عام ماڻھو کان پوء هڪ وڪيل جو قتل ذميوار ڪير ؟؟؟‎: احسان جوڻيجو

هر روز اخبارون هڪ مختصر خبر سان نظر اينديون ت سنڌ جي علائقي هتان لاڙڪاڻو ، سکر يا دادو مان  هڪ نوجوان جو چچريل لاش مليو آهي سنڌ جي هن ڪئنال مان ٻڏل هڪ نوجوانو جو لاش مليو آهي يا وري ڪراچي مان لاڙڪاڻي دادو يا ڪشمور  جي شھر واسي نوجوان جو ٻوري بنڌ لاش مليو آهي پر اڄ تائين اهو ڪو ن ٻڌو آهي ت ان واقعي ۾ ملوث جوبدار گرفتار ڪري ڪورٽن  عبرتناڪ سزائون ڏياريون ويون آهن يا وري واقعي جي متاثر ماڻھن ڏي ڪو حڪومتي وزير لڙي آيو هجي ۔

هوئن ت هر روز ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ملندا هيا هر روز سر ڌڙ کان ڌار ٿيل يا تشدد ٿيل لاش ملندا هيا پر اڄ لاڙڪاڻي واسي نوجوان وڪيل نياز کھاوڙ جو 3 ڏينھن پھريان اغوا بعد اڄ بقاپور مان ٻوري بند لاش ملڻ هڪ افسوس ناڪ ء مذمتي واقعو آهي اهڙا واقعا سنڌ ۾ بد امني ڦھلائڻ ۽ سنڌ جو امن سبوتار ڪرڻ جون ڪڌيون سازشون آهن ۔ هي واقعو ڀلي ذاتي دشمني جو هجي يا ان وقعي ۾ ڪا ٽئين قوت ملوث هجي جيڪا شايد هن جي ڪردار کان ڊڳل هجي ڪي ب هجي پر جيڪڏهن هرروز ڪو ن ڪو نوجوان کنڀيو وڃي ٿو ماريو وڃي ٿو ٻوري ۾ ويڙهي لاش موڪليو ڃي ٿو ان جو ذميوار ان واقعي جا جوابدار ڪھڙي ليڪي ۾ لڪيل آهن جو هتان جي قانوني ادارن حڪومتي عملدارن کان ڳولجھي ن ٿاسگھن يا اهي ڪھڙيون طاقتون آهن جيڪي هر روز ڪارو برڪو اوڙي رات جي پيٽ ۾ سنڌي نوجوان شاگرد توڙي نياز کھاوڙ جيان نوجوان وڪيل کنڀي گم ڪن ٿيون ۽ انھن جا لاش تشدد ڪري چچري يا ٻوري ۾ بند لاش ملن ٿا ۔ هي جيڪا بيچيني وڌندي ٿي وڃي آخر هي واقعا ڪيسيتائين سنڌي قوم سھندي رهندي آخر ڪيسيتائين نوجوانن جا لاش کڻندي رهندي يا هنن واقعن جي اصل حقيقت ڇاآهي جو هر ايندي روز ڪو ن ڪو ڪٺو وڃي ٿو پر حڪومتي ارڪانن جي ڪن تي ڪا جونء ب ڪو نن چري ٿي ۔

هت حڪومتي عملدارن کان اهو سوال ڪيان ٿو ت هن نوجوان جو ڏوھ ڪھڙو هيو ، هي ڪنهن جي هٿان کنڀيو ، هن کي ڪھڙي سازش تحت ماريو ويو ، هن جو آواز ڪھڙي ڪاريھر نانگ ڌٻايو , 3 ڏينھن اڳ هي نوجوان لاڙڪاڻي  مان کنڀيو وڃي ٿو هن جي آزادي لاء ڪھڙا قدم کنيا ويا ، هن جي موبائل فون جو جيڪو رڪارڊ هٿ ڪيوويو ان کان بعد ڪاروائي عمل ۾ ڇو ن آندي وئي ، جوبدارن جو نيٽ ورڪ مطلب ايڏو ت مضبوط هيو جو توهان اتي پھچي ن سگھيو ڀلا جي توهان جون اهي اهڙيون ڪمزوريون رهيون ڀلا جي  اوهان جون اهي ڪوتاهيون رهيون ت سنڌ جي  نوجوانن جي ناحق قتل جو حساب ڪير ڏيندو ؟؟؟؟؟

آخر توهان جا قانوني ادارا اهڙن عناصرن تائين پھچڻ ۾ ڇو ناڪام آهن يا اهي عناصر ايترا ت ڏاڍا آهن جو اوهان انھن کي ڇھي ب نٿا سگهو ؟ ڪالھ سنڌ اندر عام ماڻھو جو قتل عام عروج تي هيو روز نوجوان جا مختلف قسمن جي واقعن ۾ لاش پيا ملن ۽۽ ملندا اچن ٿا پر اڄ هڪ ايڊوڪيٽ جو لاش هتان جي قانوني ادارن جا پول پڌرا ڪري ٿو هنن جا ڪارڪردگي توڙي ڪردار تي سواليه نشان ٿي بيھي ٿو ۔ جنھن ملڪ جا قانوني ادارا هتان  جي سبين محمود جيان هڪ سوشل ورڪر کي تحفظ ن ڏيئي سگھن ، ڪنھن جج يا معزز شخصيت يا نياز کھاوڙ جيان ايڊوڪيٽ کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وڃن اهي ادارا عام ماڻھو کي ڀلا ڪھڙو تحفظ ڏيئي سگھندا ؟؟

روز ڪوڪ دانھون احتجاج ڪندي پنھنجي انصاف لاء دانھيندي هي سنڌ جون نياڻيون دڳن تي نظر اچن ٿيون پر حڪومتي وزيرن جي چپ ڪيئي سوال جنم وٺن ٿا ۔ جيڪڏهن هن وزيرن جو پنهنجو پٽ ڀاء يا ڪو رشتي دار ان واقعي جو شڪار ٿئي ت ڇا انھن جي اهائي چپ هوندي ۔ ڪڏهن ڪو وزير يا مشير جو پٽ اغوا يا ايئن بيدردي سان قتل ناهي ٿيو ڇو جو هنن جي پويان  ڪاري وردي وارا پھرو ڏيندي نظر اچن ٿا هو عوام جا رکولا پٽيوالي ڪندي وزيرن جي درن تي نظر اچن ٿا ۽ عوام کي رحم۔ڪرم تي ڇڏي ڏين ٿا ۔ هي سنڌي قوم جي ووٽن تي  اسيمبلين ۾ چونڍجي آيل ڪڏهن سنڌي قوم جا حقيقي نمائندا بڻبا هنن بي ضميرن جا ضمير ڪڏهن جاڳندا هنن معصومن جو قتل عام ڪڏهن رڪندو هنن جا جوابدار هنن جا قاتل ڪڏهن پڪڙيا ويندا  ۽ هي تازو ٻوري بند لاش جنھن بيچيني پکيڙي ڇڏي آ ڇا هي واقعو ڇا چچريل لاشن جيان هي   ب معمول بڻجي ويندو يا هي هن قسم جا واقعا روڪڻ لاءء ڪي جوڳا قدم کنيا ويندا ۔اسين سنڌ حڪومت اعلي عملدارن کان هنن واقعن جي روڪٿام جي گھر ڪيون ٿا۽ هنن واقعن م۾ ملوث جوبدارن خلاف تڪڙا مثبت ايڪشن کڻڻ جي پڻ گھر ڪيون ٿا ت جيئن آئيندا اهڙا واقعا ٻيھر پيش ن اچن ۽ ڪنھن ماء جا پٽ ايئن ٻوري بند لاش جي شڪل ۾ کنڀي ن ملن ۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *