قلم ۽ ڪتاب اونداهي ۾ لاٽ ؛ شوڪت لوهار

                         اسان جو مسئلو اِهو آهي ته اسين ٻين جي شهرت تي سرها ٿيندا رهندا آهيون ۽ پنهنجي ڪاميابين تي ٻچي جيان ڪنڊ ۾ سڙندا رهندا آهيون. محرومين ۽ محڪومين جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل اسان جا ساهه ڪڏهن به آزاد ڪين رهيا آهن. اسين ڪڏهن به آزاد پنڇي جيان اُڏام ڪين ڀري آهي. مايوسين جي اٿاهه غفائن ۾ گذاريل اسان جو زندگيون، انهي اڏوهي لڳل ڪاٺ جيان ٿي پيون آهن، جيڪو چندن جو هجڻ جي باوجود به بي فائده آهي ۽ بي ثمر آهي.

                         بي راهه روي ۾ ڪٽيل اسان جون زندگيون اسان کان سوال ڪن ٿيون ته ڇا واقعي هي وجود بس انهي لائق هو ته ان کي هن ڪڌي سماج جي ٻرندڙ الن جي حوالي ڪري ڇڏجي؟ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٺاهيل ماڻهو جي حد بندين ۾ پاڻ کي ٽنگي ڦاهو کائي ڇڏڻ گهرجي.

ڇا بس اِها ئي زندگي آهي؟ بس انهي کي ئي حيات چئجي ٿو؟

                         علم روشني آهي. علم جو دڳ ماڻهو کي حيوان مان بدلائي ماڻهو ٺاهي ٿو، اهي ڪتابي ڳالهيون نه آهن پر زنده حقيقت آهن پر شرط اِها آهي ته اِها تعليم اِهو علم اِها ڄاڻ معياري هجي. اسان وٽ جهڙي ريت اسان جون زندگيون ڀوتارن کي تحفي ۾ ڏنيون وڃن ٿيون، تهڙي ريت اسان جي دلين کي منور ڪندڙ علم جو ڏيئو پڻ ڀوتان جي هٿ وس آهي. اهي ڀوتار هر روپ ۽ رنگ ۾ موجود آهن. اهي اڻ پڙهيا اڙٻنگ اڍنگا به آهن ته اهي پڙهيل ڳڙهيل ڊگري يافته پڻ آهن. ڇاڪاڻ ته جاهل هجڻ لاءِ ڪابه وصف مقرر ڪونه آهي، اسان وٽ کوڙ اهڙا مثال موجود آهن، جيڪي ڪو جاهل به نه ڪري سگهي، اِهي سڀ ڪم پڙهيل لکيل ماڻهن ئي ڪيا آهن.

دوا ۾ ملاوٽ ڪرڻ وارو ماڻهو پڙهيل هجي ٿو. ڪچو شراب وڪڻندڙ سرمائيدار پڙهڻ لکڻ ڄاڻي ٿو. مجرم کي ڦاهي کان بچائيندڙ رشوت خور وڪيل پڙهيل هجي ٿو. سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي پيٽ جي اندر ڪئنچيون ۽ فارسيب ڪپڙا ڇڏي ايندڙ ڊاڪٽر سڀ پڙهيل هجن ٿا. ادارن کي اسٽيٽ ايجنسيون بڻائي هلائيندڙ سڀ پڙهيل لکيل ئي هجن ٿا، اِهي سڀ ماڻهو اسان جي چوڌاري موجود آهن ۽ وڏي شوق ۽ ذوق سان پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن.

هر جڳهه خوش آمديد جا پوسٽر، خدمت جا هيترا سال سائين جن جي ٿورن سان هيئن ٿيو، هونئن ٿيو، نه ته ائين ممڪن ئي ڪونه هو وغيره وغيره.

ڪڏهن اوهان اِهو ڏٺو آهي ته مائڪرو سافٽ ڪمپني جي مالڪ بل گيٽس جي نالي اڳيان ائين لکيل هجي ”سردار بل گيٽس، نوابزاده بل گيٽس؟“ اوهان ٿورو تصور ڪيو. ايپل ڪمپني جي ايجاد ڪندڙ اسٽيو جابز لاءِ سردار زاده اسٽيو جابز، جنهن جا پوري عالم ۾ ايپل موبائل ۽ ڪمپيوٽر وڪامجن ٿا، انهي جي خدمت جا ڪي چرچا هجن.

خالي ٺڪائن ۽ خيالي پلائن مان ڪجهه به ڪين وري ٿو. هِڪ انگريزي چوڻي جيان ته ”ڄاڻ منهنجي جهالت ۾ اضافو ڪري ٿي.

“Knowledge increases my ignorance”

اسين جيڪڏهن واقعي اِها سٽ سمجهي وٺون ”وکر سو وهاءُ جو پئي پراڻو نه ٿئي“

زندگي ڪامياب ۽ پرسڪون بڻجي وڃي. اسين نه ڄاڻ اِهو ڇو سوچي ويٺا آهيون ته نوبل انعام صرف انگريزن کي ئي ملندا آهن، نوبل انعام حاصل ڪرڻ جي اسان ۾ صلاحيت ئي ڪانهي ڪا. اسان وٽ اِها ٿوم ئي ڪونهي، جيڪا ايڏي وڏي اعزاز تائين رسائي سگهي؟ اِها اسان کي پِٽ پيل آهي ته اسين خود سنائي ۽ احساس محرومي جي اهڙي ڪنهن بيماري جي ور چڙهيل آهيون جو ان جو علاج ٿيڻ ئي ناممڪن آهي.

ملاله يوسفزئي هِڪ سوات ڄائي پاڪستاني نينگري آهي، جنهن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو عالمي امن جو اعزاز نوبل انعام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ پاڙيسري ملڪ هندستان جي رهاڪو ڪيلاش ستيارٿي جي پڻ شموليت آهي. انهن ٻنهي کي گڏيل اعزاز سان نوازيو ويو آهي جو سندن ڪم علم لاءِ جدوجهد ۽ علم جو ڏيئو روشن رکڻ، انهي وقت ۾ جڏهن چوڌاري ٻاٽ هئي ته انهن ڪوشش ڪئي جيئن عام ماڻهو خاص طور ٻارڙن تائين تعليم جي رسائي ممڪن ٿي سگهي.

ملاله يوسفزئي سوات سان تعلق رکندڙ هِڪ پاڪستاني نياڻي آهي، جنهن کي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ڪوششون وٺڻ جي سلي عيوض امن جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي.

هي نينگري طالبان جي سختي وارن ڏينهن ۾ گل مڪئي جي نانءُ سان بي بي سي اردو تي ڊائري لکندي هئي، جنهن ۾ هوءَ طالبان جي ظلمن جي وکن کي پڌرو ڪندي هُئي ته ڪيئن نه طالبانن سندن اسڪولن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ فتوائون جاري ڪيون اٿن ته جيڪو به پڙهڻ ويندو، ان کي ماريو ويندو.

ملاله جي ڊائري/ بلاگس اِهو ڪم ڪيو جيڪو ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ ئي ڪو نه هو. ملاله يوسفزئي جي ڊائري تان مون کي جڳ مشهور ايني فرنيڪ جي ڊائري ياد اچي ٿي، جيڪا هن هولو ڪاسٽ وارن ڏينهن ۾ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي لکي هئي. ايني فرنيڪ ۽ سندس خاندان کي هڪ ڇت جي اندر رهڻو پيو هو، جتي روزانو نازي فوج جو ڇاپو لڳندو هو، جيڪي گهر اندر ڳولا ڪري هليا ويندا هئا ۽ ايني اهڙين ڪيفيتن کي پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪندي ويندي هئي.

جڏهن ملاله يوسفزئي کي طالبان هٿان مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هن کي برطانيه تائين پهچايو ويو، جتي سندس زندگي بچي وئي ۽ موت جي سوداگرن کي مايوسين جو منهن ڏسڻو پيو، پر ڀلو ٿئي اسان جي قوم جو جنهن کي جيڪڏهن چئبو ته يوڪرين ۾ ڪريل جهاز ملائيشيا جو جهاز ملاله يوسفزئي ڪيرايو آهي ته هو مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته بجاءِ ان جي جو منطق ۽ سوچ ويچار ڪرڻ اسين نانگ مان نوڙي ڪرڻ ڄاڻون ٿا.

هِن وقت جيئن ئي ملاله يوسفزئي کي امن جو نوبل انعام مليو آهي، اسان جا کوڙ اهڙا دانشور، عقل ڪل ۽ انتهاپسندين جي بلندين کان به بلند علامه فحامه بخار ۾ وٺجي ويا آهن ته ير اِهو ڪيئن ٿي ويو، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، اِهو انعام ملاله کي نه ملڻ گهرجي ها، بلڪه ڪنهن کي ملڻ گهرجي ها پر پاڪستاني کي نه ملڻ گهرجي. هينئر گهڻائي اهڙا عقل جا اڪابر ڪنڊ وٺي روئي رهيا آهن ۽ پنهنجي اندر جو ساڙ ۽ بغض سوشل ميڊيا تي ڪڍي رهيا آهن ته ملاله سي آءِ اي جي ايجنٽ آهي، ان ڪري ان کي نوبل انعام ڏنو ويو آهي. سنڌي ۾ هِڪ چوڻي مشهور آهي ته پُڄي پاڻ نه سگهان لک لنعت گوڏن تي يا انگور کٽا هئا! اسان ماڻهن جي عادت آهي ته اسان کان پنهنجي ئي ڌرتي ڄائي جي ايڏي وڏي شهرت ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهي؟ سو به هِڪ نينگري جي.

اسان وٽ جيتري قدر عورتن جي حالت ابتر آهي، مان سمجهان ٿو ته شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ائين هجي. وري تعليم جي حوالي سان صفا منڌيئڙو ڦريل آهي. ڇوڪرين جي تعليم جو ڊراپ آئوپ ڇوڪرن جي نسبت تمام گهڻو آهي. اول ته اسين نياڻي کي تعليم ڏيارڻ عيب سمجهون ٿا، جيڪڏهن تعليم ڏياريون به ٿا ته اِها نه هجڻ جيتري، جلدي ان کي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي کان گهر ويهاري ڇڏئون ٿا. اسان جي غيرت جا پئمانا پنهنجا ٺاهيل آهن. هتي اِهو ئي قانون هلندو آهي، جيڪو اسين چاهيون ٿا.

عورت صبح کان رات تائين صرف ۽ صرف خوف جي چادر ۾ ويڙهيل رهي ٿي، ان جي صلاحيت اجاگر ٿئي ته ڪيئن ٿئي؟ گهر کان نڪري ٿي ته خوف کي ساڻ ڪري نڪري ٿي، اسڪول ڪاليج يونيورسٽي تائين خوف ان جو پيڇو ڪو نه ٿو ڇڏي. هر دفعي ڪن اوباش ڇوڪرن جي ڪري عورت پڙهائي ڇڏي ڏئي ٿي، نوڪري ڇڏي ڏئي ٿي. ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو اسان ڪٿي ٻڌو هجي ڇوڪرين جي ڪري ڇوڪرن جي تعليم متاثر ٿي هجي. اسان جي ميڊيا ۾ روزانو اهڙيون خبرون هلن ڇپجن ٿيون، جن ۾ ڇوڪرين کي مارڻ، عورتن کي ڪارو ڪاري جي نالي ۾ ڪهڻ جو پنج ڏهه خبرون پڙهڻ هِڪ عام رواجي ڳالهه آهي، پر اُتي جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد کي قتل ڪري وجهي ٿي ۽ اِهو ڪڏهن ڪڏهن ٿئي ٿو ته اهڙي خبر کي اهڙي ته حيرت انگيز طريقي سان هلايو ويندو آهي ڄڻ عورت انسان نه ڪو جانور هجي!

اسان کي انا جي ڪي ٽُو تان لهي، اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هِن ديس ڄائي ملاله يوسفزئي کي کليل دل سان ڀليڪار ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي ٻاريل ڏئي کي وڌيڪ روشن ڪرڻ گهرجي، اهو ئي هن پوري قوم جو نئون دڳ آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *