ضلعي ۾مڪاني چونڊ سياست ۾ڪير ڪامياب ٿيندو..: ڪليم الله خلجي

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾چونڊ چهچٽي ۾پير، مير ۽ لٺ، چَٺ ۽ چِٽ جي سياست بعد بنيادي۽ خدمت واري سياست جونقشوئي بدلائي ڇڏيوآهي خدمت ديانت ۽ وفاداري جون ٻوليون پيون لڳن اهڙي سياسي حرارت ۾خان ۽ ڀوتاربه هڪ لحظي جي به ديرکانسواءِزنده لاش وانگرسياسي دنگل ۾ملاکڙي جي تماش بِينن۽کيڏارين تي ڪرپشن مان ڪمايل ڏوڪڙنڇاورڪرڻ۾رڌل آهن اهڙا ڀوتار جن خدمت خاطرعوام کان عام چونڊن ۾ووٽ ورتاپراهي ٽي سال ڳوليانه لڀيامنظورنظر۽ ها۾ها ملائڻ ۽ جي جي ڪار ڪندڙن مٿان نوڪرين،ٽوڪرين جومينهن وسائي پنهنجو پاڻ ملهايائون سال2015جي ڏهين مهيني جي آخري تاريخ تي چونڊچهچٽي۾مُلهه ڪرائيندڙانساني واپارين سڃاڻپ ڪارڊن جي خريداري بعد ٽاؤن ڪميٽِين،يونين ڪونسلن۽ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽِي جي ڪاؤنسلرن جي ٻوليون لڳل عوامي نمائندن۽ خريد ڪيل ووٽرن جي چونڊ ۾مَلهه وڙهندي ڏٺاويندا ڀلا اهڙي سياست جنهن کي غداري، مڪاري، فريب جونالوبزبان زدِعام جوپئي ڏنووڃي اهڙِي سياست کي تاريخ ۾ڪارن لفظن سان ته ضرورڀيٽيو ويندوپرخدمت واري سياست سان نه ملايوويندو جنهن جي بنياد ئي ڪرپشن تي هجي۽ پنهنجا نواز پاليسي جي ضُمري ۾اچي ته اهڙي سياست مٿان دليل ڪونه بڻبوآهي ڪيترن ئي پترڪارن سياسي رنگ ۾رنگجي عوام کي انهن جي مستقبل کان خبردارڪيو پر سياسي رنگن جي رنگيني۾سياسي پنڊتن آڏوعوام بيوس بڻجي پنهنجي ضميرجوهميشه ڪم نه ايندڙڪجهه ٽَڪن ۾ سودوڪيو!ڀلاجيڪو ڏوڪڙڏيئي ووٽ جي خريداري ڪري رهيوآهي اهي ڇاعوامي خدمت خاطر اقتدارجي ڪرسي تي ويهي عوام جي حق۾فيصلاڪندا؟

هميشه اهڙن نام نهاد نمائندن عوام جي حقن تي ڌاڙوهڻي پنهنجي پيٽ جي پوجاڪئي آهي۽ وري سياست ۾ڪاهي پياآهن98سيڪڙو محڪوم ۽ مجبور عوام مٿان02سيڪڙوجاگيردارن،وڏيرن،آبائي سياستدانن حڪمراني ڪري پنهنجي قسمت ته بدلائي پر عوام جي قسمت ڦِٽائي ڇڏي۽ڏنل گهاؤُجودرمل به نه بڻياضلعي ڪشمورڪنڌڪوٽ به هن وقت اهڙي ئي الميئي جي داستان جوباب بڻجي ويوآهي ضلعي جي سياست هميشه پيرن ميرن۽ڀوتارن،جاگيردارن جي زيراثررهي آهي کٿي موتمارڌمڪيون ته کٿي لوڀ۽لالچ جوچڪموڏيئي مڪاني اميدوارن کي چونڊچهچٽي جي دنگل مان ٻاهرڪيوپيووڃي پر حقيقت کان ڪڏهن به ڪنڌڪونه ڇڏائبوته خدمت خاطرووٽ وٺندڙعوامي نمائندن کا عاري هي چونڊون برادرين، ايماندارن۽حق پرست نمائندن جي امتحان جو به مرحلوآهي پرڪجهه اتحادين کي ضلعي۾سهاناخواب ڏيکاري انهن جي پوئواري ڪرڻ جاوچن ڪياوياجيڪي هميشه خواب ئي رهجي وياايماندار۽فرض شناس عوامي نمائندن کي مڪاني چونڊن۾چريوڪوٺيوپيووڃي جي يوآئي۽جماعت اسلامي پنهنجي پنهنجي اميدوارن کي کٽائڻ لاءِبه اهڙن ئي وڏيرن جاساٿاري ٿياآهن ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺوجي سياست ۾هرڪوئي پنهنجي ڳوٿري کي ڀرڻ۾رڌل آهي ضلعي ڪشمورڪنڌڪوٽ۾پ پ بمقابله پ پ هجڻ ڪري هتي پاڪستان تحريڪ انصاف، قومي عوامي تحريڪ، سنڌترقي پسندپارٽِي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽِي جي اميدوارن به ميدان ڪارزار ۾کيڏاري بڻجي وياآهن پرانهن جي وجودکي هتان جي وڏيرن ڪڏهن به تسليم ڪونه ڪيوآهي۽نه ئي انهن کي ڪا سيٽ ملڻ جي قوي اميد آهي.

جمهوريت۾سياست جتي خدمت جونالوهواتي هاڻ پنهنجانواز پاليسي جوبڻجي ويوآهي ضلعي ڪشمورڪنڌڪوٽ۾مڪاني چونڊدنگل۾ٻه چارڏينهن بچڻ سان چونڊچهچٽي۾وڌيڪ مانائتومزوپيووڌندووڃي کٿي نعره۽گاجاته کٿي رنگين محفلن به ووٽرن کي ڀلجي ويل بنگلن جارستابه ياداچي وياآهن ڪشمورميونسپل ڪميٽِي سردارسليم جان خان مزاري جي زيراثرهجڻ ڪري هتان جي عوام الله سائين جي ڳئون آهن جن هميشه الائجي ڪهڙي اڻوڻدڙخوف وچان انکي چونڊيوڪشمورجي مختلف يونين ڪونسلن۾ ضلعي جنرل ڪونسلرچونڊرائڻ ۾سموريون برادريون ميدان تي لٿل آهن جن۾ڊومڪي، گوله، بنگوار،مزاري،جکراڻي۽ٻيون برادريون شامل آهن جنکي پ پ جي طاقتورسياست دان سليم جان خان مزاري جوساٿ آهي پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي ايم اين اي ميرگل محمد خان جکراڻي کي الائجي ڪهڙي پَسي پرده طاقت ضلعي چيئرمين بڻائڻ جوعنديوڏنوآهي جنهن کي هارائڻ لاءِ سردارسليم جان مزاري سياسي مداخلت ڪري مخالف اميدوارکي سرسي ڏيارڻ۾رڌل آهي پرانهن پاڻ ضلعي چيئرمين شپ لاءِتنگواڻي سان تعلق رکندڙمحمد خان کوسوکي اميدوار طورسامهون آندوجنهن جو هڪ ڀاءُمحمودخان صوبائي وزيرميرهزارخان بجاراڻي جي حمايت سان ميدان۾لٿل آهي ٻئي طرف ته پ پ جي هن سينئراڳواڻ محمد خان کوسوکي نندواڻي برادري جي ماڻهن ڪارنهن تهمت مڙهي چونڊن جي سياست۾پٺتي ڌڪي وقتي طورتي مزاري۽سندراڻي گروپ کي ڇيهورسايوآهي پراهڙن کيڏارين آڏوشايد ٻيوڪومردبحران بڻجي سامهون اچي سگهي. تنگواڻي تعلقي۾بجاراڻي خاندان جي راڄ ڀاڳ سبب اتي ٻن يونين ڪونسلن بهلڪاڻي۽مانجهي کانسواءِچونڊن جوميدان نه پيوڏسڻ۾اچي۽تعلقي جي سياست بجاراڻي خاندان جي اڳيائن پوئيان پئي گهمي،اڳوڻي ايم اين اي ميرگل محمد خان جکراڻي شايد خواب پيوڏسي ته ضلعي چيئرمين شپ ماڻيندس جنهن جاامڪان گهٽ پيانظراچن ڏوڪڙن خاطرسياسي پنڊت وارو وڄائي ويا ۽ وفاداريون تبديل ڪري ڪاؤنسلرن کي لوٽوبڻائي ويا ته ٻي ڳالهه آهي جيئن ماضي۾هڪ گروپ پاران اهڙي حرڪت بعد بجاراڻي خاندان جي کٽيل راند به هارائجي وئي هئي صوبائي وزيرميرهزارخان بجاراڻي جي ڄاٽي۽ڀائٽِي بُڙدي قوم جي سردارميرمحبوب علي خان بجاراڻي جونالوضلعي چيئرمين شپ لاءِسگهاري شخصيت طورسامهون آيوآهي جنهن ڪري ان کي ضلعي چيئرمين شپ ملڻ جوقوي امڪان آهي پر؟پ پ پ جي مرڪزي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري جوهڪ فيصلو به سامهون رکڻ گهرجي ته پنهنجانوازپاليسي پ پ کي وڏونقصان رسايوآهي مڪاني چونڊن۾ايم اين ايز۽ايم پي ايزپنهنجن ويجهن عزيزن کي اميدوارطورسامهون نه پئي آڻي سگهي پر جيڪڏهن ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽِي ۾رڪن سنڌاسيمبلي ميرغلام عابد خان سندراڻي پنهنجي ڀاءُ ميرغلام راشدخان سندراڻي کي چيئرمين شپ لاءِ ميدان تي آندوآهي ته ميرهزارخان بجاراڻي جي فيصلي کي اچرج سان ڪونه ڏسبو وقت جي بي رحم راند۽مڪاني چونڊ جيڪاڏوڪڙن جي سياست آهي ان سياست۾جنهن جي ڏوڪڙن جون ٻورين جا منهن کُلندا انهن جي ئي سوڀ ڏسڻ۾ايندي.

پر اها سوڀ ضمير وٽان نه هوندي ضلعي ڪاؤنسلرن جاٽي پَتا اڳوڻي صوبائي وزيرميرغالب حسين خان ڊومڪي جي وَر۾آهن هو جنهن کي کٽائي اهوئي ضلعي چيئرمين شپ ماڻڻ جوحقدارهوندوپرسياسي طورتي ميرغالب حسسين خان ڊومڪي کي پٺتي ڌڪيندڙسگهاروسياستدان سردارسليم جان خان مزاري آهي شايد ان سان اهڙو اتحاد ممڪن نه هجي هتي اهو به يادرکڻ گهرجي ته سياست ۾ڪوبه حرفِ آخرنه هوندو آهي في الوقت ميرغالب خان جو اتحاد صوبائي وزيرميرهزارخان بجاراڻي سان آهي جيڪووقت گذرڻ سان شايد مٽجڻ جاآثاربه پيداڪري سگهي ٿوڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽِي۽ضلعي چيئرمين شپ جنهن به سگهاري گروپ مزاري۽سندراڻي اتحادياوري بجاراڻي گروپ جي هٿن۾اچي پر سوڀ پ پ جي ٿيندي ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽِي۾تيرنشان ئي ڪونه آهي۽شل ڌڻي سائين اهڙن نمائندن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جوثمرهٿ کان نه وڃائڻ جي توفيق ڏيئي ڇوجووقت وڏواستادآهي۽انهن ئي نمائندن کي ٻيهرعوام جي عدالت۾اچڻوآهي انلاءِ ڪجهه ويرَم عوام سوچي سمجهي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ضميرکي سامهون رکي ووٽ جوفيصلوڪن اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته نوٽ کٽندوياعوامي ووٽ ڇوجوطاقت جوسرچشموعوام ئي آهي ۽ چونڊ جي آيل نمائنده عوام جا خادم هوندا نه ڪي عوام جاحڪمران خدمت جي سياست ئي هميشه ڪامياب۽ڪامران رهڻ جي سياست آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *