهي آهي ته هر ايندڙ صبح جيڪا ڪنهن سڳنڌ ڀرئي اڇي اجري امن جي پيامبر هوندي آهي؛ پر نه، هاڻ شايد ائين ڪونه آهي، هاڻ ماڻهن کي رات کانسواءِ ڏينهن جو به خوف اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٻيڙيون ڪڏهن جو اونڌيون ٿي چڪيون آهن ۽ ناکئن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي پيشانيءَ تي پريشانين جا نشان، ڪو هن وقت جي ڳالهه ته ناهن! هي ته انهن ڏينهن جو قصو آهن، جڏهن ڀاڳواري هن ديس جي لٽ مار لاءِ گڏيل سلطنتون جڙنديون رهيون آهن. سنڌ جي لٽ مار صرف ”پڙاڏو سوئي سڏ“ نه بلڪه ”سانگهڙ“ جهڙا دستاويز ان جي لهولهان ٿيڻ جا ساکي رهيا آهن. هتي ڪڏهن به ڪنهن وقت ۾ به ڊائر جي گولي بيوس ماڻهن جي ماس مان ڪو نه نڪتي آهي. بس بدلايا آهن ته انهيءَ گوليءَ روپ بدلايا آهن، مٽيا آهن ته مدد خان ۽ سيٺ نائون مل، جيڪي هر هر هڪ نئون روپ وٺي پئي جنميا آهن.

سنڌ جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهڻ وارا ڪڏهن به کٽا ڪونه آهن. هن ڀونءِ کي خوشين جي وچ ۾ ڏسندي هنن جي دل ۾ ڪو خنجر کپي ٿو. هنن جي اکين ۾ ڪو ڪٽر سُجهي ٿو. هن ڏيهه ۾ مير صادق ۽ مير جعفر هاڻ ته ايتري گهڻي تعداد ۾ وڌي ويا آهن، جو ڪا ڪيڙا مار دوا به انهن کي ڪونه ٿي کڻائي سگهي. انهن سازشن جا اهي ٽڪساٽ گهڙيا آهن جن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي آئنسٽائن بڻجڻو پوندو، پر ان رستي تي به ايتريون رڪاوٽون آهن جو دل چوي ٿي ته هن پاتال مان نڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي مٿاڪٽ جي ضرورت آهي. هر طرف نانگ نيلا ڦڻ ڦهلايو، هر دفعي، هر گهڙي مات ڏيو وڃين. هن وقت جڏهن سنڌ تي گرمي آفت جو روپ ڌاري پهتي آهي ۽ هن ڪيئي جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن. رپورٽ ڪيل واقعن جو تعداد به پندرهن سئو ٻه هزار جي لڳ ڀڳ آهي ۽ جيڪي بي موت مئا، جيڪي رپورٽ ٿيڻ کان رهجي ويا، جيڪي اڳتي هلي ڌپ ڪري ويل لاشن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا، انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. قلم ڪٿڻ کان قاصر آهي. آخر موسم اهڙي دروهي ڇو ٿي آهي؟ آخر هن سمي ايتري بيوفائي ڇو ڪئي آهي؟ ڪو ته خبر ڏئي، ڪو ته ٻڌائي. ڪٿان ڪو سنيهو آڇي، ڪٿان ته ڪا ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ اچي؟ پر نه هنن سڀني ڪوئلن کي اڃارو ئي ماري ڇڏيو آهي. خبر ناهي ته اسان وٽ ايتري بيوسي ۽ بيحسي ڇو پيدا ٿي ويئي آهي؟ آدم بوءِ، آدم بوءِ، وڌيل پيٽ، مون کي عجيب منظر نظر ٿا اچن، جنهن ڪاموري کي ڏسان ٿو، ان جي وڌيل پيٽ ۾ ٿر جا معصوم ٻار نظر ٿا اچن. مان جنهن به چونڊيل نمائندي کي جاچيان ٿو ته ان جي وات مان غريبن جو لهو ٽپڪي ٿو. مان جيڪو به محلات اڏيل ڏسان ٿو ان ۾ ڪنهن غريب جا هڏ نظر اچن ٿا.

هن وقت جڏهن اڃا ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڪنهن ڀڳي هڏ جيان ڏکي رهي آهي، جتي موت جو راڪاس ڪاهي پيو آهي. ڪوڙا، ٺوڳي سڀ وقت جي نڙي تي لت رکي ان جي آواز کي دٻائڻ وارا ماڻهو، ماڻهوءَ جي روپ ۾ مرون! اڄ به ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ سنڌ جي نمائندن جي ننڍڙين رياستن، يوسين، تعلقن ۾ زندگي هڪ گار کان به وڌيڪ بدتر آهي. ڪاري پاڻي جو صرف مثال آهي، سنڌ جن ٻهراڙيون جيڪي جنت جي تمثيل هيون هاڻ ڪاري پاڻي ۽ نازي گئس چيمبر جو زنده مثال آهن، جتي نه بجلي آهي، نه اسڪول آهي، نه اسپتال آهي، نه روڊ آهي، نه رستو، نه زندگي آهي. بس جيون هڪ زندان آهي. ماڻهن کي موسمن جي بيوفائي سان گڏوگڏ پنهنجي ماڻهن جي هٽلري ۽ ميسولني ڪردارن ماريو آهي. هي ڇا احتجاج ڪن، هي ڪهڙو ويڻ ڪن، جيڪي هيپاٽائيٽس جهڙين بيمارين ۾ ويڙهيا پيا آهن، جيڪي مهانگائي جي تکين ڄاڙين ۾ ڦاٿا پيا آهن، جن جا آواز وقت جي آقائن دٻائي ڇڏيا آهن. اهي ڪهڙي دانهن ڪوڪ ڪن!

هي ته اڳ ئي مري چڪا هئا، بيروزگاري، بک کان مهانگائي کان، موت مار ظالماڻي لوڊشيڊنگ کان، برادري جي نه کٽندڙ جهيڙن کان، جهالت پڻي جو فصل لڻي لڻي هي ته سڀ هڪ ٻئي کي اڳ ۾ ئي ماري مري چڪا آهن. ويتر جو موسم کڻي بيوفائي ڪئي ته ان تي ڪهڙي ميار ڏجي؟ لڳي ائين ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي. رمضان المبارڪ جو برڪتن وارو مهينو هلي رهيو آهي. تقريبن هر چينل تي صبح جا نشر ٿيندڙ پروگرام پنهنجي پوري جوش و خروش سان هلي رهيا آهن، جن ۾ ٿولهه گهٽ ڪرڻ، خاص طور عورتن جي ٿولهه گهٽ ڪرڻ جا ٽوٽڪا ٻڌايا پيا وڃن. انهيءَ کان علاوه خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ جڙي ٻوٽين مان اُبٽن ۽ ٻيون ڪريمون ڪيئن ٺاهجن؟ جهڙا توجه ڇڪائيندڙ پروگرام لائيو نشر ٿي رهيا آهن. روزي جي فضيلت تي وڏا وڏا ليڪچر ڏنا پيا وڃن. تقريبن ڪيترائي چينل اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته کير ۽ ڦيرڻي ڪيئن ٺاهجي؟ ڪهڙي شيءِ سحري لاءِ مفيد آهي؟ ڪهڙي شيءِ سان ٿولهه ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو آهي. افطاري وقت ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ اشتهاري ڪارپوريٽ دنيا جي طرفان ماڻهن کي لالچائڻ ۽ لٽ مار پروگرام جاري و ساري آهن؛ بس ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ بريڪنگ نيوز بڻجندڙ گزري، ڪورنگي، گڏاپ، ماروئڙا ڳوٺ، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، ڇاڇرو، جوهي، ڏهرڪي جي ڪنهن رستي تي ڪنهن گهر ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪي چار پنج ماڻهو مرڻ جون خبرون اهڙن شاندار خوبصورتين جي جهرمٽن ۾ سجايل سيٽن وارن پروگرامن ۾ رخنو بڻجي پون ٿيون. باقي ڪل خير آهي.

هن وقت ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو حڪومتي مشينري جا اوزار اهڙي ته حرڪت ۾ اچڻ کپن ها ۽ ڪامورن جون جهڙي نموني نيب ننڊون حرام ڪيون آهن، اهڙي نموني سندن ننڊون گرمي وگهي ماڻهن کي رليف پهچائڻ ۾ حرام ٿين ها ۽ چونڊيل نمائندن جون چوڪيون انهن اسپتالن، مرده خانن ۽ رليف وارين جاين تي قائم هجن ها، جتي هو پنهنجي پنهنجي حصي مان جيڪڏهن سوين پتي به ڏين ها ته ائين ماڻهو ڪونه مرن ها! پر انهيءَ سڀ ڪجهه جي ابتڙ هي حڪمران اسيمبلي سيٽن تي ايئرڪنڊيشنڊ هوائن ۾ اجلاس هلندي اگهور ننڊ پيا آهن. واهه واهه قربان وڃان، توهان جي قرباني تان. اسان جي نالي ماتر سول سوسائٽي ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو جيڪو چار ميڻ بتيون سبين محمود لاءِ ٻاري وري وڃي گهر ڀيڙو ٿئي ٿو. ان کي کپي ته حقيقي ۽ زميني حقيقتن کي سامهون رکندي ري ايڪٽ ڪري. وري وڏن وڏن هوٽلن ۾ ڪنهن دعوت ۾ سنڌ جي سورن جي تسبيح پڙهندا ۽ پنهنجي حصي جو Intellect شامل ڪندا. اڄڪلهه اڏوهي جيان پڙهيل لکيل ماڻهن کي اين جي اوز کائي رهي آهي، جيڪي پاڻ ته فنڊ وٺي ٽينڪي بڻجي وڃن ٿا، غريب ماڻهو اهو ئي هڏائون پڃرو.

هر چوڪ په مل جاتي هين همدرد هزارون

اس شهر مين هر شخص اداڪار لگتا هي.

هيءَ وقت جي گهرج هئي ته جن به چونڊيل نمائندن هڪ قسم جا نه ڇٽندڙ ڦٽ ڏنا هئا، انهن لاءِ هيءَ مصيبت جي گهڙي هڪ موقعو هو، پنهنجي گناهن کي ڌوئڻ جو پر افسوس ته مسڪين ماڻهن جا مئل لاشا جيڪي واقعي گرمي وگهي مئا آهن، اهي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن وچ ۾ سنوڪر بڻيل رهيا. اسان کي هڪ نئين چوٽيهين در جي ياد ڏياري ويا. ڇاڪاڻ ته الزامن ۽ ذميوارين جي اڇل اهو به بيحسيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي.

جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ٿر ۾ واقعي ڪوئلو آهي، آئون واقعي انهيءَ ڪري لکان ٿو ته تقريبن مان پنهنجي پيدائش کان وٺي ٻڌان ٿو ته سنڌ جي علائقي ٿر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جو بس ست پيڙهيون نه کٽائين! ته پوءِ ٺاهيو پنهنجي بجلي؟ ڪنهن جهليو آهي؟ پر ائين ڪٿي ٿيندو. سڄي سنڌ جي گهرج جيتري بجلي ته ڏهرڪي ويجهو لبرٽي پاور پلانٽ ۾ ٺهي ٿي. ٿورو انهن کي ته لوڏي ڏسو، ساڳئي ئي علائقي ۾ اهڙيون ڪالونيون آهن، جتي هڪ منٽ بجلي ڪونه ٿي وڃي! ڀت جي ٻي پار ماڻهو لالٽين تي پيا گذارو ڪن. ٿيڻ ڇا گهرجي؟ هن  لٽيل خوابن جي ڪهڙي ساڀيان ٿيڻ گهرجي؟ خاص طور تي نوجوان جيڪي هن وقت علم پرائي رهيا آهن ۽ تقريبن هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو وڏيري ۽ ڌپ ڪري ويل ڀوتار مان تنگ اچي چڪو آهي، انهن کي کپي ته ڪو نئون ساٿ جوڙين، ڪا محبت جي زنجير جوڙين، اهڙو ساٿ جنهن ۾ وفاداري هجي، جنهن ۾ ارپنا هجي، جنهن ۾ لطيفي واٽ جو ڪو ڏس هجي، انهيءَ سڀ ڪجهه سان جيڪڏهن، ڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي واٽ تان نکڙي به وڃي ته پوءِ به ان وٽ اعليٰ انساني آدرش موجود هجن، جيڪي ان کي هن عالمگير انسانيت ۾ بيهڻ لاءِ ڀاڪرن ۾ ڀرين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *