عوام جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جي صليب ؛عاجز جمالي

پيٽرول، کنڊ، ٽماٽر

پنجاب ۾ پيٽرول جو بحران آهي، سنڌ ۾ هزارين لکين مڻ ڪمند پيو آهي، شگر ملز وارا ڪمند کڻڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته اُهي آبادگارن کي مقرر ٿيل اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ڪمند جي زميندارن کي خاصو نقصان ٿيندو. نتيجو اِهو نڪرندو ته ايندڙ موسم ۾ کنڊ جو بحران ٿيندو. سرڪار کنڊ ٻاهران گهرائيندي، سرڪار ۾ ويٺل ڪجهه مافيائون “Kicks Backs” (ڪميشن) ذريعي اربين رپيا ڪمائينديون، جيئن پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪري اربين رپيا ڪمايا ويا، پر ميان نواز شريف ايئرلائين ڪمپني جي مالڪ وفاقي وزير پنهنجي پراڻي دوست، پي آءِ اي جي اڳوڻي چيئرمين شاهد خاقان عباسيءَ کان پڇاڻي بدران ٻه آفيسر معطل ڪري ڇڏيا. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اها ڳالهه نيٺ کلندي ته آخر پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪري ڪنهن ڪيترو مال ڪمايو. ڇو ته پيٽرول جو بحران ٿيڻ سبب پنجاب ۾ پي ايس او کي اربين رپين جو نقصان پيو آهي، ان جي عيوض سي اين جي ۽ ڊيزل مافيا کي فائدو ٿيو آهي. پنجاب ۾ پيٽرول کانپوءِ سنڌ ۾ به پيٽرول جي بحران جا امڪان آهن. کنڊ ۽ پيٽرول سان گڏ ”ٽماٽر“ جو نئون فصل لهڻ باوجود ٽماٽر جي مارڪيٽ ڪري پئي آهي. واهگا بارڊر ذريعي ڀارت مان هزارين ٽن ٽماٽر آخر ڪنهن گهرايا، ان ۾ به ڪروڙن جو ڪاروبار ٿيو هوندو، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ سرمائيدار گڏجي زميندار، آبادگار ۽ هاريءَ کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. زراعت ڪمروز ٿيڻ سبب پاڪستان اقتصادي، معاشي طور وڌيڪ ڪمزور ٿيندو. ظاهر آهي ته پوءِ وڌيڪ قرضن تي ڀاڙيندو. سنڌ ۾ ڪُل 30 شگر مِلون به ناهن، ڇا صرف 30 شگر مل مالڪ لکين آبادگارن کان ڏاڍا ٿي سگهن ٿا؟ سنڌ ۾ هارين جي ڪابه مضبوط تنظيم رهي ڪانهي، زميندار سڀ ڀاڙيا آهن. سنڌ جي زراعت کي نقصان پهچائڻ جو مطلب غربت کي وڌيڪ پکيڙڻ جي برابر آهي. سرڪار سڳوري شايد ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي، ڇو ته شگر ملز مالڪان، سرڪار ۾ جو آهن.

اعجاز راڄڙ جو ڏوهه

عام ماڻهن جو آواز ميڊيا ۾ نه ٿو گونجي. حيدرآباد پريس ڪلب آڏو گذريل ڏينهن ڄامشوري جي شريف خاندانن جون عورتون سيشن جج جي اڪائونٽنٽ ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪري رهيون هيون، سندن چوڻ هو ته ڄامشورو بئراج ڪالونيءَ جو نوجوان اعجاز راڄڙ گذريل 7 مهينن کان بي گناهه جيل ۾ بند آهي. قصو ڪجهه هِن ريت آهي جو گذريل سال ڄامشورو بئراج ڪالونيءَ ۾ رهندڙ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي اڪائونٽنٽ شفقت قريشيءَ جي گهر ۾ چور گهڙيا، گهروارن کي بند ڪري سڄو سامان، پئسا ڏوڪڙ، سون وغيره کڻي ويا. ڄامشوري ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي،ايف آءِ آر ۾ ڪجهه نامعلوم به ڄاڻايا ويا. پوليس سڄي علائقي ۾ ٻائيتال مچائي ڇڏي. ڪيترائي نوجوان گرفتار ٿيا، جن ۾ هڪ خاتون سرڪاري آفيسر جو ڊرائيور نوجوان اعجاز راڄڙ به شامل هو. ڪلرڪ سطح جي اڪائونٽنٽ شفقت قريشيءَ جو چوڻ هو ته سندس گهر ۾ ڏيڍ ڪروڙ روپين جو ڌاڙو لڳو. هڪ ڪلرڪ وٽ ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڪٿان آيا، اِهو خود هڪ الڳ سوال آهي، پر پوليس ان آڙ ۾ خوب پئسا ڪمايا. اعجاز جي والدين کان پهرين ڏيڍ لک ۽ پوءِ هڪ لک روپيا رشوت گهري وئي. پئسا نه ملڻ تي اعجاز کي پوليس ڌاڙي جي ڪيس ۾ قابو ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي پر بااثر اڪائونٽنٽ ڪاغذ پٽ گمُ ڪري ڇڏيا. جج صاحبان هڪ غريب خاندان جي نوجوان کي انصاف ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪو گذريل 7 مهينن کان بنا ڪنهن ڏوهه جي نارا جيل ۾ قيد آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وارثن اپيل ڪئي ته ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ هلايو وڃي، پر عدالت سڳوريءَ ساڳي عدالت کي 15 ڏينهن ۾ ڪيس نمٽائڻ جو حڪم ڏنو پر بااثر اڪائونٽنٽ هاڻي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. تازو سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جي قيام تي سخت اعتراض ڪيو ۽ مُلڪ ۾ فوجي عدالتون قائم ٿيڻ جمهوريت لاءِ ڪو سُٺو سنئوڻ به ناهي، پر عام ماڻهوءَ کي عام عدالتن مان انصاف ڪٿي ملي ٿو. خدا نه ڪري هڪ بيگناهه نوجوان کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڪا سزا ملي، پر جي سزا ملي ته ان نوجوان تي ڇا گذرندو. جڏهن هُو واپس ايندو سندس هِن ملڪ ڏانهن رويو ڇا هوندو. ڇا سندس ذهن باغي نه بڻجي چڪو هوندو، ان جو ذميوار ڪير هوندو؟

خدا جا ماڻهو

آسي زمينيءَ جو نالو سنڌ جي هر لکيل پڙهيل ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هوندو، پر مون سميت ڪيترن ماڻهن جي ذهنن تان شايد لهي ويو هُجي. تازو سوشل ميڊيا تي پڙهيم ته آسي زميني حيدرآباد ۾ باغين جي شام ۾ شرڪت ڪندو.

آسيءَ جي شاعري هڪ اهڙي صدا آهي، جيڪا عام ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ذهن ۾ اهو سوال گونجي ٿو ته آخر خدا جو ماڻهو ڪهڙو آهي؟ ڇا خدا جا ماڻهو اُهي آهن؟ جيڪي پيٽرول، ٽماٽر ۽ کنڊ جي ذخيره اندوزي ڪن ٿا. ڪميشن لاءِ سڄي خلق خدا کي لٽين ٿا؟ يا خدا جا ماڻهو اُهي آهن؟ جيڪي بي گناهه اعجاز راڄڙ وانگر جيلن ۾ سزائون ڀوڳين ٿا. هي سماج ۾ عجيب تضاصد آهي. سماج انهن رانگ نمبرز جي ور چڙهيل آهي، جيڪي حقيقت ۾ عوام جا دشمن آهن، اُهي سماج ۾ هر مسئلي جي پيداوار آهن. ڇو ته جيئن پيٽرول سستو ٿيو، تيئن پيٽرول غائب ٿيو. مطلب پيٽرول جو ڪاروبار ڪندڙ عوام کي سستو پيٽرول ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جيتوڻيڪ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ڏهه سال پراڻي اگهه تي اچي ويو آهي، پر اُهي سڀ مافيائون سرڪارن جو حصو هونديون آهن، اهي ئي وزير هوندا آهن، اُهي ئي اسٽبلشمينٽ جو حصو آهن، اُهي ئي قانون ٺاهيندڙ آهن، اُهي ئي قانون ٽوڙيندا آهن، ان ڪري عوام کي انصاف ملڻ مشڪل ٿيو وڃي ته اڄوڪي ليک ۾ ٽي الڳ الڳ موضوع اصل ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ائين ٿو لڳي هڪ ئي صليب جا ٽٽل ٽُڪرا هُجن، صليب جيڪا عوام جي ڳچيءَ ۾ ناهموار سماج پاران وڌل آهي. عوام جنهن کي ڳچي ۾ پيل صليب جا ٽٽل ٽڪرا خواب ٿا لڳن. سماج کي تبديل ڪرڻ جا ڪوڙا ٺيڪيدار سماج کي تبديل ڪرڻ بدران پنهنجي زندگيءَ کي تبديل ڪري ”شادي پئڪيج“ حاصل ڪري ماٺ ويهي رهيا، اسان تڏهن به چيو ته جڏهن تبديليءَ جي نالي تي ڌرڻا پئي لڳا ۽ جڏهن اُهي ڌرڻا ماٺ ٿيندا، پيٽرول جي هٿرادو کوٽ وانگر انقلاب جا هٿرادو ڌرڻا لڳا ۽ جڏهن انهن جي هوا نڪري وئي ته عوام ۾ ويتر مايوسي ٿيندي. هاڻي مايوسيءَ جي موسم شايد شروع ٿي وئي آهي. عوام جي ڳچيءَ ۾ اها ئي مسئلن جي صليب ٽنگيل آهي، جنهن جي ٽٽڻ جو هُو انتظار ڪري رهيو آهي، پر غلاميءَ جي صليب ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اسان جي ڳچين ۾ لڙڪيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *