لياري ۾ پي پي پي جي جلسي بعد لياري مان ملندڙ لاش ۽ لياري ۾پ پ پ جو مستقبل:!……حميد ڀٽو

لياري جيڪا پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڪراچي ۾ سياسي ڳڙهه رهي آهي، ۽ تازو پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لياري جي ڪڪري گرائونڊ ۾تقريبن ڏهاڪو ڏينهن اڳ باظابطه طور  تي عوامي رابطن واري مهم جي شروعات ڪندي جلسه عام منعقد ڪيو هو، جنهن لاءِ جيتوڻيڪ مختلف گينگ وار ڪمِيٽين پاران لياري واسين کي جلسه عام ۾ شرڪت نه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ۽ ماضي ۾ امن ڪميٽي پاران نامزد ٿيل صوبائي وزير ڪچي آباديز جاويد ناگوري جلسي  منعقد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي پبلسٽي ڪرائڻ ۾ اڳڀرو رهيو، ۽ سندس وڏو ڀاءُ اڪبر ناگوري پڻ نهايت ئي سرگرم رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌمڪيون ڏيندڙڌرجاويد ناگوري جي ڀاءُ اڪبر ناگوري ۽ سندس ساٿين مٿان سندس گهر مٿان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اڪبر ناگوري ۽ سندس ٻه محافظ گولين جو کاڄ بڻجي ويا.

اهڙي طرح سان گينگ وارپاران پ پ پ  جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارين ڌمڪين جي باقائدگي سان شروعات ڪئي وئي آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آچر ڏهاڙي جاويد ناگوري سان تعزيت ته ڪري ورتي آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري جي سلسلي ۾ گرفتاري جا حڪم به جاري ڪيا آهن پر لڳي ٿو ته ماضي جي حڪم نامن جيان هي حڪم به سکڻو حڪم نامو ته نه رهندو ۽ لياري واسين کي امن بجاءِ وڌيڪ خوف واري زندگي گهارڻ وارن اڻ چٽيل رستن تي ڇڏيو ويو آهي. لياري جي پر امن ۽ شاهوڪار تاريخ جي ڪهاڻي ۾  بينظيرڀٽوشهيد راڻي شادي جون لانئون لهڻ واري رخصتي واري تقريب به شهيد راڻي جي خواهش تحت لياري جي ڪڪري گرائونڊ تي ئي منعقد ڪئي وئي هئي، ان بعد لياري جي امن کي. به ظالمن جي غير انساني خواهشن جون نظرون ائين کائڻ لڳيون جيئن ڪراچي جي امن ۾ ايم ڪيو ايم جي خونخوار پاليسين سبب معصوم شهري قتل ٿيندا رهيا. شهيد بينطير ڀٽو جي شادي کان بعد بينظي ڀٽو جي شهادت ۽ آصف علي زرداري جي صدارتي منصب تي پهچڻ بعد ڪيترئي ئي سالن بعد شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سياست جي ميدان ۾ باظابطه عوامي رابطن واري مهم جي اڻ سڌي طرح سان شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ لياري جي ڪڪري گرائونڊ تي منعقد ڪيل جلسه عام پڻ ان سلسلي جي ڪڙي ليکجي رهي آهي.

لياري جي ماضي واري تسلسل جي ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئي ٿي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي دورن ۾ ڪراچي جي سمورن چونڊ تڪن تان رڳو پيپلزپارٽي ئي سوڀاري ٿيندي هئي، جنهن کي مات ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي روايتي حريف جنرل ضياءَ الحق ايم ڪيو ايم جو بنياد رکي لساني بنيادن تحت ڪراچي کي هڪ جدا حيثيت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ڪري ڪراچي مان ايم ڪيو ايم پڻ اڪثريت ۾ سيٽون کڻدي رهي، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي حريف جماعت اسلامي جيڪا ڪراچي ۾ سگهاري سياسي ڌر ليکبي هئي سان پڻ ڪراچي مان مڪمل سيٽون حاصل نه ڪري سگهي هئي.لياري جنهن کي پيپلزپارٽي جي قلعي جي حيثيت حاصل آهي، تنهن سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس عظيم نياڻي شهيد بينظيرڀٽو نهايت ئي پيار ڪندا هئا، اهو ئي سبب هو جو شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي شادي جي تقريب لاڙڪاڻي توڙي نوابشاهه ۾ منعقد ڪرڻ بدران لياري جي چونڊ ڪئي ۽ ساڳئي ئي ڪڪري گرائونڊ تي آصف علي زرداري سان لائون لڌيون هيون. تنهن لياري پيپلز پارٽي جي جلسه عام منعقد ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري اعلان ڪندي پنهنجي سهري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پنهنجي گهر واري شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي سڪون پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کان سواءِ ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ واري مهم جتي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف پاران پنهنجي اڪثريت جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون اتي لياري جي ڪاوڙيل ووٽرن سان مخاطب ٿيڻ لا آصف علي زرداري پاران جلسه عام منعقد ڪرڻ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو ناراض ووٽرن کي پرچائڻ گهري ٿو.

آصف علي زرداري جي لياري واري ٿيل جلسي ۾ اهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته آصف علي زرداري لياري اندر اهم تبديليون آڻڻ لاءِ ڪي اهم فيصلا ڪندو پر لياري جي گينگ وار ۽ مختلف دهشتگرد تنظيمن جي گهيري هيٺ آيل علائقن جي ماڻهن کي ڪڪري گرائونڊ تي وڃڻ کان به روڪيو ويوهيو، جنهن ڪري لياري جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي چنگل ۾ ڦاٿل لياري واسي هيسيل هجڻ باوجود لياري جي ڪڪري گرائونڊ تي پهچي اهو ثابت ڪيو ته ”مرسون مرسون پيپلزپارٽي نه ڇڏيسون“ لياري گينگ وار سميت دهشتگرد لياري واسين کي اهو چئي جلسه گاهه ۾ اچڻ کان روڪيندا رهيا ته ” جيڪڏهن توهان کي ڪڪري گرائونڊ تي ڏٺو ويو ته توهان جو خير ناهي“ اهڙي خوف واري ماحول ۾ وري به ماڻهو ڪڪري گرائونڊ تي پهچي اهو ثابت ڪيو ته لياري واسي ڪلهه به پ پ پ سان گڏ هئا، هاڻي به گڏ آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به گڏ ئي هوندا.

ساڳئي وقت لياري مان چونڊيل پ پ پ جي ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز تي لياري واسي سخت ڏمريل نظر پئي آيا. لياري مان چونڊيل ايم پي اي ۽ صوبائي وزير جاويد ناگوري ۽ سندس ڀاءُ اڪبر ناگوري ڪڪري گرائونڊ تي نهايت ئي سرگرم بڻيل هئا، جيتوڻيڪ کين خبر هئي ته لياري جي مختلف گينگ وارن جي هو نشآني تي اچي سگهن ٿا ۽ وقت گذرڻ سان اهو ئي ٿيو، جيڪو لياري واسين کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ جي لاءِ مختلف گينگ وار پاران جيڪي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون، انهن جي تسلسل هيٺ صوبائي وزير جاويد ناگوري جي ڀاءُ اڪبر ناگوري کي قتل ڪيو ويو. لياري ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي۽ پيپلزپارٽي جو هر هڪ ڪارڪنن توڙي معصوم عوام خوف ۾ ورتل آهي ته سندن جو مستقبل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟….پيپلز پارٽي سان تعلق هجڻ  جي ڪري ئي لياري جي علائقي سان تعلق  رکندڙ صوبائي وزير جاويد ناگوري کي ڀاءُ جي ڏنل قرباني جي وڏي ۾ وڏي قيمت ادا ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظيرڀٽو جي نقشه قدم تي هلندي سندن نظرين جي حفاظت لاءِ جان جي قرباني به ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائيندا. لياري جي ڪڪري گرائونڊ واري جسلي ۾ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تقرير ڪندي اهو پڻ ڏک ونڊيو هو ته عمران خان ته رڳو هڪڙي ئي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي ڳالهه ٿو ڪري جڏهن ته هر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي مينڊئيٽ کي چورايو ويو آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي وارا ڪنهن کي دانهن ڏين……

لياري جي ڪڪري گرائونڊ تي عوام جي تڪيلفن کي محسوس ڪندي آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪندي هڪ ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج لياري تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ سميت ٽن مهينن اندر لياري واسين کي پاڻي ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو، اهڙي طرح سان لياري جي بگڙيل صورتحال جي سلسلي ۾ آصف علي زرداري لياري کي ماضي جيان پر امن علائقو قرار ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. اهڙي صورتحال منجهان اهو واضع ٿئي ٿو ته لياري ۾ دهشتگردي جون پاڙون وڌي وڏو وڻ ٿي چڪيون آهن، تن کي ڪٽن جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم خلاف جڏهن 90 تي آپريشن ڪيو ويو هو، تڏهن لياري مان گينگ وار جي خاتمي لا مختلف حلقن پاران آڱريون کنيون پيون وڃن، جيڪي کڄندڙ آڱرين کي آصف علي زرداري هميشه جيان پنهنجي سياسي ڊگهي نگاهه واري بصيرت سان نئين حڪمت عملي تحت پنهنجو پاڻ ئي دهشتگرد واري عنصر کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيو آهي. مختلف حلقن پاران اهو پڻ باور ڪرائڻ جو ماحول پيدا ڪيو ويو ته لياري اندر موجود دهشتگردن کي هٿي ڏيڻ ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت جو هٿ آهي، پر آصف علي زرداري جي امن و امان جي ڪيل اعلان کان پوءِ لياري جي دهشتگردن خلاف نه رڳو ڏنڊو کڄڻ وارو آهي پر انهن جي تاريخي طور تي مليا ميٽ ٿيندي اهڙي طرح سان هاڻي کان ئي گينگ وار سميت دهشتگردن پيپلزپارٽي جي عهديدارن ۽ وزيرن خلاف ڪاررواين ڪري رهيا آهن جنهن جو تازو مثال صوبائي وزير جاويد ناگوري جي ڀاءُ جو قتل پڻ آهي.

اهڙي صورتحال بعد اهو محسوس ٿئي پيو ته مستقبل ۾ لياري جي مافيائن ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ سخت ٽڪر ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي، جنهن جو ذڪر سڙٻاٽن ۾ لياري واسي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهڙو اشارو طاقتور ڌرين  پاران پڻ ڪيترائي دفعا ڏنو ويو آهي، جنهن تحت لياري ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير معمولي سرگرمين کي پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو. پيپلزپارٽي جي قيادت گينگ وار ۽ دهشتگردن جي خاتمي ۾ جيڪڏهن پيپلزپارٽي حڪومت ڪامياب ٿئي ٿي ۽ لياري کي هڪ دفعو ٻيهر ڪاروباري مرڪز بڻائڻ واريون رونقون واپس ڏياريون وڃن ٿيون ته يقينن پر امن لياري بڻجڻ جا نه رڳو لياري پر سموري سنڌ ۾ ان جا بهتر اثر ظاهر ٿيڻ لڳندا ۽ ماضي جو لياري دنيا اندر ڪاروباري مرڪز طور سڃاتو ويندو هيو، ڇاڪاڻ ته سمنڊ ڪناري جي ويجهو هجڻ سبب ڪراچي کي ماهي گيرن ئي آباد ڪيو هيو ۽ اهڙي قصي ۾ مورڙي جو واضع ڪردار موجود آهي، ماضي ۾لياري  هٿ جي هنر، مڇي جي عالمي ڪاروبار جو مرڪز رهيو آهي ۽ سموري ملڪ جي علائقن مان ڪاروبار ڪندڙ واپاري لياري ۾ ئي ترسندا هئا ۽ پنهنجا ٿڪ اچي لياري ۾ ڀڃندا هئا.لياري واسين کي جيتوڻيڪ ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊيل ايم پي ايزتوڙي ايم اين ايز سميت ممنصب تي ويٺل وزيرن کان هميشه اها شڪايت رهندي آئي آهي ته اهي پنهنجي ووٽرن کي سڃاڻن ئي نه ٿا، جڏهن ته لياري کان سواءِ خود لاڙڪاڻي جي مختلف چونڊ تڪن جي ووٽرن کي به ساڳئي قسم جي شڪايت آهي پر جيئن ته وري به ووٽر شهيد ڀٽو سان پيار ڪندڙ آهن تنهن ڪري اهي پيپلزپارٽي جي اهڙين شڪايتون ته رڪارڊ تي آڻي سگهن ٿا پر اهڙين شڪايتن جي ازالي لاءِ پيپلز پارٽي کي ڪنهن به ممڪن نقصان پهچڻ واري سوچ کان عاري آهن. ان ڪري آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري توڙي فريال ٽالپر سميت پيپلزپارٽي جي سمورن چونڊيل ميمبرن کي گهرجي ته اهي پيپلزپارٽي جي ووٽرن جي سار لهندي سندن ڏکن سورن ۾ گڏ هجڻ واري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي روايت کي برقرار رکن، جنهن سان پارٽي ۾ ويڇا پيدا ٿيڻ بجاءِ ووٽرن ۾ پنهنجائپ جو احساس پيدا ٿيندو، جنهن سان ئي پيپلزپارٽي جي بقا جو سوال موجود آهي.پيپلزپارٽي جي ڪري لياري جي هزارين ماڻهن مختلف جيلن جون عقوبتون سٺيون آهن، سوين جيالن توڙي ماڻهن مارشلائي حڪومتن ۾ ڪوڙا، ڦٽڪا کائڻ سميت هر قسم جي ذهني توڙي جسماني اذيتون سهندي وري به جيئي ڀٽو جهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي اهو ثابت ڪيو آهي ته لياري واسي به پيپلزپارٽي جي جانباز جيالن کان ڪنهن به ريت پوئتي هٽڻ وارا ناهن، جنهن جو ذڪر خود آصف علي زرداري ڪيو آهي، انهن جي خاندانن کي آصف علي زرداري انهن کي جلسه گاهه ۾ گهرائي انهن کي نه رڳو عزت ڏني وئي پر انهن جي داد رسي به ڪئي وئي، جنهن سان يقينن پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ جيالن جا حوصله مظبوط ٿيا هوندا ۽ پيپلزپارٽي جي وچئين قيادت کان ناراض ڪارڪنن ۽ پيپلزپارٽي جي ووٽ بئنڪ جا مرڪزي ڪردار ووٽر آصف علي زرداري جي لياري ۾ ڪارڪنن سان پيش بهتر انداز ۾ ملڻ ۽ پنهنجائپ مان ڪيتريون ئي وري اميدون ۽ آسون لڳائيندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري” روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ جي ڇانوَ هيٺ وري ڳچ عرصي لاءِ هڪ ڀيرو وري جيئڻ جو دڳ لڀي ويو، جنهن کي پارٽي جا ڪارڪن ڳولهي رهيا هئا.

ڪڪري گرائونڊ ۾ جلسه گاهه ۾ڪارڪن ۽ جيالا جهڙي طرح سان پيپلزپارٽي جي قائدين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي نظير ڀٽو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، اتي پارٽي ڪارڪن سڙٻاٽن ۾ جتي پيپلزپارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري مٿان اعتماد جو اظهارڪري رهيا هئا ته اتي وري چونڊيل نمائندن، پارٽي جي ضلعي عهديدارن جي ناانصافين جون به دانهون ڪري رهيا هئا، اهڙي صورتحال ۾ آصف علي زرداري کي ڪارڪنن جي سڙٻاٽن وسيلي ڪيل احتجاجن تي به ڏيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن پيپلزپارٽيءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ لياري واسين سميت ملڪ جي جيالن توڙي ووٽرن کي لاڀ حاصل ٿي  سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *