عورت عظمت جي نشاني آهي: اصغر ملاح

آخري خطبي ۾ حضرت محمد مصطفي ﷺ هدايت ڪئي ته عورتن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي الله پاڪ سمورا حق توهان مردن جي ذمي ڪيا آهن جنهن کي پورو ڪرڻ مردن جي ذميواري آهي ڌرتي جي گولي تي انساني وجود کان وٺي عورت جي شان، عظمت ۽ مرتبو قائم دائم آهي. عورت عظمت جي نشاني آهي اسلام ۾ عورتن کي مردن جي برابر حق مليل آهن ماءُ ڀئڻ ۽ ڌيءُ زال کي وڏي عزت ۽ احترام ڏنو ويندو آهي ڇو ته مقدس ۽ پيارا رشتا آهن ايڏن مقدس پيارن رشتن باوجود به اسان جي معاشري ۾ عورتن تي ظلم ٿين ٿا جانور به پنهنجي ماءَ جو خيال رکندا آهن اسان جي سماج ۾ رهندڙ انسان ته جانورن کان به گوءٌ کڻي ويا آهن اسان جي سنڌ ۾ عام طور تي عورت کي وڏا رتبا ۽ اعزاز ڏنا ويندا آهن نياڻين کي ستن قرآنن جي برابر سمجهو ويندو آهي سجاڳ ڌرين کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته تيز ترقي واري سائنسي دور ۾ اسان جي سماج ۾ عورتن کي برابري جا حق نه مليا آهن ڪيترين ئي صدين کان عورتن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي سنڌ ۾ عورتن تي ڪيترائي ظلم ٿيڻ ٿا تعليم پرائڻ نوڪري ڪرڻ کان روڪڻ پسند جو پرڻو ڪرڻ تي پابندي هئڻ عورت جيڪا جيئڻ جو حق گهري ٿي انهن عورتن کي ڪاروڪاري الزامن تحت قتل ڪرڻ عام آهي.

عورت هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ شفيق رشتو آهي، جنهن جي پيرن هيٺان جنت جو ڏس ڏنو ويو آهي. عورت ڀيڻن جي حيثيت ۾ آهي، ڌي جي حيثيت ۾ آهي ۽ هم سفر زال جي حيثيت ۾ آهي انساني تهذيت ۽ ثقافت جا جيڪي به رنگ آهن، انهن جي ترقي ۾ عورت جي محنت ۽ ڪردار به ايترو ئي شامل آهي، جيترو مردن جي حصي ۾ اچي ٿو. اڄ به سڄي دنيا ۾ عورتون نه صرف گهر اندر پر گهر کان ٻاهر به پنهنجي توڙي پنهنجي ڪٽنب جي پيٽ پالڻ لاءِ محنت ڪري پاڻ مڃائي رهيون آهن. دنيا جو اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو عورتن نه ڪيو آهي، جهاز هلائڻ کان وٺي اسپتالن، اسڪولن، آفيسن سميت ملڪ جي حفاظت ڪندڙ آرمي ۽ پوليس سميت ملڪن جون حڪمران به عورتون آهن اڄ عورتن جو تعداد بزنيس ۾، سياست ۾، تعليم ۾، صحت ۾ ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي فورمز تي مرد جي برابر نه آهي اسان جي ملڪ جي آبادي جو 52 فيسد عورتن تي مشتمل آهي جن مان 50 سيڪڙو عورتون پنهنجي زندگي ۾ تشدد کي منهن ڏين ٿيون.

اسان جي معاشري ۾ گهڻي ڀاڱي عورتن تي ظلم ۽ ناانصافيون ٿين ٿيون ملڪ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين کي ڏسون ٿا ته 6 مان 1 عورت زيادتي سبب موت جو شڪار ٿئي ٿي ڪيتريون ئي عورتون ڪاروڪاري جي ڪنڌي رسم، ۾ ماريون وڃن ٿيون ڪيتريون ئي عورتن کي پنهنجا مڙس پنهنجا ڀائر پنهنجا پٽ يا ويجيا عزيز مختلف الزامن هيٺ قتل ڪن ٿا ڪيترين ئي عورتن کي قتل ڪرڻ اڳ زيادتي جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ملڪ جي چئني صوبن جي پوليس رڪارڊ موجب 8 عورتون روزانو ظلم جو شڪار ٿين ٿيون ڪيترين ئي عورتن تي تيزاب هاريون وڃي ڪيترين ئي عورتن کي ساڙيون وڃي ٿو جن جي نشاندهي وقت به وقت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪئي آهي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ڪوڙين رسمن رواجن جي نالي تي ملڪيت بچائڻ لاء قرآن پاڪ سان شادي ڪرائي ويندي آهي غربت جو شڪار پئسن عيوض وڪرو ٿيندڙ عورتون پيار ۾ ناڪامي صحيح انصاف نه ملڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي عورتون پسند جي شادي نه ٿيڻ ۽ پنهنجي ناپسنده شخص سان مڱڻي ٿيڻ بعد انتهائي قدم کڻن ٿيون اڪثر عورتون   ڏهن ڪٿي شادي ڪري وينديون به آهن پر سنڌ ۾ رواج مطابق نياڻي جو اصل گهر ساهرن جو آهي پر جي ساهرن ۾ مختلف سببن جي ڪري خوش نه رهندي ته هو واپس مائٽن ڏانهن رخ ڪندي آهي. ۽ مائٽن ۾ کيس طعنن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي مايوس ٿي خودڪشي ڪري پنهنجو آنت آڻي ڇڏينديون آهن اهڙا ڪيترا ئي واقعا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رپوٽ ٿيندا رهيا آهن عورتن کي سوچڻ گهرجي زندگي جي راهن ۾ سکن سان ڏک به اچن ٿا پر انهن ڏکن کي مرڪي پار ڪرڻ ئي زندگي آهي اسان جي سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهر ڳوٺن ۾ هر روز عورتن سان ناجائزيون ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون اڄ به ملڪ جي مختلف جيلن ۾ ننڍن توڙي وڏن ڪيس ۾ ڪيتريون ئي عورتن ڦاٿل آهن افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي سندس سان معصوم گلن جهڙو اولاد جيل اندر قيد آهي جنهن عمل خلاف سڄاڻ ڌرين پاران وقت به وقت مظلوم عورتن مٿان معاشرتي تشدد جي نشاندهي ڪئي آهي نشاندهي ڪرڻ سان هرف وقت جي سرڪار عورتن جي ڀلائي بهتري تحفظ لاء وقت به وقت مختلف قانون به پڻ جوڙيا آهن .

پاڪستان پيپلز پارتي جي سرڪار عورتن جي ڀلائي بهتري کين کي حقي حق ڏيارڻ لاء عورتن سان ناانصافيون ختم ڪرڻ لاء ڪوڙن رواجن جي خاتمي وارو بل 2008 ۾ منظور ڪيو ويو بل موجب عورتن کي زوري شادي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ڏي وٺ جي شادي ڪرڻ سڱ چٽي ڏرڻ اهڙي طرح عورتن سان نانصافيون ڪرڻ تي مختلف سزائون ۽ ڏنڊ تجويز ڪيا ويا آهن هن وقت دنيا ۾ اڻڳڻيون عورتون اهڙا ڪارناما سرانجام ڏئي رهيون آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ مردن کان گهٽ نه آهن عورتن جي عظمت جي مڃتا لاءِ هرسال 8 مارچ تي دنيا جي تقريباً سڀني ملڪن ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي اهو ڏينهن آهي، جڏهن دنيا جون تمام عورتون بنا ڪنهن نسلي، زباني، ثقافتي، معاشي،مذهبي، قومي ۽ سماجي فرق جي پنهنجي ڪاميابين تي مڃتاماڻينديون آهن. هي اهو موقعو آهي، جڏهن نه صرف ماضي جي جدوجهد ۽ ان ۾ ملندڙڪاميابين تي، پر حال ۽ مستقبل ۾ به عورتن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي ڪاميابين ۽ ڪردارجي مڃتا ڪئي ويندي آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته انهن سڀني صلاحيتن، موقعن ۽ وسيلن تي ڀرپور نظر وڌي ويندي آهي، جيڪي نه صرف اڄ جي، پر مستقبل جي عورت جون به منتظرآهن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حيثيت دنيا جي گولي تي هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ هڪ ئي وقت عورتن جي اهميت ۽ مڃتا کي تسليم ڪيو وڃي ٿو هن تيز ترقي واري سائينسي دور ۾ اڄ به عورتون پنهنجا مڪمل حق ۽ آزادي حاصل ناهن ڪري سگهيون.

اڄ به عورت کي مرد جي برابر اجورو نٿو ملي عورتن جي تشدد جي صورتحال اڄ به بدترين آهي. اڄ به عورت پنهنجي حيثيت ۽ اهميت کي مڃرائڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ پاڻ پتوڙي ٿي. اچوته حقيقت کي تسليم ڪريون ته ڪل انسان ذات جي مجموعي ڀلائي، عورت جي حقن جي مڪمل پورائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عالمي امن جو حصول عورتن جي مڪمل ۽ آزاد شموليت کان سواءِ ممڪن نه آهي. اسان جي سنڌ ۾ عورتن جي جان جو تحفظ عوام لاءِ هڪ وڏو سوال بڻيل آهي ضرورت آهي ته هڪ بهتر۽ بامقصد تبديلي لاءِ گڏجي جدوجهد جي ابتدا ڪريون، جڏهن ته سمورن مسئلن جو حل علم ۾ آهي هڪ نياڻي جي تعليم حاصل ڪرڻ سان سڄو خاندان تعليم يافته ٿي وڃي ٿو ان لاءِ اڄ جي هر عورت کي هڪ باوقار، پر اعتماد ۽ مڪمل برابري واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اچو ته پنهنجي مستقبل لاءِ تبديلي جي ابتدا ڪريون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *