قرباني جي عيد کان اڳ سياسي قربانيون : حميد ڀٽو

پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ سان سگهارين ڌرين وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ کان پوءِ ان جا اثر وفاقي سرڪاري توڙي پنجاب حڪومت تي به پوڻ شروع ٿي چڪا آهن. ملڪ جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر ۽ صدر پرويز مشرف جي اقتداري دور کان جاچ شروع ڪندي وفاقي توڙي پنجاب جي هڪ سئو79 اهم شخصيتن خلاف نيب توڙي حساس ادارن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گهيرو تنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيوويوآهي جنهن جو بنيادي ڪارڻ سنڌ اندر پيپلزپارٽي جي حڪومت سان لاڳاپيل تقريبن هڪ هزار کان وڌيڪ مختلف ننڍن توڙي وڏن آفيسرن، سياسي شخصيتن ۽ ڏوهارين جي سهولت ڪارن سميت فرنٽ مين جو ڪردار ادا ڪندڙن کي سوڙهو ڪرڻ کانپو پيپلزپارٽي جي سربراه آصف علي زرداري جي بيان کانپو پيدا ٿيل سياسي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ملاَقات ڪرڻ بحد اهڙوفيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ هلندڙ مهيني قرباني واري عيد کان اڳ ڪيترين ئي وڌيڪ اهم سياسي شخصيتن سميت بيورو ڪريٽس کي قرباني جو ٻڪرو بڻجڻو پوندو، جنهن لاءِ تقريبن تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ نيب پاران جاري جاچ ۾ گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت“ ڪرائي ورتي آهي جنهن جو مدوپڻ 9 سيپٽمبر رات جو 12 وڳي ختم ٿيندو، جنهن بعد اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ کي رينجرز توڙي ٻين ادارن طرفان وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ واري حڪمت عملي پڻ جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سندس گرفتاري پڻ ممڪن آهي. سنڌ هائير ايجوڪيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري کان پوءِ سنڌ سرڪار توڙي وفاق سميت حساس ادارن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سيد سڳورن سيد قائم علي شاهه ۽ سيد خورشيد شاهه وڏي هاءِ گهوڙا ڪندي اسلام آباد جي ايوانن کي للڪاريو آهي پر ذميوار ڌرين پاران مليل ڄان موجب ڊاڪٽر عاصم حسين مٿان چئني پاسن کان جاچ ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عاصم سان ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي ويجهڙائپ رکڻ جي ڪري ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن بابر غوري، وسيم اختر، عادل صديقي  سان گهاٽي دوستي هجڻ سميت هڪ  بلڊرزڪمپني ۾ گڏيل حصيداري ۽ غير قانوني طورتي مختلف ڪاروبارن وسيلي ڪمايل رقم حاجي هارون ذريعي لنڊن ۾ ويٺل الطاف حسين کي پهچائڻ ۽ اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس به شامل هجڻ سان گڏوگڏ پي ايم ڊي سي (پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل) واري اداري ۾ سربراهه هجڻ جي حيثيت ۾ ڪوڙيون ڊگريون جاري ڪرائڻ جي عيوض اربين رپين جي ڪرپشن سامهون اچڻ جا پڻ  پڪا ثبوت حساس ادارن کي هٿ آيا آهن ۽ پي ايم ڊي سي ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪيس تحريڪ انصاف جي هڪ ايم اين اي اسلام آباد ۾ سندس مٿان داخل ڪرايو آهي، جيڪا ايف آءِ آر ڊاڪٽر عاصم حسين مٿان داخل ڪئي وئي هئي۔ جڏهن ته ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجن ڪراچي جيڪا ارڙهين ترميم بعد سنڌ جي ماتحت هجڻ ڪري ڊاڪٽر عاصم حسين انهيءَ ڪاليج مان ڪوڙيون ڊگريون جاري ڪرڻ لاءِ پرنسپل مٿان دٻاءُ رکيو هو ۽ ڪجهه نقلي ڊگريون ڪروڙين رپين عيوض جاري ڪرايون. اهڙا ثبوت ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪاليج جي پرنسپال سگهارين ڌرين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ان کان سواءِ ڊاڪٽر عاصم حسين جي سفارش سان شهيد محترمه بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر اصغر حسين چنا کي مقرر ڪيو ويو جنهن ڪروڙين رپيا غير قانون طريقن سان ڊاڪٽر عاصم حسين کي پهچايا جنهن جي انڪوائري پڻ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال اسد الله مهر مختلف سهولت ڪارن ذريعي ڪروڙين رپيا پڻ ڊاڪٽر عاصم حسين کي پهچايا، جنهن جا پڻ ثبوت حساس ادارن کي هٿ آيا آهن.ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين مختلف يورنيورسٽين توڙي ڪاليجن منجهان غير قانوني طور تي جاري ڪيل ڪوڙين ڊگرين جي جاچ پڻ هلندڙ آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين مٿان اهو پڻ الزام مڙهيو ويو آهي ته ضياءُ الدين اسپتالن ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جي سلسلي ۾ پناهه گاهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جتي سوين دهشتگردن کي رهائش لاءِ پناهه ڏني ويندي هئي، ڊاڪٽر ضياءُ الدين جي سمورين اسپتالن جي گذريل ٻن سالن جو سي سي ٽي وي فوٽيج رڪارڊ حساس ادارن پاران گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ٻئي پاسي ضياءُ الدين اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجا اثر رسوخ استعمال ڪندي سمورن وفاقي توڙي صوبائي وڏن سرڪاري ادارن کي ميڊيڪل پئنل تي حاصل ڪيو هو جنهن ۾ سوئي سدرن گئس، پي آءِ ڊي سي، پي ايس او، اسٽيل مل، اسٽيٽ لائيف، نجي توڙي سرڪاري بئنڪون، سنڌ سرڪار جا سمورا سڻڀن کاتن سميت ٽي سئو کان وڌيڪ اهم سرڪاري ادارا ضياءُ الدين اسپتال جي ميڊيڪل پينل تي هجڻ سبب ڊبل بلن جي رقم وصول ڪرڻ سميت ٻين مختلف طريقن سان اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت پڻ جاچ ادارن کي ملي ويا آهن، جنهن جي جاچ واري عمل کي پڻ تيز ڪيو ويو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ سنڌ سرڪار ڊاڪٽر عاصم حسين کي غير قانوني طور تي مالي فائدو رسائڻ لاءِ سنڌ جون پنج اسپتالون پرائويٽ ڪري کيس حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ سول اسپتال ڪراچي، نيشنل ڪارڊيو وسڪيولر اسپتال ڪراچي، سول اسپتال نوابشاهه، سول اسپتال لاڙڪاڻو سميت سنڌ سان لاڳاپيل ٻيون ڪيتريون ئي اسپتالون شامل آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران پرائيويٽ ٿيندڙ اسپتالون ڊاڪٽر عاصم حسين جي حوالي ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي منصوبه بندي پڻ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اربين رپين جي هيرا ڦيري ڪرڻ واري حڪمت عملي جوڙي وئي هئي. اهڙي ريت ٻيا به حساس نوعيت جا انڪشاف ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کان پوءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين کي پيپلز پارٽي جا سياسي جدوجهد ڪندڙ حلقا چاليهه چورن ۾ شمار ڪندا پئي آيا آهن، پيپلزپارٽي ۾ سياسي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ توڙي مخلص ڪارڪن ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هلندڙ مهيني چاليهن چورن واري ٽولي منجهان 10 کان 15 ڄڻا وڌيڪ گرفتار ٿيڻ جا چٽا امڪان موجود آهن انهيءَ صوتحال ۾ سيد خورشيد شاهه پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ”را“ پهچي وئي آهي پر  کانئس  اهو به وسري ويو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ رقم ڪمائڻ جون فيڪٽريون بڻيل وزاريون اقليتي ميمبر گيانچند ايسراڻي سميت ڪجهه من پسند شخصيتن جي حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گيانچند ايسراڻي سنڌ جي ووٽرن جي ووٽ سان چونڊيل ناهي ۽ نه ئي سندس جو ووٽ حلقوسنڌ ۾ موجود آهي. ملڪ اسد سڪندر جي آشيرواد هجڻ سبب گيانچند ايسراڻي کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو، خوراڪ کاتو، منارٽي افيئرز سميت ٻين وڌيڪ پنجن کاتن جا قلمدان ڏنا ويا آهن ۽ ماهوار ڪروڙين رپين جي ٿيندڙ ڪرپشن سميت دشمن ملڪ ڀارت کان ايندڙ سوين ماڻهن سان سندس ويجهڙائپ وارا تعلقات رڪارڊ تي موجود آهن، جنهن جي جاچ پڻ تيز ڪئي وئي آهي. ملڪ اسد سڪندر جي آشيرواد هيٺ اڳوڻو صوبائي وزيربڻيل ڊاڪٽر موهن لعل ڪوهستاني هلندڙ جاچ سبب ملڪ منجهان فرار ٿي ويو آهي.پيپلزپارٽي جي اسٽبلشمينٽ سان نئين ٽڪراءَ واري صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌنڌي پئي وڃي ۽ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ فرنٽ مين جو ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتون ايندڙ ڪجه ڏينهن تائين سمورا غير قانوني ۽ ڏوهاري رازن تان پردو کڄندو.اهڙي صورتحال کي ڏسندي آصف علي زرداري وزير اعظم ميان محمد نواز شريف کي ميار ڏني.  ماضي ۾ بلوچستان حڪومت سردارن حوالي ڪري سمورا فنڊ سردارن حولي ڪيا ويندا هئا. تجزيي نگارن موجب پيپلزپارٽي حڪومت به فرنٽ مينن ذريعي سنڌ جا سمورا فنڊ فرنٽ مينن جي حوالي ڪري سنڌ ۾ ڪرپشن ڪرڻ واري ڪابه ڪثر نه ڇڏي آهي. سياسي جدوجهد ڪندڙ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي جيڪڏهن اڳيان آندو وڃي ها ته اهڙا سخت ڏينهن پيپلزپارٽي کي ڏسڻا نه پون ها باقي سگهاريون ڌريون سنڌ ۾ارڙهين ترميم سبب گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هجڻ سبب نوان گس ڳولهي رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ سگهارين ڌرين ۽ پ پ پ ايم ڪيو ايم ڇڪتاڻ ۽ جانبداري جو الزام ڌوئڻ جي لاءِ نيب توڙي سگهاريون ڌريون پنجاب ۾ پڻ ٿوريون گهڻيون ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، ان کان سواءِ اليڪشن ٽربيونل وسيلي پنجاب منجهان ٽي سيٽون کسجي پي ايم ايل (نواز) جي هٿن مان نڪري ويون آهن. اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني خلاف وٺ پڪڙ پڻ تيز ڪئي وئي آهي جهن سبب کيس عدالت جي در پهچڻو پيو سندس فرنٽ مين محمد زبير کي گرفتار ڪري يوسف رضا گيلاني خلاف نوان ڪيس جوڙيا پيا وڃن.

اهڙي سموري صورتحال ۾ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف خاموش مفاهمت واري حڪمت عملي تحت ۽ سگهارين ڌرين جي ڪيل سمورن فيصلن تي لبيڪ ڪندي پنهنجي وزارت عظميٰ واري ڪرسي بچائي رهيو آهي. هوڏانهن سگهاريون ڌريون پنهنجي ساک بچائڻ جي لاءِ دهشتگردي توڙي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن تي پنهنجو ڪردار غير جانبداري وارو ڪرڻ جي سلسلي ۾ وفاق توڙي پنجاب ۾ پڻ ڪارروائيون ڪرڻ لاءِ  حڪمت عملي شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته هلندڙ مهيني قرباني جي عيد کان اڳ سياسي قربانيون ڏيڻ سبب ملڪ جي سياسي وايو منڊل ۾ ڪيتريون ئي ٻيون به نيون تبديليون ممڪن آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *