عورت جي مجبوري: نسرين چانڊيو (اڳوڻي ايم پي اي)

اسان جي ملڪ ۾ عورت سان انسانيت سوز ظلم ٿيندا رهيا آهن، هتي عورت جي حرمت، وقار ۽ سلامتي کي مرد پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات جي لاءِ غلط رسم ۽ رواج تي قائم پنهنجي عزت، غيرت جو سهارو وٺي پامال ڪندو هلندو رهيو آهي، اسان جي معاشري ۾ عورت جي زندگي جي حق کي مردن پنهنجي بڻايل رسم ۽ رواج جي فرمابرداري سان ڳنڍيو آهي ڇو ته مرد اڄ تائين عورت جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ ننهن وٺي پاڪ رشتن جي اهميت تسليم ئي ناهي ڪئي.

جيڪڏهن عورت ظلم ۽ زيادتي برداشت ڪري ته به عذاب ۾ ۽ مزاحمت ڪري ته ٻٽي عذاب ۾ اچي ويندي آهي، ان لاءِ اڪثر عورتون پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي کي قسمت جو لکيو سمجهي قبول ڪري وٺنديون آهن، هتي هڪ عجيب رويو آهي ته ٿيندڙ زيادتي تي احتجاج ڪندڙ ڇوڪري کي سٺو ناهي سمجهيو ويندو ۽ نه ئي سٺي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ته پوءِ هو ڇو احتجاج ڪري؟

عورت کي جنسي طور تي حراسان ڪرڻ وارا تمام گهڻا واقعا ظاهر نه ٿيڻ جا گهڻا سبب آهن. اسان جي سماج جا اهڙا رويا آهن جو عورت پنهنجي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم کي ظاهر نٿي ڪري ۽ نقصان کڻندي رهي ٿي، جيڪڏهن پنهنجي مٽن مائٽن ۽ والدين کي ٻڌائي ته کيس پڙهائي يا نوڪري ڇڏي گهر ۾ ويهڻ جو چيو ويندو آهي ۽ ڪٿي ته مجبوري جي حالت ۾ پوڙهي ماءُ پيءُ ننڍي ڀائرن جي ڪفالت جي ڪري مصلحتن زيادتي کي برداشت ڪندي رهي ٿي.

جنسي حوس جو نشانو بڻجندڙ عورت دادرسي جي لاءِ پوليس وٽ وڃڻ جي لاءِ تيار ناهي هوندي ڇو ته اتي جيڪي ماڻهو ويٺل هوندا آهن اهي به ان بگهڙن کان گهٽ ناهن هوندا ۽ هو اين جي اوز سان رابطو ڪري ٿي ته هو پنهنجي پبلسٽي جي لاءِ انهن واقعن کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڦٽو ڪندا آهن جنهن سبب اهڙي عورت ڪروڙين ماڻهن سامهون بدنام ٿي ويندي آهي.

عورت پاڻ سان ٿيندڙ ظلم مان ڇوٽڪارو حاصل نٿي ڪري سگهي ڇو ته قانون ٺاهيندڙ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ وارا، قانون تحت فيصله ڏيڻ وارا ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ وارا چار ئي مرد آهن، انهيءَ روين جي ڪري عورتن تي ظلم ڪندڙ مرد هميشه سزا کان بچي وڃن ٿا.

زرعي سماج ۾ مرد پنهنجي پاڻ کي صنعتي سماج جو سمجهي هلندو آهي پر عورت جي معاملي ۾ پنهنجي ذهن کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو، مرد جي بالادستي کي جڏهن ڪائي عورت چيلينج ڪندي اهي ته مرد ان جو دشمن بڻجي ويندو آهي. عورتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون سازي ۾ رڪاوٽون ۽ سبب ڪجهه هن طرح جا آهن. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جا حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي ٻن طبقن ۾ رهڻ، پارٽي وابستگي ۽ پارٽي پاليسي واري مجبوري جو هجڻ. قانون سازي جي لاءِ اڪثريت جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته عورتون رڳو 33 فيصد آهن. اسيمبلين ۾ موجود مرد حضرات عورتن کي حقن جي حاصلات سان گڏ ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قانون سازي ۾ ان جي لاءِ ساٿ ناهن ڏيندا ڇو ته ان جي عورتن تي حاڪميت واري بالادستي ختم ٿي ويندي. عورتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف قانون سازي ڪئي وڃي. متاثر عورتن کي قانون جي نفاذ ۽ تحفظ جو اوترو ئي حق حاصل هجي جيترو متاثر ٿيندڙ ڪنهن مرد کي حاصل آهي. ڪاروڪاري جي حوالي سان عورت جي قتل تي مجرم کي موت جي سزا ڏني وڃي ۽ گڏو گڏ ڪاروڪاري جي واقعن جو نجي فيصلو ڪندڙ سردارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي به لازمي هجي ڇو ته ان سردارن جون اوطاقون ئي آهن جتي هو پاڻ غيرت جي فصل کي آبياري ڏئي رهيا هوندا آهن. عورتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون سازي جي اشد ضرورت آهي پر ان شرط تي ته قانون ڍاهيندڙ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ وارا ۽ قانون جي تحفظ فيصلو ڏيڻ وارن مردن سان عورتن جي برابري جي بنياد تي يا آبادي جي حوالي سان شراڪت لازمي هجي. خيبر پختونخواه، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ عورت جي ووٽ وجهڻ تي پابندي آهي ۽ اها پابندي انهن علائقن جي عمائيدين ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار پاڻ لڳائيندا آهن، قانون سازي جي ذريعي عورت جي ووٽ جي استعمال جي حق کي روڪڻ خلاف قانون ۽ ڏوهه قرار ڏنو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *