عمران خان جي ڏنل وفاق ڌرڻن  جي ڌمڪي.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

عمران خان صاحب هڪ دعفو ٻيهر وفاق جي خلاف رستن تي اچي احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.عمران خان صاحب ان کان پهرين به ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏجي ڪري حڪومت جي خلاف اسلام آباد جي روڊن تي ڌرڻا هڻي چڪو آهي.جڏهن ته ان وقت عمران خان صاحب جنهن سبب جي ڪري ڌرڻا هنيا اهو سبب هو اليڪشن اندر ڌاندلين ڪرڻ جو،ان وقت عمران خان صاحب ڌانڌلين جي معاملي کي سامهون رکندي نه رڳو احتجاج ڪيو پر ن ليگ حڪومت کي تمام گهڻو پريشان حال رکيو.ان وقت نواز حڪومت کي پاڪستان پ پ پارٽِي ۽ ايم ڪيو ايم تمام گهڻو ساٿ ڏنو.پر هن وقت هڪ دفعو ٻيهر عمران خان صاحب وفاق خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ روڊن تي ڌرڻا هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.پر هن وقت عمران خان جنهن سبب جي ڪري احتجاج ڪري رهيو آهي.اهو سبب پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي  جو آهي.۽ پاڪستان جي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليل پيئسو ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان آندو وڃي.بجلي .گئس،تي لڳايل ٽيڪس واپس ورتو وڃي.اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي کي نجڪاري جي حوالي نه ڪيو وڃي.

عمران خان صاحب  چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت انهن مطالبن کي نه مڃيو ته حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.پر ن ليگ جي ميبرن عمران خان جي ڳالهين تي رد عمل ڏيکاريندي چيو ته عوام ڪپتان جي سياست جي سمجهي وئي آهي.عوام ڪپتان جي ڳالهين مان هاڻ بيزار ٿي چڪي آهي.پر مان سمجهان ٿو ته هن وقت پاڪستان جي جهڙي معيشي حالت آهي ۽ مهاگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ جيڪڏهن ان دوران عمران خان اهي مسئلا کڻي روڊن تي نڪري ٿو ته عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏيندي. ڇو ته ان جو به هڪ سبب آهي پهرين جيڪو عمران خان صاحب ڌرڻو هنيو هو ان ۾ عمران خان صاحب جو ئي مفاد هو ته سندس پارٽي سان وفاق ڌانڌلي ڪئي آهي.پر هن وقت ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو آهي،عمران خان جو مطالبو ئي ڪجهه ٻيو آهي،جيڪو سندو سنئون عوام جي حق ۾  آهي.۽ مان سمجهان ٿو ته عوام به شايد اهو ئي چاهي ٿي ته ڪو اهڙو رهبر هجي جيڪو پيٽرول.گئس،بجلي،۽ ٻين مسئلن کي کڻي ڪري حڪومت جي خلاف احتجاج ڪري ته اسين به ان سان گڏ روڊن تي نڪري انهن مسئلن خلاف احتجاج ڪيون.ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول پاڻي کان به سستو ٿي ويو آهي،جڏهن ته پاڪستان ايران سان ملي ڪري بجلي ۽ گئس جي بحران پڻ ختم ڪري سگهي ٿو.پر حڪومت ان طرف سجيندگي سان ويهي نه سوچي رهي آهي. ان ڪري عوام حڪومت مان بيزار ضرور آهي.

حڪومت جا دعوايدار اهو چئي رهيا آهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ پهرين ئي گهٽتائي ڪري چڪي آهي.۽ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ اسٽيل ملز جي نجڪاري ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته جيئن ڪراچي اندر ريجنرس آپريشن کي روڪيو وڃي.عمران خان ۽ وفاق جو جهِيڙو شايد هاڻ نبرڻ کان وڏو آهي. ڇو ته عمران خان پاڻ جي اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ ٿو چاهي ۽ ن ليگ حڪومت  ايندڙ پنج سال وري به اقتدار جي ڪرسي پاڻ وٽ رکڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.عمران خان  جي خلاف ته وفاق جي ميبرن پاران اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ ڪيتريون ڳالهيون پڻ ٻڌڻيون پيون آهن.ن ليگ جا ميبر اهو چئي رهيا آهن ته عمران خان صاحب پهرين ڪي پي ڪي جي حڪومت ته پوري طرح سنڀالي پوءِ وفاق جا خواب ڏسي.پر شايد وفاق کان اهو وسري ويو آهي ته ڀلي عمران خان ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي حڪومت کي نه سنڀالي سگهي پر هن هر دور ۾ وفاق کي ضرور پريشان ڪيو آهي.ان ڪري هن وقت به وفاق اهو ئي سوچيندي هوندي ته عمران خان ڪٿي ٿو هڙتال ڪري ۽ ڪڏهن ٿو هڙٿال ڪري. پر اهو ته وقت ئي ٻڌايندو.پر انهي ڳالهه کي ٻڌندي اهو افسوس ضرور ٿيندو آهي ته پاڪستان جي سياست اندر سياستدان عوام جي مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڄونڊا پٽ ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن.جنهن جي ڪري به ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي.ڪجهه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي پي آءِ اي پنهنجي حقن ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف احتجاج ڪيو.۽ وري حڪومت سان ٺاهه به ڪري ڇڏيو.پر ڏٺو وڃي ته انهي پي آءِ اي جي هڙتال دوران ٽي انساني زندگيون زايه ٿيون ۽ پاڪستان پي آءِ اي کي ڇهه سئو ارب رپين جو نقصان ٿيو.

جيڪڏهن حڪومت ۽ پي آءِ اي ملامن جي وچ ۾ جيڪو هلندڙ تڪرار هو اهو پهرين ئي ڳالهين سان حل ٿي وڃي ها ته ِشايد ملڪي معيشت جا ڇهه سئو ارب رپيا بچي پون ها ۽ ٽي انساني زندگيون به بچي وڃن ها.پر ان انا پرستي واري دور اندر حڪومت به پنهنجي ضد تي قائم رکي ۽ پي آءِ اي ملازم به پنهنجي ضد تي قائم رهيا نيٺ پي آءِ اي ملازمن حڪومت اڳيان گوڏي کوڙي ڇڏيا.ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انهي پي آءِ اي ۽ وفاق وچ ۾ جيڪو تڪرار ٿيو جنهن اندر ملڪي جي معيشت ۾ ڇهه سئو ارب رپين جو نقصان ٿيو،جيڪڏهن اهو ئي پسئو ذيان ٿيڻ بجاءِ عوام تي خرچ ڪيو وڃي ها ته عوام ۾ ڪيتري ترقي اچي ها.رڳو انهي پئسي مان ڪجهه ارب ٿر جي معصوم مرندڙ ٻارن تي خرچ ڪيا وڃن ها ته ٿر مان ڏکار واري صورتحال به ختم ٿي وڃي ها ۽ حڪومت لاءِ عوام جي دلين ۾ به محبت پيدا ٿي ها.ڪيترائي سال گذري ويا آهن ذولفقار علي ڀٽو ڳائجي پيو ڇو.؟اهو ان ڪري جو ان عوام جي درد کي پنهنجو درد سمجهو هن عوام تي ظلم ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪئي.پر ان دور ۽ هن وقت جي دور ۾ ڏينهن رات .زمين آسمان جو فرق نظر اچي رهيو آهي.هن وقت جي حڪومت پنهنجا ڀيٽ ڀرڻ ۾ پوري آهي ۽ ان وقت جي حڪومت عوام جا بکايل پيٽ ڀريندي هئي. هن وقت عمران خان صاحب ڪهڙي سوچ رکي ڪري وفاق کي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ وفاق ڪهڙي سوچ رکي ڪري اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته تيل،گئس،پيٽرول ۽ ِٻين شين جي قيمن ۾ گهٽتائي نه ڪجي.جڏهن ته عمران خان پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي نجڪاري خلاف پڻ ڌرڻن جو علان ڪيو آهي.ان ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪٿي عمران خان رڌڻن واري ڌمڪي جيڪڏهن سچ ثابت ٿي ۽ عمران خان وفاق جي خلاف احتجاج شروع به ڪيو ته ڇا ان سان عوام جي مسئلا حلا ٿيندا يا عوام کي ان مان نقصان ٿيندو.اهو به هڪ اهم سوال آهي.ڇو ته عمران خان ڪٿي رڻ ۾ وڃي ته ڌرڻا ڪون  هڻندو جو ان سان نه عوام متاثر ٿيندي ۽ نه ئي حڪومت تي ڪو ڊٻاءُ پوندو.پر عمران خان اهڙي جڳهه ڳولي ڌرڻو هڻندو.جنهن سان حڪومت کي پرِيشانيون ٿين ۽ هو عمران خان پاران رکيل مطالبا وڃي وٺي.پر ان سان گڏ اهو به ته سوال آهي ته جيڪڏهن عمران وفاق خلاف ڌرڻي جو اعلان ٿو ڪري ته عوام سندس ڪيترو ساٿ ڏيندي.جڏهن ته عوام پي آءِ اي جي ڌرڻڻ ۾ ٿيل ملڪ جو نقصان ڏسي چڪي آهي.ان ڪري هر ذهن ايترو ته ضرور سوچڻ تي مجبور ٿي ويو هوندو ته آخر پاڪستان اندر هر مسئلو ڌرڻي کان سواءِ ڇو ڪون ٿو حل ٿي.هر مسئلي لاءِ ڌرڻا هنيا پيا وڃن.لڳي ٿو شايد هاڻ پاڪستان مان هر مسئلو جو حل شايد ڌرڻو ئي آهي.پر عوام شايد اهو نه ٿي چاهي.عوام چاهي ٿي ته حڪومت هر انهي مسئلي کي فوري بنا ڌرڻن جي حل ڪري. جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجي.ان ڪري حڪومتن جي اڳواڻڻ جي گهرجي ته عوام جي حقن جي ڌڙا هڻڻ بجاءِ عوام جي حقن کي عوام تائين رسائي ممڪن ڪن.جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.
mustafa.03333737575@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *