قومي اپريل فول؛نذير ناجي

پهرين اپريل تي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي آزادي هوندي آهي.انهن ماڻهن کي ڇڏيو جيڪي سال جا365 ڏينهن ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ ۾ رڌل رهن ٿا ۽ جيڪي سادا طبيت ماڻهو سال ۾ هڪ ڏينهن جيڪڏهن ننڍڙي ڪا ٺڳي ۽ ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي دل وندرائين ٿا ته اتي پنهنجي تهذيب،سان گڏوگڏ عقيدت جا سوال به ڪر کڻي بيهي رهن ٿا ۽ نصيحتون ڪيون وينديون آهن ته پهرين اپريل ته انگريزن جي رسم آهي، ان جو اسان جي تهذيب سان ڪو به واسطو ناهي.اها رسماسان جي عقيدن جي به خلاف آهي .اهڙن ماڻهن کان پڇڻ گهرجي ته توهان جيڪي سال جا 365 ڏينهن ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ ۾ گذاريو ٿا اهي ڪهڙي تهذيب،ريتن ۽ رسمن مطابق آهن ۽ اهي ڪهڙا عقيدا آهن جيڪي جائز به آهن؟توهان ڪنهن به بازار ۾ وڃي ڪنهن به شيءَ جي قيمت معلوم ڪريو رڳو ڏهن دڪانن تي وڃو هر دڪان واري جي قيمت مختلف هوندي.ان کان وڏو اپريل فول ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن توهان ڪنهن به ٻاهرين ملڪ جي ڪنهن ڪمپنيءَ عجي ڪا شيءَ وٺو ته پوري بازار ته ڇا پر پوري شهر ۾ قيمت ساڳي هوندي.مقامي ڪمپنين جا جوس ،پاڻي، ڪولڊ رنڪس،وٺو ته هر ڪمپنيءَ جون قيمتون مختلف هونديون.پر ڪنهن وڏي ٻاهرين ملڪ جي ڪمپنيءَ جي جيڪڏهن پاڻيءَ جي بوتل به وٺندو ته سڄي ملڪ۾ قيمت هڪ ئي هوندي.اپريل فول، سال ۾ رڳو هڪ ڀيرو نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ملهائين ٿا؟ يا پورو سال ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪاروباري ماڻهو؟ سڀني کان وڌيڪ اپريل فول ملهائڻ وارو ڪم اسان جا حڪمران ۽ سياستدان ڪندا آهن.جڏهن ڪووزير ٻن ٽن مهينن ۾ توهان جا مسئلا حل ڪرڻ جا وعدا ڪندو آهي ته اهو توهان کي پهرين اپريل نه هوندي به اپريل فول بڻائي رهيو هوندو آهي.تيل ۽ ڊيزل جو وڪرو به حڪومت وٽ آهي اها هر مهيني جي پهرين تاريخ تي اپريل فول جيان ملهائيندي آهي.پوري دنيا ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن ۽ اسان جي حڪومت وڌائي رهي آهي ۽ جڏهن اهي وڌن ٿيون ته پوءِ وڌنديون ئي رهن ٿيون.جڏهن چونڊن جو مرهلو ايندو آهي ته اسانجون سياسي پارٽيون ۽ سمورا اميدوار عوام کي اپريل فول بڻائڻ شروع ڪندا آهن ۽ هڪ جي مٿان ٻيو ڪوڙ گهڙي توهان کان واهه واهه وٺندا آهن.جيڪا پارٽي سڀ کان وڌيڪ اپريلفول بڻائيندي آهي سڀني کان وڌيڪ ووٽ ان کي ئي ملندا آهن.ان ئي اعتبار تي اسان جي عوام اپريل فول ياگاسپ،ٺڳين جي گهڻي قدردان آهي.هر جلسي ۾(ن) ليگ جي اڳواڻن هڪ ئي ڪوڙ کي مختلف طريقن سان ورجايو.هڪ جلسي ۾ چيو ويوته اسان لوڊشيڊنگ 6مهينن ۾ ختم ڪنداسين ٻئي جلسي ۾ اهو ئي وقت وڌي ٽي سال ٿي ويو.مختلف وقتن جو هڪ ئي واعدو ساڳئي ئي وقت ٽي وي تي به ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ويندو هو.سڄي ملڪ جا ماڻهو ان کي هڪ وقت گڏ ڏسندا ۽ ٻڌندا هئا۽ اعتبار ڪندا هئا.جيڪڏهن مان ايئن چوان ته غلط نه ٿيندو ته اسان جي سياسي ۽ سرڪاري زندگيءَ ۾ اپريل فول مشهور مشغلو آهي.انهن شعبن ۾جيتري سنجيدگي سان اپريل فول ملهايو ويندو آهي، انگريز اهڙي طرح نه ملهائيندا آهن.انهن ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ سال۾رڳو هڪ ڏينهن چونڊيو آهي ۽ ان ڏينهن دل کولي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. باقي سڄو سال ڪوڙ کان ڪنهن حد تائين پاسو ڪندا آهن. اسان سڄو سال ڪوڙ ڳالهائيندا آهيون، پر جڏهن پهرين اپريل تي ڪوڙ ڳالهائيندا آهيون ته ان تي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان وڏا اعتراض  ۽ سوال اٿندا آهن ته اها ته انگريزن جي روايت آهي مطلب سڄو سال ڪوڙ ڳالهائڻ ٺيڪ آهي پر ڪوڙ لاءِ ڪو هڪ ڏينهن چونڊ ڪرڻ، ڌارين جي روايت آهي.اسان جي زندگين مان سچ کي ايڏي ته بي رحمي سان ٿڏي ڦٽو ڪيو ويو آهي جو سچ ڳالهائيندڙ کي ڪجهه ئي وقت۾ معاشري کان ئي ٻاهر ڪڍيو ويندوآهي.

مثال طور: جڏهن ڪو کير وارو توهان کي اهو ٻڌائي ته  هن کير ۾ هيترو پاڻي ملايوآهي ته ان جو ڇا حال ٿيندو؟ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان کان کير وٺڻ بند ڪيوويندو.چپلون وڪڻندڙ جيڪڏهن توهان کي اهو ٻڌائي ته هن چپل جي تري ۾ چمڙو نه پر گتو لڳايوآهي ته ٻن ڏينهن ۾ هو بيڪار ٿي گهر ويهي رهندو.اپريل فول جي ڊرامي ٺاهڻ لاءِ وڏي ذهانت جي ضرورت  هوندي آهي پر ملاوٽ ۽ ڪاروباري دوکي جي لاءِ بيحس ۽ پٿر دل هجڻ ڪافي آهي.ان جو تازو مثال ڳئون ۽ مينهن جو گوشت کائيندڙن کي گڏهه جو گوشت کارائڻ آهي.اڄ ڪلهه گهڻو ڪري اخبارن ۾اهڙيون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون.پهرين اپريل  تي ته رڳو ٻين کي بيوقوف ٺاهي کل ڀوڳ وارو ڪم ڪيو ويندو آهي.پر گڏهه جو گوشت کارائڻ وارا ته گڏهه کي گڏهه بڻائيندا آهن.جيڪو ماڻهو گڏهه جوگوشت مينهن جو گوشت سمجهي وٺي ٿو، اهو گڏهه ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ۽ جنهن کي گڏهه جو گوشت کائڻ کانپوءِ به خبر نٿي پوي ته هن ڪنهن جو گوشت کاڌو.ان کي مان ڇا چوان؟ گڏهه جو به پيءُ!. ۽ جيڪو هي اسان چونڊن وارن ڏينهن ۾ ووٽ وجهڻ ويندا آهيون، ڇا اها حقيقت ناهي ته گهڻا ووٽ گڏهه کي ئي ملندا آهن؟اهي ئي وڏي انگ ۾ ڪامياب به ٿيندا آهن.اهي ئي حڪومت ٺاهيندا آهن ۽ جيترو وقت حڪومت ۾ هوندا آهن اسان کي گڏهه بڻائيندا رهندا آهن.سچ ٻڌايو ڇا ووٽ ڏيڻ مهل اسان اها پڪ ڪندا آهيون ته اهو اميدوار حڪومت ۾ ايندي ئي اسان جا مسئلا حل ڪندو؟ پر جيئن ئي مختلف پارٽين جا اميدوار ڪامياب ٿي  هڪ پارٽي ۾ پهچندا آهن ته پوءِ پنهنجي اقتدار جو پورو وقت اسان کي اپريل فول بڻائيندا رهندا آهن.گهڻو وقت نه ٿيو آهي جو هڪ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي. عوام وڏي جوش ۽ جذبي سان مظاهرا شروع ڪيا،پارليامينٽ ۾ جيڪي ماڻهو اقتدار ۾ يااقتدار جي مخالفت ۾ ورهايا ويٺا هئا، ڏسندي ئي ڏسندي انهن پنهنجا سمورا ليبل لاٿا. عوام لاءِ اهو سڃاڻڻ ڏکيو ٿي پيو ته ڪير اقتدار جي حمايت ۾ ۽ ڪير مخالفت ۾ ڳالهائي رهيو آهي.سڀ هڪ ئي ڳالهه چئي رهيا هئا ته پارليامينٽ تي ڪک به نه سهنداسين نه ئي ڪنهن کي اڱر کڻڻ ڏينداسين.مطلب ته اقتدار جي حمايت ۽ اقتدار جي مخالفت ۾ ڳالهايندڙ سڀ ڊرامي باز هئا اهو سڀ ناٽڪ هو؟حقيقت ۾ سڀ هڪ آهن.هڪ ٻئي جي خلاف تقريرون ڪري عوام کي ڏٽا ڏنا ويا.جيئن ئي وقت آيو ملاوٽ ڪرڻ وارن کير وارن ۽ گڏهه جو گوشت وڪرو ڪندڙن جيان سڀ هڪ ٿي ويا ۽ عوام لاءِ ڪا ٻي راهه ئي نه ڇڏي وئي.سڀني ملي ڪري عوام کي اپريل فول بڻايو. انهن ڏينهن ۾ هر ڏينهن اسان لاءِ اپريل فول هو ۽ ڪوڙ وارو اپريل فول به نه بلڪي قومي اپريل فول.اڄ پهرين اپريل آهي ۽ اسان کي اپريل فول بڻائڻ لاءِحڪومت ايترو وڏو  وار ڪيو آ جو شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي حڪومت  پنهنجي عوام کي ايترو بيوقوف بڻايو هجي، جيئن اسان اڄ بڻجنداسين.اسان کي قطر جي هيٺين سطح جي اها گئس ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جيڪا معيار جي حساب سان تمام گهڻي پوئتي پيل هوندي پر ان کي اسان دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾سڀ کان وڌيڪ قيمت ڏئي خريد ڪيو آهي. مون کي ان جي گهڻي  ڄاڻ ناهي پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٻيا ملڪ جيڪا گئس وٺن ٿا ان کي اتي ئي ريفائين ڪرائي ورتو ويندو آهي.جڏهن ته اسان اها گئس ساڳي حالت ۾  وٺنداسين ۽ هتي ان کي ريفائين ڪرائڻ جو خرچ ڀرينداسين.ان جو جيڪو به معيار هجي ان اعتبار سان چيو ته اهو پيو وڃي ته اسان 8ڊالر في يونٽ  وٺي رهيا آهيون پر جڏهن مرحلي مان گذاري ويندي ته ان جي قيمت 12 يا 13 ڊالر في يونٽ وڃي بچندي. ڇا اهو قومي اپريل فول ناهي؟ دنيا ۾ ڪوئلي جي ڪجهه وڏن ذخيرن مان هڪ اسان جو ملڪ به آهي.اسان انمان بجلي ٺاهڻ شروع ڪيون ته  ڪيترين ئي صدين تائين پنهنجي پيرن تي بيهي سگهون ٿا.اها ٽيڪنالاجي اسان وٽ موجود آهي ته زمين ۾ لڪيل ڪوئلي کي زمين جي اندر ئي ڪيميائي ٽريٽمينٽ ڏئي گئس ۾ مٽائي سگهون ٿا مطلب ته ڪوئل سڙڻ سان  جيڪا زهريلي آلودگي ڦهلجي ٿي اسان ان کان محفوظ رهنداسين.ان عمل ذريعي زمين مان ڪوئلو نه پر گئس ڪڍي ويندي.ان سان ڊيزل به بڻائي سگهجي ٿو ۽ بجلي به، پر اسان جون حڪومتون  ان تي پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.اهو اپريل فول ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟جڏهن ڪو ڪنهن نوجوان کي نصيحت ڪندو آهي ته اپريل فول ، انگريزن جي رسم آهي، اسان کي انهن جي نقل نه ڪرڻ گهرجي.جواب ۾ اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته توهان ته سال  جا 365 ڏينهن اپريل فول ملهائيندا آهيو، اسان جو هڪ اپريل فول به توهان کي ڏکيو ٿو لڳي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *