لاڙجو عوام دوست عظيم جاکوڙي ڪردارخانبهادرميرغلام محمد ٽالپر..!:جاويد احمد چانڊيو

 

وادي مهراڻ سنڌ کي صدين کان وٺي اهو همشه اعزار رهيو آهي ته هر دور ۾ سنڌ ۾ حلالي هڏڏوکي عوام دوست اوليائن عالمن بزرگن صوفين ڏاهن عوامي جاکوڙي ڪردارن کي جنم ڏنو آهي جيڪي يادگار تاريخ جو حصو بڻجي ويا انهن عظيم جاکوڙي عوام دوست ڪردارن جي عظيم ڪارنامن کي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ محظوظ ڪيو ويو آهي سنڌ جو علائقو بدين (لاڙ) به جنهن کي سڏيو ويندو آهي لاڙجي عظيم ڪردارن سنڌ جو شان مان اچو رکيو آهي اهڙن عظيم ڪردارن جن پوري حياتي غريب اٻوجهه مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪندي گذاري بهادري انصاف سخاوت عوام دوستي محبتن جا رشتا هميشه عوام سان هر وقت برقرار رکيا غريب مسڪين اٻوجهه ماروئڙن لاءِ هر وقت حويلن جا درکولي ۽ پنهنجي دل به ڪشادي ڪئي غريب مسڪين ماڻهن جاساٿي ۽ ڀرجهلا ٿي رهيا سي صدين گذري وڃڻ کان پوءِ به نه ٿا وسري سگهن لاڙ جي پٺ تي پيل پسمانده علائقي سان تعلق رکندڙ جيڪو اڳتي هلي سنڌ لاءِ وڏوفخر اعزاز بڻيو راڄ جو راڻو محبتن جو سفير ايڪي اتحاد ڀائيچاري جي علامت خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور لاڙجي تاريخي شهر ٽنڊوڀاگو1876ع ۾ خانبهادرمير محمد ٽالپور جي گهر ۾ اک کولي سنڌ جي ٻين شهرن جيان ٽنڊوڀاگو به ميرن جو شهر ڪري سڏبو آهي ڇاڪاڻ ته شهر ٽنڊو ڀاگوجو باني مير ڀاگو خان ٽالپور آهن جنهن جي ڪري هي شهر به انهي نالي سان سڏيو ويندو آهي والدين جو پيارو سڪيلڌوپيار نازن سان پاليل سڀ ڪنهن جو مٿس محبتن ۽پيار ڀريو رشتو هو خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور خانداني جاگيدارهو مولاجو سب ڪجهه ڏنل هو ڪنهن به شي جي ڪمي نه هئي خوشحالي سان گڏ خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور مشڪلاتن ۽ ڏکن وارو زمانو به ڏٺو جيڪو ڊگهو تفصيل آهي هر حال ۾ شڪر همٿ بهادري سان هر حالات جو ڀرپور مقابلو ڪيو جاگيردار گهراڻي سان تعلق هجڻ جي با وجود به خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور ڪڏهن روايتي جاگيرداراڻي سوچ کي نه اپنايو هن سڄي ڄمارسادگي شرافت اصول انصاف دينداري عوام دوستي ۾ گذاري.

هو لاڙجي غريب اٻوجهه مسڪين ماڻهن جو وڏوڇپر ڇانو۽ سهارو هو، هن هميشه غريب عوام جي دل سان بنا ڪنهن فرق جي بي لوث خدمت جاري رکي سڄي سنڌ کان مختلف علائقن کان وڏا سفر ڪري اچي عوام خانبهادر مير غلام محمد ٽالپوروٽ اچي گڏ ٿيندي هئي ۽ خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور جن جي خدمت ۾  پنهنجا ڏک درد ۽ مسئلا رکندي هئي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور هر ڪنهن ماڻهون کي وڏي غور سان ٻڌنڌو هو۽ عوام جا مسئلابه ويهي حل ڪندو هو هو عوام جي خدمت کي عبادت سمجهندو هو سنڌ ۾ اڳوڻي وقتن ۾ تعليم نه هجڻ برابر هئي اميرن سرندي وارن جا ٻار اسڪولن ۾ پڙهي سگهندا هئا تعليم پرائڻ لاءِ ولايتن جا سفر ڪيا ويندا هئاغربت مسڪيني حال آمد روزگار جا وسيلا نه هجڻ ڪري غريب عوام جو اولاد تعليم لاءِ پريشان رهندو هو غريبن جو اولاد تعليم جهڙي زيور کان اڪثر محروم رهندو هو رڳو دولت مند ماڻهون پنهنجي اولادکي تعليم جهڙي زيور سان نوازيندا هئا تعليم هر انسان جو بنيادي حق به آهي تعليم کان سواءِ انسان هڪ انڌي جي مثل هوندو آهي دنيا جي ڪنهن به عظيم مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ  تعليم جو هجڻ نهايت ضروري هوندو آهي تعليم کان بغيرترقي خوشحالي ناممڪن هوندي آهي تعليم وارو ماڻهون دنياجي هر منزل آساني سان طئي ڪري سگهي ٿو تاريخ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي عظيم ڪردار ٿي گذريا آهن جن عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات پتوڙيوعوام کي ترقي خوشحالي ۽ جهالت جي اندهيرن مان ڪڍڻ لاءِ تعليم جي سوچ ۽ عوام جي بهتري لاءِ هنن وسون نه گهٽايو اهڙن عظيم ڪمن ۾ هٿ وڌو جيڪي انهي وقت ۾ مشڪل ۽ ناممڪن هئا،تنهن هوندي به پنهنجي سر تي وڏيون مشڪلاتون تڪليفون آڻي ايندڙ نسلن لاءِ علم جو بنياد وڌو ۽ علم جو ڏيئو روشن رکيو.

جس هجي اهڙن ڪردارن کي عوام تي انهن جا احسان آهن سچ ۽ حقيقت کي ڏسي به اگر تسليم نه ڪيو وڃي ته اها ننڍڙي سوچ هوندي جيئن 19صدي جي آخر ۾ ڪراچي ۾ خانبهادر حسن علي آفندي پاران سنڌ مدرسته الاسلام جو بنياد وڌو ويو سرسيد علي ڳڙهه اسڪول ۽ علي ڳڙهه يونورسٽي جو بنياد وڌو نوشهروفيروز ۾ وري سيد الهندي شاهه پاران نوشهري فيروز ۾ مدرسو اسڪول قائم ڪري ورتو،حيدرآباد ۾ ميان نور محمد لاکير جن هائي اسڪول جو بنياد وڌو جيڪو ان جي نالي سان هن وقت به قائم آهي اهڙي طرح خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور به لاڙ جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي خانصاحب مير غلام محمد ٽالپور جن کي 1909ع ۾ جاگير ملي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور کي اها جاگير خانداني ورثي ۾ ملي هئي هن کان اڳ خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور جن جي جاگير حڪومتي قبضي هيٺ رهي خانداني نواب هجڻ ڪري هن جي طبيعت ڪڏهن به روايتي جاگيردارن جيان نه رهي درويش خدائي فقير طبيعت جو مالڪ هو سچائي شرافت ايمانداري انصاف اصول سخاوت عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت هن جي معمول مطابق هلندي رهي.

1920ع لاڙ جي شهر ٽنڊو ڀاگو ۾ محمد صديق مسافر جي ساٿ سان انگريزي اسڪول جو بنياد وڌوجيڪو اڳتي هلي ڪري1923 ع لارينس مدرسي جي نالي سان مشهور ٿيو بهترين ڪارڪردگي ڪري وري اڳتي هلي 1924ع ۾ انهي اسڪول ۾ بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌو ويو ،غريب مسڪين عوام لاءِ اها وڏي خوشخبري هئي ته تعليم مفت شاگردن جي رهائش کاڌ خوراڪ اسڪالر شپ ڏنيون وينديون خانبهادر مير غلام محمدٽالپر ڪيترن غريبن يتيمن ٻارن۽ بيوه عورتن جي گهر جي ڪفالت به ڪئي    خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور پنهنجي ذاتي خرچ تي علامه عمر بن دائود پوٽو ،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزيرمير بنده علي ٽالپورقادربخش خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن کي پرڏيهه مان اسڪالر شپ پنهنجي خرچ تي ڏياري خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور کي نياڻين جي تعليم جو به وڏو فڪر رهندو هو  اڳوڻي وقتن ۾ نياڻين جا اسڪول به نه هجڻ برابر هئا سنڌ جو اڪثر نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم رهنديون هيون خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول جو بنياد وڌو ته جيئن لاڙ جون نياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن ڇوته تعليم عام هوندي ته ترقي خوشحالي جا باب کلندا آهن جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم جو هجڻ لازم قرار ڏنو ويو آهي ،خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور23 19 ع ۾ ٽنڍو ڀاگو ۾غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن لاءِ خيراتي دواخانو قائم به ڪيو جتي هر وقت غريب بي پهچ مسڪين ماڻهن جو علاج مفت ڪيو ويندو هو جتي هر مرض جون دوائون به مفت ڏنيون وينديون هيون.

خانبهادر مير غلام محمد تالپور جن جا جوڙايل عظيم الشان مسجد مسافر خانو  مهانن لاءِ لنگر خانو ۽ ٻيا ڪيترائي عظيم يادگار ڪارناماسرانجام ڏنا آهن خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور لاڙجي غربت مفلسي تنگدستي کان مڪمل طور واقف هو غربت مفلسي لاڙ جو مقدر بڻيل هئي ،خانبهادر مير غلام محمدٽالپور جو عزم خواب هو ته لاڙ جو عوام هميشه سکيو ستائبو ۽ تعليم جهڙي زيور سان نوازيل هجي غريب مسڪين ماڻهن جو دل ۾احساس رکڻ رکڻ وارو عظيم ڪردار جنهن سخاوت ۾ ڪڏهن به پنهنجو هٿ نه روڪيو هو، هو لٽائيندڙ سخي هو جهن عوام سان هر وقت پنهنجو پاڻ ملهايو لاڙ جي عوام لاءِحقيقتن مسيحا وارو روپ ثابت ٿيو خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور12فيبروري1932ع ۾ هن فاني دنيا کان هميشه موڪلاڻي ڪئي، مگرهن جو غريب عوام لاءِ خدمتون هن وقت تائين وسري نه سگهيون آهن سنڌ جو عوام خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿو سچ ۽ حقيقت به اها آهي ته خانبهادر مير غلام محمد ٽالپور جو ڪردار ۽ ملڪ ۽ عوام جي ترقي خوشحالي ۽ مشعل راهه پڻ آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *