طالبان جي تتل جسم مان ڦٽندڙ داعش ۽ دهشتگردي جو خوف: گل مورو

طالبان جي تتل جسم مان ڦٽندڙ داعش جي دهشتگردي ۽ شدت پسند ڌرين پاران ايشيائي خطي سميت جنهن ۾ پاڪستان، افغانستان کان ويندي جڪارتا تائين دهشتگردي واري واقعا رونما ٿيا آهن ان مان ثابت ٿئي پيو ته هن وقت داعش ۽ ٻيون دهشتگرد ڌريون جن جو تعلق مذهبي ۽ شدت پسند انتهاپسندي واري رجهان سان ملندڙ جلندڙ آهي جن جو تعلق هميشهه پاڻ ۾ رهيو آهي ان سلسلي هن وقت سڄي دنيا سميت خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان توڙي ڀارت کان وٺي ايران، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ جنهن تيزي سان دهشتگردي واريون ڪارروايون هڪ ئي ڏينهن اندر ڪيون آهن ان واقعن سڄي دنيا جي امن پسند ماڻهن کي حيراني ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي اوچتو ئي اوچتو بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئٽا ۾ پوليو جا ڦرا پياريندڙ ٽيم مٿان آپگهاتي حملو جنهن ۾ 15 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت عام زندگيءَ سان وابسطه ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته انهيءَ واقعي بابت به اهو چيو پيو وڃي ته هي واقعو به انهن ئي دهشتگرد قوتن جو ئي نظر اچي پيو جن هميشهه پاڪستان اندر شروع کان وٺي دهشتگردي واريون ڪارروايون پئي ڪيون آهن اهي ئي ملوث ٿي سگهن ٿا انهيءَ ڏينهن پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ميڊيا جي اي آر واءِ نيوز جي آفيس تي دستي بمن سان پڻ حملو ڪيو ويو جنهن جي ذميواري به داعش افغانستان جي دهشتگردن قبولي ورتي آهي ان ساڳئي ڏينهن ئي افغانستان ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو ان ۾ به 6 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ان جي ذميواري به داعش جي دادلن قبولي ورتي آهي.

ان منظر مان اهو واضح ٿئي ٿو ته طالبان دهشتگرد ڌريون توڙي داعش جون دهشتگرد ڌريون جن جو تعلق عالمي سامراج سان هميشهه رهندو آيو آهي اهي نه ٿيون چاهن ته هن ايشيائي خطي اندر ڪو امن سڪون هجي ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو ڀارت اندر پٺاڻ ڪوٽ ۾ دهشتگردي وارو واقعو پيش آيو هو ان بابت به مودي سرڪار کان وٺي ڀارت جي سيڪيورٽي ايجنسين پاڪستان جي سرڪار کي اهو چيو ته ان واقعي ۾ دهشتگردن جو تعلق پاڪستان جي علائقي سان آهي جنهن جا ثبوت پاڪستان حوالي ڪيا ويندا ۽ انهن دهشتگردن کي چٽو ڪري ميڊيا اڳيان ۽ اسان جي حوالي ڪيو وڃي. جڏهن ته هن واقعي کان اڳ افغانستان کان لاهور پهچندڙ نريندر مودي سموري صورتحال ۽ ايشيا جي پس منظر کي جاچيندي ڳالهين واري آڇن کي قبول ڪندي اهو فيصلو ميان نوازشريف سميت گڏجي ڪيو ويو هو ته پاڪ ڀارت وچ ۾ جيڪو ڳالهين وارو ڊيٽ لاڪ پيدا ٿيل آهي ان جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وينديون ۽ خارجي سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون جاري رکيون وينديون ۽ ان سلسلي ۾ پاڪ هند جي گڏيل رضامندي سان سيڪريٽري سطح واريون ڳالهيون پڻ ڪرڻيون هيون پر اوچتو ئي اوچتو ڀارت اندر پٺاڻ ڪوٽ واري واقعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ انهن ڳالهين ۾ رخنو وجهي ڇڏيو ۽ ڀارت جو اهو ئي مطالبو هو ته ڪهڙي به طريقي سان واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن جو تعلق دهشتگرد تنظيم جيش محمد سان آهي انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان جي ملڪي اختيارين ان مطالبي جي نتيجي ۾ پنجاب مان جيش محمد جو سربراهه مسعود اظهر سندس ڀاءُ ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري سموريون آفيسون سيل ڪندي ۽ رڪارڊ پڻ ضبط ڪيو ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم ميان نوازشريف حملي بابت جاچ لاءِ 6 رڪني ڪاميٽي مقرر ڪندي هندوستان کي وڌيڪ مطمئن ڪرڻ لاءِ هندوستان موڪلڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. واضح رهي ته جيش محمد جو سربراهه مسعود اظهر پابندي مڙهيل تنظيم ان تنظيم جو باني افغان جهاد جي پيداوار آهي جنهن پنهنجي ساٿين جيان هن شدت پسند ڪارروايون ڪيون .

هن ڏکڻ پنجاب جي علائقي بهاولپور جي هڪ سرڪاري استاد جي گهر ۾ جنم ورتو ابتدائي تعليم کان پوءِ وڌيڪ انتهاپسندي جا درس وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ جي بنوريا ٽائون واري مدرسي پهتو هو. سوويت افغان واري جنگ کان اڳي هن افغانستان اندر عسڪري تربيت ورتي هئي ۽ دهشتگرد تنظيم حرڪت النصار سان گڏ افغان ۾ وڙهندي زخمي به ٿيو هو مسعود اظهر کي 1993 ۾ سري ننگر ۾ هڪ ڇاپي دوران ڀارتي اهلڪارن گرفتار به ڪيو هو ان جو شمار انهن خطرناڪ ويڙهاڪن سان ليکيو وڃي ٿو جيڪي هميشهه دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيا آهن آمريڪا واري يارنهن اليون واري واقعي کان پوءِ ڪابل تي آمريڪي بمباري جي جواب ۾ مسعود اظهر ڪابل مان نڪري پنهنجي ماڳ اچي پهتو هو اهو به واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ واجپائي واري دور ۾ مسعود اظهر ڀارت جو جهاز اغوا ڪري پنهنجا ساٿي آزاد ڪرايا هئا ۽ ان واقعي کان پوءِ ڀارت جو اهو بار بار مطالبو ايندو رهيو ته نه رڳي مسعود اظهر پر جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد به تاج محل واري واقعي ۾ ملوث آهي ان کي به ڀارت حوالي ڪيو وڃي البته اهو حافظ سعيد ڀارت حوالي ته نه ٿي سگهيو پر ڀارت اندر جيڪو پٺاڻ ڪوٽ وارو واقعو پيش آيو ان واقعي پوري ايشيائي خطي کي وري وڏي امتحان وجهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پاڪ ڀارت ڳالهيون پڻ ملتوي ڪيون ويون ۽ هاڻ ته اهي سيڪريٽري سطح واريون ڳالهيون به ملتوي ٿي چڪيون آهن.

سو ڏسجي ته پاڪ ڀارت وچ ۾ اهي تعلقات جيڪي ميان نوازشريف ۽ مودي سرڪار جي وچ ۾ ملاقات کان پوءِ خوشگوار موڊ ڳالهيون ٿي چڪيون هيون اهي تعلقات قائم رهي سگهن ٿا يا نه يا اهي مذاڪرات وري ماضي جيان ڊيٽ لاڪ بڻجي وڃن ٿا نه رڳي پاڪ ڀارت وچ ۾ دهشتگردي واري مسئلي تي ڇڪتاڻ هلندي رهي ۽ آهي پر هن وقت هن ايشيائي خطي اندر پاڪ افغان جي وچ ۾ جيڪي بگڙيل تعلقات موجود هيا انهن جي خاتمي لاءِ تازو چار ملڪي اتحاد جنهن ۾ آمريڪا، چين، افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چند ڏينهن اڳ وفاقي گادي واري هنڌ ڳالهيون پڻ ٿي چڪيون آهن ته ڪهڙي به طريقي سان افغان اندر جيڪي افغان سرڪار لاءِ طالبان ڌريون ويڙهاند ذريعي ڏکيائون پيدا ڪري رهيون آهن انهن کي ڪهڙي به طريقي سان راضي ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائڻ گهرجن ۽ ان لاءِ روڊ ميپ ۾ تيار ڪيو ويو آهي ته مارچ تائين ڪهڙي به حالت ۾ افغان اندر امن بحال ٿي سگهي ته جيئن اهي سيڙپڪاري واريون ڳالهيون يا وري تجارتي حوالي سان جيڪي عالمي قوتن جا هن وقت افغانستان کان ايشيائي رياستن واري رستي ذريعي راهداري کان وٺي گئس توڙي بجلي ريلوي توڙي روڊ رستن جون رٿائون جوڙيون ويون آهن اهي مڪمل ٿي سگهن ۽ افغانستان اندر جيستائين امن قائم نه ٿيندو اوستائين هن پوري ايشيائي خطي ۾ نه امن قائم ٿي سگهندو نه وري اهي سيڙپ واريون خواهشون پوريون ٿي سگهنديون ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سڄو زور آمريڪا کان وٺي ان جي اتحادين توڙي چين ۽ روس جي پيوٽن جو به اهو ئي زور آهي ته هن وقت انهن طالبان دهشتگردن کي يا ته ڪچليو وڃي يا وري کين محبت ۽ مزي سان ماٺ ڪرائي وڃي جنهن جو ذڪر بي بي سي جي نمائندي رحيم الله يوسفزئي اهو به ڄاڻايو آهي ته افغانستان اندر وڙهندڙ طالبانن کي اها به پيشڪش ڪئي وئي آهي ته جهڙي ريت اوهان طالبان واري دور ۾ افغان کان ايشيائي رياستن تائين گذرندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالرن جو تحفظ ڊالرن ذريعي ڪندا هيا انهيءَ پيشڪش واري فارمولي تحت هاڻ به توهان اڳيان اها ئي پيشڪش آهي ته جيڪا تاجڪستان کان پاڪستان تائين تاپي گئس منصوبو شروع ٿيڻ وارو آهي ان جي سار سنڀال لاءِ ٿورن گهڻن ڊالرن تي اهي ذميواريون اهوان حوالي ڪيون وينديون ۽ افغانستان جي اشرف غني کان وٺي عبدالله عبدالله سان گڏجي حڪومتي شرڪت داري ۾ به اوهان کي ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويندو سو ان لاءِ چار اتحادي فارمولي تحت مارچ تائين ٽائيم ڏنو ويو آهي ۽ اها سڄي ذميواري پاڪستان مٿان رکي وئي آهي سو ميان نوازشريف لاءِ موجوده صورتحال جيڪا نظر اچي پئي اها انتهائي ڏکي نظر اچي پئي ڇو ته هڪ طرف ڀارت واري واقعي امن کي ڄڻ ته ڌڪ رسائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري چار ملڪي اتحاد ٽائيم ٽيبل جي سندس مٿان ذميواري به وڌيڪ معاملي کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته ٽئين طرف وري سعودي ايران جي وچ ۾ ڇڙندڙ جنگ به وڏي امتحان ۾ کيس وڌو آهي ڇو ته تازو سعودي جي سفارتڪارن کان وٺي ولي عهدن تائين اسلام آباد ياترا عسڪري توڙي سياسي قيادتن سان مسلسل ملاقاتون ۽ مطالبن جي لسٽ پيش ڪرڻ به وڏو امتحان آهي ڇو ته هن وقت سعودي حڪمران جن ملڪي اختيارين اڳيان اهو پڻ مطالبو رکيو آهي ته اوهان جي هر ڏکئي وقت تيل ۽ سيل ذريعي مدد ڪئي وئي آهي ان جي نتيجي ۾ اوهان کي به 34 عرب ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻو پوندو ان نتيجي ۾ پاڪستاني اختياريون ڪو به واضح جواب ناهن پيش ڪري سگهيون جڏهن ته برطانوي خابرو ادارن اهو ڄاڻايو آهي ته سعودي سرڪار جي عرب سڳورن اڳيان پاڪستاني اختيارين اهو مطالبو رکيو آهي ته سعودي ۾ 25 هزار پاڪستاني فوج ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر شرط اهو آهي ته انهن کي سعودي جي نيشنلٽي ڏيڻ سان گڏ سندن سمورو خرچ به سعودي کي ڀرڻو پوندو سو ڏسڻو اهو آهي ته ان صورتحال ۾ پاڪستان ڪهڙو قدم ٿو کڻي. جڏهن ته پاڪستان ۾ موجود افغاني سفير جانان موسيٰ زئي چيو آهي ته افغان عمل جو موجوده وقت جيڪڏهن ظاهر ٿيو ته هن پوري ايشيائي خطي ۾ ايڏي وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي جنهن جو اندازو انتهائي مشڪل هوندو. هوڏانهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما به پاڪ افغان تعلقات پاڪ ڀارت تعلقات سعودي ايران جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري سموري پس منظر کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ آف دي يونين کي خطاب ڪندي اهو چيو آهي ته داعش کي تباهه ڪنداسين پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ عدم استحڪام جو خدشو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهندو ڪجهه علائقا اڃا به دهشتگردن جا ٺڪاڻا آهن انهن جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي قدم کڻڻو پوندو. ان مان واضح ٿئي ٿو ته 2016 خاص طور تي هن ايشيائي خطي لاءِ اهم سال قرار ڏنو پيو وڃي جنهن جو اظهار لال حويلي جي لاڏلي شيخ رشيد به ڦاٽ کاڌو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن انهن جي روڪٿام نه ڪئي وئي ۽ پنجاب اندر سندن هيڊڪوارٽر تباهه نه ڪيا ويا ته ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. سو ڏسڻو اهو آهي ته وڌندڙ دهشتگردي جيڪا طالبان کان ٿيندي داعش جي روپ ۾ پيدا ٿي آهي ان جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *