قرضن هيٺ دٻيل پاڪستاني عوام ۽ حڪمرانن جي  نااهلين جا مطالبا…؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاناما لڪيس هڪ ڊرامو ٿو لڳي ٿو جيڪو پنهنجي مقصد کان هٽي پاڪستاني عوام جا سمورا حق ڳڙڪائيندو پيو وڃي،اوهان ٿورو اهو سوچيو ته پاناما ليڪس بابت احتساب ڪير ۽ ڪنهن کان پيو گهري،جيڪڏهن احستاب جي ڳالهه آهي ته پوءِ هن ملڪ اندر ڪنهن جو احتساب ٿيو آهي ۽ ڪنهن کي انصاف مليو آهي،،ڇا هن ملڪ اندر انصاف جا سمورا تقاضا پورا ٿي رهيا آهن،پاناما ليڪس پاڪستاني جي سياست اندر اهڙو ته اچي ٻڙڪ مچايو آهي جو هر ماڻهو جي وات جي رڳو پاناما لڪيس ئي آهي ڀلي انهي کي اصل حقيقت جي ڄاڻ هجي يا نه هجي.!پهرين پاناما لڪيس اهو شور هوُ ته ميان نواز شريف ڪرپشن ڪري پاڪستاني پسئو لٽيو ۽ ٻاهرين ملڪن اندر پنهنجا فليٽ خريد ڪيا،ٿوري دير لاءِ مڃون به ته اها ڳالهه درست آهي پر انهي جو ڪو ثبوت،،جي ڳالهه ثبوتن جي آهي ته عمران خان صاحب اهو چئي رهيو هوُ ته وٺس ثبوت آهن جيڪي هوُ عدالت ۾ پيش ڪري چڪو آهي،پر جڏهن پاناما لڪيس معاملي ته عدالت عمران خان ثبوت گهريا ته عمران خان واضع چيو ته ڏوهاري ميان صاحب آهي انهي ڪري هوُ ڇو ثبوت پيش ڪري،جيڪڏهن ميان صاحب بي گناهه آهي ته هو عدالت اندر پنهنجا ثبوت پيش ڪري،جڏهن ته ميان نواز شريف ته پهرين ئي قطر واري شهزادي جو خط پاسي واري کيس ۾ کڻيو پئي گهميو،۽ اهو خط جڏهن عدالت ۾ پهتو ته عمران خان پاران وري بيان آيو ته اهو خط نقلي آهي،ته وري خان صاحب کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اهو خط نقلي آهي ته ثبوت پيش ڪري،وري به اپوزيشن پارٽين پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڇڏيا،ته اهو ڪم اسانجو ناهي آخر ٿيو اهو جو انهي خط مان بيزاري ڏيکاري عدالت پاناما ليڪس ڪيس جي شنوائي ڏينهن به  ڏينهن تائين ملتوي ٿينديون رهيون ۽ آخرڪار عدالت به انهي پاناما لڪيس معاملي تي  جي آءِ ٽي جوڙي ورتي،انهي ڪري ڪيترائي تجزيڪار اهو چئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ پاڻي مان دهي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن مان نه لسي نڪرندي ۽ نه ئي مکڻ نڪرندو،؟ هڪ پاسي پاناما ليڪس ۽ ٻين ڳجيهن ملڪيت واري ڪيمپنين ملڪ جي مشهور ماڻهن جي ڪارنامن کي سڀني جي سامهون رکي ڇڏيو آهي.جن ناجائز طريقي سان ملڪيت ٺاهي ڪري بيرون ملڪن اندر پنهنجون وڏيون وڏيون ڪيمپنيون تيار ڪيون.جن پاڪستاني مسڪين ۽ غريب عوام جو پئسو ٻنهي هٿن سان لٺيو، ان وقت ڪو به اهڙو هٿ نه هيو جيڪو انهن کي روڪي سگهي.ملڪي پسئو آف شور ڪمپنين جي نالي تي هجي يا پاناما ليڪس معاملي تي مني لارڊينگ هجي. پر قومي پئسي جي وڏي بي دردي سان ٻاهر جي ملڪن ۾ لٽائڻ قانوني ڏوهه ۽ عوام کان ويساهه گهاتي آهي .جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ جو هر روز ڏيوالو نڪرندي ويو.۽ ملڪ پنهنجي پئسي اندر بيرون ملڪن جو قرضي ٿيندو ويو ۽ ملڪي معيشت به هر روز خراب ٿيندي وئي.جڏهن ته ڏٺو وڃي ته پاناما ليڪس هڪ اهڙو ڊرامو آهي جيڪو پوري دنيا جي اسٽيج تي ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪير به روڪي ناهي سگهيو.پر انهي ڊرامي جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن جي باري ۾ ڪير به سوچي ناهي سگهيو.پر مان سمجهان ٿو ته انهي پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن تي بحث ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.پراڻي انگ اکرن جي مطابق پاڪستاني ويهه ڪروڙ عوام تي به نظر وجهون ته انهن جون بنيادي ضرورتون ڪهڙيون آهن.جيڪي پنهنجي پگهر جي پسئي مان ڪروڙين رپين جو ٽيڪس جمع ڪري رهي آهي.جيڪا رقم قرضن جي صورت ۾ واپس ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ڪئي پئي وڃي.حڪومت ڪشڪول ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري قوم جي برباد ڪري ر ڇڏيو آهي.چين کان قرض کڻِي پنجاب اندر اونرج ٽرين ۽ ٻيا منصوبا جوڙيندڙ نواز حڪومت به سنڌ جي ڪهڙا سک ڏنا آهن، ملڪ اندر سري عام ڪرپشن ٿي رهي آهي جن جي وار جو به ڪير نالو وٺي پيو سگهي.انڪري ملڪي معيشت جا حدف ڪئين پورا ٿيندا پوءِ به ظاهر آهي ته ملڪ جي معيشت مظبوط ٿيڻ بدران بحران جو شڪار ٿيندي.؟هڪ طرف بجلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا اربين رپيا روڪي ڇڏيا آهن.۽ ٻئي پاسي انڪم ٽيڪس ،سيلز ٽيڪس جا حڪومت جي طرفان الاداري ٽينڊر ٿيا آهن..جناب اعليٰ:اها راند آئي ايف کي ته اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿي پر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي.ايترو آسان ناهي ماڻهن کي روزگار،تعليم،صحت،جون سهولتون ۽ صاف پاڻي ۽ اسلامتي ڏيڻ، ميگا پرجيڪٽ،ميگا ڪڪ بيڪس ته ملي سگهن ٿا،پر اتي عوام جي حصي ۾ سواءِ غريبي مهنگائي ۽ غربت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ايندو.ماهرين اقتصادي جي مطابق جي ڊي پي ۽ ٽيڪسن جي اضافي جي متوازن حد تائين اڪانومي کي مظبوط ٻڌايو آهي.پر عد م توازن سان انسان جو ڪيتريون ئي زندگيون اجڙي ويون آهن..ڇو ته ان ۾ به هيرا ڦيري ٿي رهي آهي.حقيقي ڊي جي پي 3.5آهي جڏهن ته آئي ايم ايف کي 5.5ڏيکاريو پيو وڃي.ڀارت اندر ڊي جي شرح 7آهي جڏهن ته ٽيڪسن ۾ اضافو 11فيصد آهي سان وٽ جي ڊي پي 3.5آهي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو 19فيصد آهي.جنهن جو اهو کڻي مطلب چئي ته جئين ڪمنڊ جي رس ڪڍڻ لاءِ ڪمنڊ جي چيچڙي ۾ وڌو ويندو آهي ۽ باربار وڌو ويندو آهي تئين ئي عوام کي پيسو پيو وڃي.ترقي يافته ملڪن اندر ٽيڪس اندر انصاف آهي جنهن جي ڪري اتي جي ملڪن جي آمدني اندر به تمام گهڻو اضافو آهي.ان ڪري ٽيڪس مساوي ڪرڻ لاءِ نون ٽڪيس گزارن کي آڻڻ لازمي آهي..ان وقت قومي سطح تي 61000تاجر چار لک رپين کان وڌيڪ جي آمدني جمع ڪرائي رهيا آهن.جن سان 850ملين جو ٽيڪس وصول ٿيو آهي جنهن جي وضاحيت رانا افضل پارليامينٽ سڪيٽري ڪئي هئي534000رضاڪارنه طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ وارن اندر ڇهه لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ وارن جي شرح 36838۽ 77فيصد ٽيڪس ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وصول ڪيو ويندو هو.باقي 23فيصد انفرادي ۽ اشتراڪي ڪاوربار مان وصول ڪيو ويندو هو.سيڪٽري ايڪس چينج ڪارپوريشن پاڪستان وٽ 65000ڪمپينيون رجسٽرڊ آهي،جن کان هو 25000فيصد ٽيڪس جمع ڪرائينديون آهن.جڏهن ته ان مجهان به 40فيصد ڪيمپنيون نقصان جو بهانو ڪري ٽڪيس ادا ناهن ڪنديون.جڏهن ته آفيسر طبقي مان به ڪجهه فيصد ٽيڪس ادا ڪندا آهن.انهي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته پاڪستان ترقي به ڪري رهيو آهي.اسين خد بحيثيت قوم ئي پنهنجو ڪم سرانجام نه ڏئي رهيا آهيون.پر انهي سان گڏ اهو به وڏي ۾ وڏو سبب آهي ته قوم جنهن کاتي سان ڀلائي ڪري اهو به قوم جو خيرخواه هجي اهو به ته قوم لاءِ سٺو سوچي..پر ڏوهه خالي هڪ کاتي جو نالو پاڪستان اندر هر کاتو اهڙن ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي.انهي ڪري هن وقت پاڪستاني اندر پنهنجو نالو چمڪائڻ لاءِ پاناما لڪيس جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي،ڇو ته هڪ ڳالهه ويهي ڪري سوچيو ته هلو پاناما لڪيس معاملي ته احستاب ٿي به ٿو ته ڇا عوام جو ڦريل پسئو وري عوام تي خرچ ٿيندو..يا وري اهو پئسو ڀورتارن جون بيئڪنون ڀريندو،ڳالهه صاف پئي آهي جيستائين ملڪ جي عوام سکيُ ناهي ان وقت تائين اهڙا هزارين اشوز عوام جي تقدير نه ٿا بدلائي سگهن…هن ڪري وقت پاڪستان اندر پاناما ليڪس تي جيڪو بحث هليو اهو به سڀني ڏٺو ان ڪري اهو به هڪ ڊرامو ئي چئبو جيڪو هن قوم جي ڏيکاري ويو پيو وڃي.۽ هي قوم به آسرن جي عادي آهي ان ڪري آسرن تي پلجي رهي آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *