عجب سياست!؛مهر بخاري عباسي

غلطي تي غلطي، غلطي نه پر سرڪشي هوندي آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ان فن ۾ ڪمال رکي ٿي. پنهنجي منشور جي مصنف ۽ پهرين سيڪريٽري جنرل جي اي رحيم سان 1975ع ۾ جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو ئي رويو اڄڪلهه ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا سان هلندڙ آهي.

بادشاهي سياست جا طريقا جيڪڏهن درياهه دلي تي اچن ته عدنان خواجه کي او جي ڊي سي ايل ۽ توقير صادق کي اوگرا جو چيئرمين ٺاهيو وڃي. مزاج تي پورو نه لهي ته حسين اصغر جهڙي جاچ آفيسر کي نوڪري مان هٿ ڌوئڻو پوي.

بدعنوانين تي ”مٽي پاؤ“ جو مرض لڳل هجي ته بلند اختر رانا جي ٻٽي شهريت سميت سنگين الزامن جو ڊگهو داستان هڪ صدارتي خط سان صاف ٿي وڃي. انڌير نگري ڄرٻٽ راجا اهڙو جو چيف جسٽس بلند اختر رانا جي بدعنوانين ۽ اسڪينڊلز جي ڊگهي فهرست سامهون رکي آڊيٽر جنرل جو حلف کڻڻ تي مجبور.

گذريل ڏينهن مالي بي ضابطگين تي بلند اختر رانا جي برطرفي واري خبر ٻڌي ته اسان جا زخم تازه ٿي ويا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي تي ويهي پ پ جي تعريف ڪرڻ ۾ پورو هو ۽ پيپلزپارٽي تي اهو گمان طاري هو ته صحافي جي حيثيت ئي ڪهڙي جو تير تي آڱوٺو هڻندڙ ووٽر ان تي ڌيان ڏي.

پ پ پنهنجي ڌُن ۾ رهي، ۽ 5 سالن دوران ووٽرن ڪن به کليل رکيا ۽ اکيون به. انهيءَ باخبري ملڪ گير پارٽي کي لياري جي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو. عدالتي احاطي ۾ ماسڪ پاتل سرڪاري ڪمانڊوز گاڏين مان لهي ڏنڊن، لتن ۽ مڪن سان ميڊيا ۽ ذوالفقار مرزا جي ذاتي محافظن کي سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اندازو ٿيو ته واقعي اسان بين وڄائي رهيا هئاسين. پارٽي جي نظريات ته بدلجي وئي پر فطرت نه. موقف صرف پيپلزپارٽي تائين محدود ناهي. بلديه ٽائون سانحي کان وٺي ماڊل ٽائون ۽ ايبٽ آباد کان ڊسڪا ۾ وڪيلن سان پيش آيل واقعو پڻ ان رويي جي عڪاسي ڪري ٿو.

ايبٽ آباد ۾ جهيڙي ۾ ٻه شخص پوليس جو نشانو ۽ ڊسڪا ۾ پنجاب پوليس هٿان ٻن وڪيلن جو موت پڻ جنگ جي قانون جي راڄ جو اظهار آهي.هڪ طرف اها ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ٻئي طرف ڀارتي وزير دفاع پاران هرزه سرائي تي ڇڪتاڻ واري صورتحال. اُن جي اها ڌمڪي ته ”دهشتگردن سان دهشتگردي ذريعي ۽ ڪنڊي کي ڪنڊي ذريعي ڪڍيو ويندو“ ”ڪڇ ۾ ڇري، وات تي رام رام“ جي هندستاني حربي کي جتي پهرين دفعو سرڪاري سطح تي بي نقاب ڪيو ويو اُتي ”را“ جي پاڪستان ۾ ڪارستانين کي تصديق جي مهر پڻ لڳي چڪي آهي پر حڪومت، ٺوس شاهدن ۽ مضبوط ثبوتن هٿ هجڻ باوجود مصلحت پسندي جو شڪار ڇو آهي؟ مان نه مڃان، مان نه سکان جي روايت اسان جي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي رڳ رڳ ۾ رچي وئي آهي؟

(ڊان ڊاٽ ڪام جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *