فخرِ قوم۽ بهترين ڪمانڊر قرار ڏنل جنرل راحيل شريف: جاويد ابڙو

گذريل ڏهاڙي نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کانپوءِ نئين آرمي چيف جي ڪمان جي منتقلي جي تقريب اڄ جي ايڇ ڪيو (راولپنڊي) ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل راحيل شريف باضابطا طور تي پنهنجي عهدي جي ڪمان نئين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حوالي ڪري ڇڏيندو، ڪنهن به ملڪ جي سپهه سالاريءَ جو عهدو انتهائي اهم ۽ طاقتور هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سڄي دنيا جون نظرون به پاڪ فوج جي نئين مقرري تي مرڪوز آهن. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي حڪومتي دورن ۾ هيل تائين پنج آرمي چيف مقرر ڪري چڪو آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ هن ئي جنرل راحيل شريف کي پاڪ فوج جو سربراهه بڻايو هو، جنهن جي صلاحيتن، ڪاميابين کي اڄ نه رڳو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به ساراهيو پيو وڃي. هِن وقت ملڪ جي سياسي قيادت پاران به نئين آرمي چيف جي آجيان ڪئي پئي وڃي، جنرل قمر جاويد باجوه فوج ۾ سينئر ترين جنرل ته نه هو، پوءِ به کيس چئن جرنيلن تي فوقيت ڏئي آرمي چيف بڻايو ويو آهي، تنهن هوندي به هن پنهنجي شاندار ڪيريئر، اڻٿڪ ڪم ۽ محنت سان نالو ڪمايو آهي، کيس آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا معاملا سنڀالڻ جو وسيع تجربو آهي، بهرحال، اهو ته وزيراعظم جو ئي اختيار آهي ته هُو ڪهڙي ٿري اسٽار جنرل کي فور اسٽار بڻائي آرمي چيف مقرر ڪري ٿو. جنرل راحيل شريف کي به جڏهن موجوده وزيراعظم نوازشريف آرمي چيف جي عهدي لاءِ چونڊيو هو ته هو به سينئر موسٽ جنرل نه هو، تنهن هوندي به هُن انهيءَ اهم عهدي تي پاڻ کي مڪمل طرح اهل ثابت ڪري ڏيکاريو، ملڪ خاطر هر قومي معاملي تي جمهوري حڪومت جي حدن ۽ گهرجن جو خيال رکندي فرنٽ مين طور نڀايو ۽ هن ڪڏهن به اهڙو قدم نه کنيو، جيڪو سويلين حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت سمجهيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ کيس خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جو هُو حقدار آهي.

جڏهن جنرل راحيل شريف ٽي سال اڳ آرمي چيف جو عهدو سنڀاليو هو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي وڏي حد تائين پکڙيل هئي، ڪوبه ڏينهن خالي نه هو، جڏهن ملڪ جي ڪنهن شهر يا علائقي ۾ بم ڌماڪو، آپگهاتي حملو يا فائرنگ ۾ بيگناهه ماڻهو ماريا نه ويا هجن، ڪراچي ۾ ته نيول بيس تي بيٺل جهازن کي دهشتگردن نشانو بڻايو هو، رينجرز ۽ پوليس جي تربيتي مرڪزن تي هر ٽئين چوٿين ڏينهن حملا ٿي رهيا هئا، ايستائين جو دهشتگردن جي ايڇ ڪيو ۾ به داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام جي ذهنن تان اڄ به 12 مئي وارو سانحو ناهي وسريو، جڏهن وڪيلن کي زنده ساڙيو ويو، بلديا فيڪٽري واري واقعي ۾ به ڀتي جي خاطر پورهيتن کي زنده جلائي سندن گهرن کي اُجاڙيو ويو، مطلب ته سڄو ملڪ دهشتگردن جي نشاني تي هو، جنهن کي محفوظ بڻائڻ ۾ جنرل راحيل شريف جو نمايان ڪردار شامل آهي. دهشتگردي جي انهن ڪارروائين کي ٻُنجو ڏيڻ ۾ جنرل راحيل شريف جيڪو اسٽينڊ ورتو، تنهن کي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس ڪارڪردگي جا گُڻ ڳائبا رهبا.

جنرل راحيل شريف جي مقبوليت جو اعتراف عالمي ميڊيا به ڪيو آهي، جنرل راحيل شريف پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ مثالي ڪاميابين سان نه رڳو هتي جي عوام پر سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي. جنگ جو ميدان هجي يا سي پيڪ منصوبو، بين الاقوامي اُفق جنرل راحيل شريف جهڙي شهرت ۽ عوامي مقبوليت شايد ئي ڪنهن ٻئي آرمي چيف کي ملي هجي. دهشتگردي جي باهه ۾ سڙندڙ ملڪ کي امن ڏيڻ تي رڳو اسان ئي نه پر ملڪي تاريخ به جنرل راحيل شريف جو ٿورو مڃيندي رهندي ۽ مٿس فخر ڪندي. انٽرنيشنل ميڊيا ۾ جنرل راحيل کي بهترين ڪمانڊر قرار ڏنو ويو آهي. جنرل راحيل جو شمار بهتري فيصلو ڪندڙن، بهترين ڪمانڊر، دشمنن جو بدترين دشمن، دوستن جو بهترين دوست ۽ حالتن تي گهري نظر رکندڙن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. رڳو پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا جنرل راحيل شريف کي مقبول ترين آرمي چيف سمجهي ٿي، آمريڪي ميڊيا به جنرل راحيل کي بهترين ڪمانڊر قرار ڏنو آهي، برطانوي آرمي چيف جنرل نڪولس سميت دنيا جا ڪيترائي اڳواڻ جنرل راحيل جي بهترين ڪارڪردگي جو اعتراف ڪن ٿا.

جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪ فوج نه رڳو ٻاهرين خطرن پر دهشتگردي جو به ڄمي مقابلو ڪيو، ملڪ جي اترين علائقن ۾ آپريشن ضرب عضب وسيلي دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ ۽ انهن جو نيٽ ورڪ نيست و نابود ڪرڻ ۾جنرل راحيل شريف کي بهترين انداز ۾ ڪاميابي ملي، جنهن جو اعتراف آمريڪا، برطانيا ۽ جرمني سميت ٻيون عالمي قوتون به ڪري رهيون آهن، ان کانسواءِ سندس ڪمان ۾ پاڪ فوج اهي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سمورا وسيلا رکڻ جي باوجود به آمريڪا جهڙو سپر پاور ملڪ به ماڻي نه سگهيو.

هن وقت ملڪ ۾ دهشتگردي ڪنٽرول ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ دهشتگردن جي ڪارروائين ۾ به نمايان ڪمي آئي آهي، اهو صرف ۽ صرف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ شروع ٿيل آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جو نتيجو آهي، رينجرز ته اڳ به ڪراچي ۾گذريل ڪيترن ئي سالن کان موجود هئي، پر دهشتگردن خلاف اُتي ٿيندڙ ڪارروائين جو ايترو لاڀ نه پئي مليو، جيڪو جنرل راحيل شريف جي اچڻ بعد عوام سڪون جو ساهه کڻڻ، روشنين جي شهر ۽ ڪاروبار جي بحالي جي صورت ۾ حاصل ڪيو آهي. ان کان اڳ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ قبضاگيري سميت ڏوهاري عنصرن جون ڪارروايون بنا ڪنهن خوف جي جاري هيون، جن کي به روڪڻ ۾ جنرل راحيل شريف جو ڪردار اهم آهي. جيڪڏهن جنرل راحيل شريف جي صلاحيتن کي ملڪ جي ٻئي ڪنهن شعبي ۾ آزمايو وڃي ته هو پنهنجي تجربي جي بنياد تي ملڪ ۽ قوم لاءِ وڌيڪ خدمتون پيش ڪري سگهي ٿو، بهرحال، اهو ته جنرل راحيل شريف کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي باقي زندگي ڪيئن ٿو گهاري.

جنرل باجوه اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي بري فوج جي ڪمان سنڀالي رهيو آهي، جڏهن ڀارت پاران ڪنٽرول لائين تي اڳرايون ۽ سرحدي خلاف ورزيون جاري آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته اڳتي هلي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ اڃا وڌي سگهي ٿي، جنهن کي منهن ڏيڻ به جنرل باجوه لاءِ وڏو چئلينج هوندو. ان کان علاوه ملڪ جي نئين آرمي چيف کي مختلف چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، پهرين ته اهو ڏسڻو پوندو ته هُو جنرل راحيل شريف جي ڇڏيل مشن کي ڪهڙي ريت انجام تائين پهچائيندو ۽ جنرل راحيل پنهنجي ڪارنامن ذريعي جيڪو مقام بڻايو، ان سطح تي پهچڻ به جنرل قمر جاويد باجوه لاءِ هڪ چئلينج هوندو. جنرل راحيل شريف گذريل ٽن سالن تائين جيڪي خدمتون انجام ڏنيون، ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جي اها ذميواري اڄ جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪُلهن تي پئي آهي، ملڪ جا سياسي حلقا توڙي دنيا جون امن پسند ڌريون به اها ئي توقع ڪري رهيون آهن ته هو به جنرل راحيل شريف جو تسلسل ثابت ٿيندو ۽ سندس انهن ڪمن کي انجام تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جيڪي رٽائرمينٽ سبب سندس قيادت ۾ پورا نه ٿي سگهيا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *