قوم سان خطاب جو شوق پورو ٿيو…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان صاحب بني گالا اندر قوم کي خطاب ڪرڻ وارو شوق آخر پورو ڪري ڇڏيو.ان ڪري آئون وفاقي وزير اطلاعات پرويز رشيد جي انهي موقف کان اتفاق نه ٿو رکان ته قوم کي خطاب ڪرڻ جو حق پي ٽي وي تي صرف ۽ صرف صدر ۽ وزيراعظم جو آهي.جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته اهو حق انهي  حمڪران کي حاصل آهي جيڪو ڏنڊي جي زور تي  حڪومت ڪري ڄاڻي ٿو.جڏهن ته اهو سڀني جو سامهون آهي ته هتي ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪندڙ آمريت  به اهو حق استعمال ڪندي رهي آهي.جڏهن ته اهو حق جيڪڏهن ڪنهن سياسي جماعت جي اڳواڻ پنهنجي قانون جي دائري ۾ رهندي جيڪڏهن حاصل ڪري. ته مان سمجهان ٿو ته انهي ۾ ڪا قيامت نه اچي ويندي.جڏهن ته پي ٽي وي ن ليگ جي قائم ڪيل اسٽيشن ناهي جو انهي تي حق صرف ن ليگ جو ئي آهي.جڏهن ته اها ٻئي ڳالهه آهي ته اهڙي ٽي وي چيئنل تي ويهي قوم سان خطاب ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف قوم کي سبق ڏيارڻ هوندي آهي ته خطاب ڪندڙ شخص انهي قوم سان ڪيترو سچو آهي ۽ سندس دل اندر قوم لاءِ ڪيتري سچائي آهي،هو دل اندر قوم جو درد رکندڙ آهي.۽ قوم جي هر ڏک غم ۾ هو سندس مدد ڪرڻ لاءِ هر قدم اڳتي هوندو.پر ڏسجي ته پاڪستان اندر اها سوچ هاڻي بلڪل به نه رهي آهي.

حڪمرانن کان واعداه وسريون وڃن ته عوام پنهنجا ڏک درد هميشه پاڻ سان گڏ کڻي گهمندي رهندي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان صاحب به قوم سان خطاب ڪيو پر ڏسجي ته سندس خطاب اندر ڪا به اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن مان قوم جي ڪو سبق ملي.عمران خان صاحب وٽ ته اهي پراڻيون ڳالهيون هنيون جيڪي قوم اسلام آباد اندر لڳل ڌرڻن اندر پنهنجي اکين سان ڏسي چڪي هئي.يعني اهي پراڻيون اليڪشن اندر ڌانڌلين واريون ڳالهيون.جڏهن ته انکان پهرين هو انهي ڌاندلين کي وٺي ڪري وزيراعطم کان استيفيءِ جو مطالبو به ڪري چڪو آهي.جڏهن ته اهڙا بيان عمران خان صاحب ۽ سندس ساٿي ملڪ اندر ٿيندڙ هر دهشگردي جي واقعن کان پوءِ به ڏيندا رهندا آهن.جڏهن ته ان دفعي عمران خان صاحب پنهنجي بيان ۾ تبديلي آڻيندي پامانا ليڪس جي جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته ميان صاحب پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي ويٺو آهي،ان ڪري کيس استيفيءَ ڏيڻ گهرجي.عمران خان صاحب چيو ته ميان نواز شريف ڪڏهن ڪنهن بکئي سان پڇا ڪئي ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيندا آهن ته انهي بکئي شخص جواب ڏنو ته صرف چار مانيون.جڏهن ته انهي قوم جي خطاب ڪندي صرف عمران خان صاحب انهي پوڙهي جو مثال به ڏنو جڏهن ته عمران خان صاحب انهي چار مانين واري جواب کي وٺي ڪري هر خطاب اندر وزيراعظم جي استيفيءَ جو مطالبو ڪندو آيو آهي.جڏهن ته ميان نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر تحقيقاتي ڪميشن جوڙي ڪري جيڪو پتو هن وقت اڇلايو آهي.اهڙي راند هو عمران خان سان پهرين به ڪري چڪو آهي.جڏهن ته عمران خان صاحب جي اها ضد هئي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تي مشتلمل تحقيقاتي ڪميشن  جڙي پر اتي ن ليگ حڪومت هڪ درست موقف اختيار ڪيو ته عوام کيس اقتدار جي پنج  سالن چونڊيو آهي.۽ انهي دوران جيڪڏهن انهي خلاف کين ڪو مسئلو پيش اچي ٿو ته هو عدالتن کان رجوع ڪري سگهن ٿا. پر مينڊيٽ جي نفي نه ٿا ڪري سگهن.

ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ جي سابق جج تي مشتمل هڪ تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ته ڪيو پر ٻئي طرف ڪو به جج چاهي اهو سابق ئي ڇو نه هجي پر سياستدانن جي وچ ۾ پنهنجي عزت جو جي نيلامي ڪڏهن به نه چاهيندو.جيڪڏهن عمران خان جي ساٿين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي تسليم ڪندي گذريل اليڪشن اندر ڌاندلين جي الزامن کي واپس ورتو هجي ها ته انهن کي قوم سان گڏ لڳايل ڌرڻڻ جي به معافي وٺڻي پوي  ها.ان ڪري ڇا ڪو جج اهو رسڪ کڻي ها.؟جڏهن ته اهو ديوار تي لکيو پيو آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿي ڪهڙي به صورت ۾ ڌاندلين جي لڳايل الزامن کي واپس نه وٺندا.جڏهن ته عمران خان بار بار جوڊيشن ڪيمشن جي ڳالهه ڪندو آهي.انهي مان اها ڳالهه ته واضع ۽ صاف ظاهر آهي ته اها پارليامينٽ جي وجود ڪرادر جي نفي ٿي ڪري.پر ٻئي طرف مونکي معذرت سان چوڻو ٿو پوي ته وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ سندس ساٿي به پارليامينٽ ان جي قوت ۽ ان جي فيصلن تي ڪجهه گهڻو يقين نه ٿا رکن.جڏهن ته هي اهو پارليامينٽ آهي جتي متحد ٿي عمران خان جي ڌرڻڻ کي ناڪام بڻايو ويو هو.جن قوتون آئيني،جهموري،۽ پارليامينٽي،بنيادن تي وزيراعظم ميان نواز شريف جو ساٿ ڏنو هو.انهن رائيونڊ جي ياترا ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه سمجهيو هو.جڏهن ته سندن ڳلن کي دٻايو پئي ويو ان وقت ايوان اندر وزيراعظم ميان نواز شريف هڪ طوطي جيان نظرون ڦيرايون هنيون.نواز شريف آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.جڏهن ته هو انهي مامعلن کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪرادار ادا ڪري ٿي سگهيو.اقتدار جي خاطر پنهنجو وزن اسٽيبلشمينٽ جي سائمي ۾ وجهڻ هڪ وقتي مفاداتي فيصلي کان اعلاو هڪ ٻيو اندازو اهو به آهي.! جڏهن ته ميان نواز شريف جي اصل طاقت پارليامينٽ هجڻ گهرجي ها.پر افسوس جو هو  ٻيهر پارليامينٽ کي مسلسل نطراندار ڪري رهيو آهي .جڏهن ته  اهو صاف ظاهر آهي جنهن جي شايد عمران خان کي به خبر نه هجي پر عمران خان کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته سندس مدد صرف ۽ صرف سپريم ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي

a.پامانا ليڪس جي تحقيقات واقعي هڪ مشقل امر آهي.جنهن اندر فزانزڪ تجربن کان وٺي تمام گهڻا ٻيا معاملا ڏسڻ جي ضروت پوندي.مونکي پورو يقين آهي ته عمران خان ۽ انجا ساٿي زبان ڪلامي الزام لڳائڻ کان سواءِ ڪي  به ثبوت مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا.۽ ٻئي طرف تحقيقاتي ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس اندر وزيراعظم ناهي بلڪه سڀ جا سڀ سياستدان ۽  سياستدانن،ججن،صعنتڪارن،۽ ڪمپنين جا معاملا شامل ڪيا ويا آهن.جڏهن ته اها به ڳالهه واضع آهي ته ان اندر شوڪت خانم اسپتال وارو معاملو ضرور ڌڪيو ويو هوندو.جڏهن ته ائين نه ٿي جو عمران خان کي پنهنجي ڳالهه ڳچي ۾ پئجي وڃي.نواز شريف عمران خان جي اصرار تي پهرين جيڪا تحقيقاتي ڪميشن جوڙي هئي اها خد ميان صاحب جي غلطي هئي.عمران خان ڪنهن جو مشورو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ڇو ته عمران خان مشورن جي موسم کي نه ٿو سڃاڻي.جڏهن ته ڳالهه ميان  نواز شريف جي باري ۾ به ڪري سگهجي ٿي پر ٻنهي ۾ اندر هڪ فرق ضرور آهي.ڇو ته عمران خان نه ڪنهن جي ٻڌند آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي صلاح وٺندو آهي.پر اتي ميان صاحب ضرور سياست اندر ڪجهه ماڻهن جي ضرور ٻڌندو آهي.پر اهين هاڻ نه ٿي جو ميان صاحب به عمران واري طعبيت جو مالڪ بڻجي وڃِي.عمران خان اهو چئي رهيو آهي ته هو رائيونڊ اندر شريف ڀائرن جي گهرن تي گهيراءُ ڪندو.جڏهن ته اسانجي معاشري اندر باقي اها تهذيب رهيل آهي.جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته ويڙه ڪيتري به وڏي هجي پر ڪنهن جي گهر تائين وڃڻ نه گهرجي.ان ڪري عمران خان کي سياسي لڙائي سياسي ميدان ۾ ڪرڻ گهرجي..

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *