شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: تحرير؛ جاويد مصطفي ڪانڌڙو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزير اعظم ۽ سياست کي ڊرائنگ روم  مان ڪڍي ڪري عوام ۾ آڻڻ وارو پهريون پاڪستاني رهنما آهي، 5 جنوري 1928 تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو سنڌ ۾ جنم ورتائين. سر شاهنواز ڀٽو نالي وارو سياستدان ۽ تحريڪ پاڪستان جو مرڪزي اڳواڻن مان هڪ هو. هڪ بر صغير پاڪ ۽ هند ۾ سنڌ ۽ بمبئي جي سياست جو مرڪزي رهنماء مڃيو ويندو هو، سنڌ جو ڀٽو خاندان قربانين ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ سبب دنيا ۾ مشهور آهي. اسانجي ملڪ جي هي واحد شخصيت آهي جنهن کي پوري قوم قائد عوام جو لقب ڏنو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايشا جو چمڪندڙ ستارو ۽ عالمي شخصيت جو مالڪ هو، پاڪستان جي سياسي افق تي گهرا نقش چٽيندڙ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مظلوم ۽ مجبور عوام کي زبان ڏني ۽ زندهه رهڻ جو رستو سيکاريو، عوام کي عزت ۽ آجپي لاءِ –جمهوريت جي راهه ڏيکاريندڙ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو ۽ اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن هو عملي سياست ۾ آيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي صلاحيتن سبب پاڪستان جي سياست جو محوَر بڻجي ويو ۽ اڄ نه رڳو سياست پر اڪثر سياستدانن تي سندس اثر نمايان آهي. سندس مخالف به سندس صلاحيتن جا انڪاري نه آهن. هن ملڪي ۽ -بين- الاقوامي سطح تي پنهنجي سياسي بصيرت مڃائي چڪو هو، 5 -جنوري 1928ع تي -جنم- وٺندڙ پاڪستان جو ٽيون صدر ذوالفقار علي ڀٽو، ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۽ پوءِ ٿورو عرصو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. بعد ۾ بمبئيءَ هليو ويو، -جتي- ڪيٿيڊرل اسڪول ۾ داخلا ورتائين ۽ اُتي جي ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پڙهائيءَ دؤران ڀٽو صاحب عالمي سياست جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو رهيو. 1946ع ڌاري آمريڪا پڙهڻ ويو، -جتي برڪلي يونيورسٽي ڪيليفورنيا مان سياسيات ۽ بين الاقوامي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين. سياسيات ۾ بي. اي (آنرز) ڪري پوءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪرسٽ چرچ ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڏيھ واپس اچي ڪراچي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ ايس ايم لا ڪاليج ۾ بين الاقوامي قانون پڙهائڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ئي هن شهرت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو ويو ۽ 1958ء ۾ ايون خان هن پنهنجي ڪابينا ۾ بطور وزير شامل ڪيو ۽ 1963ع ۾ وزير خارجه جو منصب حاصل ڪري ورتو جنهن بعد پاڪستان جي خارجه پاليسين ۾ انقلاب برپا ٿي ويو ۽ پاڪستان هڪ عالمي تعلقات جي نئي باب ۾ داخل ٿي ويو ۽ سيپٽمبر 1965 ع ۾ اقوام متحدو جي جنرل اسمبلي ۾ شهيد ڀٽي پاڪستان جو بهترين موقف پيش ڪيو، جنوري 1966ع ۾ جڏهن ايوب خان تاشقند اعلان تي صحيح ڪئي ته ڀٽو صاحب دلبرداشته ٿي انهي سال حڪومت کان الڳ ٿي ويو ۽ 30 نومبر 1966ع تي قائد عوام لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان هڪ جماعت جو بنياد رکيو جيڪا جلد ئي پاڪستان جي مقبول ترين سياسي جماعت بڻجي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي 1970ع جي عام اليڪشن ۾ الھ پاڪستان ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 1971ع ۾ پاڪستان جو ٽيون صدر بڻيو ۽ 1973ع ۾ پاڪستان آئين ڏئي وزير اعظم جي عهدي تي فائز ٿيو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي عام شهرين کي شناخت ڪارڊ ڏئي قومي شناخت ڏني ۽ پاسپورٽ ڏئي پاڪستانين کي بيرون ملڪ ڪاروبار ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا، هاري ۽ مزدور کي ملڪيت ڏني ته جيئن هو به با اختيار بڻجن، شهيد ڀُٽي ملڪ کي نيو ڪليئر اٽامڪ بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ رياست جي سرڪاري ادارن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ڀارت سان معاهدو ڪري نوي هزار فوجين کي بازياب ڪرايو هن جو هميّه نعرو اهو رهيو ته عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ گهر ڏيڻ حڪموت جي پهرين ترجيح هوندي، ڀُٽي صاحب جي شخصيت گهڻ رکي هئي ۽ تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو سندس اها خوبي مشهور هئي ته هو ڪنهن به شخص سان پهرين ملاقات ڪندو هو ته وري جڏهن کيس سان ٻي ملاقات ٿيندي هئي ته کيس نالو وٺي مخاطب ٿيندو هو، ۽ سندس اها خوبي پڻ مشهور هئي ته هر عام ماڻهون سان مشاورت ڪندو هو. ڀٽو صاحب عوام جي سوچ، فڪر ۽ دلين ۾ ائين وسي چڪو هو جو هر طرف ڀٽو، ڀٽو لڳي پئي هئي، پاڻ گرمي هجي يا سردي هجي عوام سان ملي جلي ويندو هو جنهن جو مثال اسانجي معاشري ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، شهيد ذولافقار علي ڀٽو کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ورڪر به بي مثال مليا، ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي هر آمر جي دور ۾ پي پي ورڪرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ انهن جا سدائين حوصله بلند رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ ته پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪنهن ٻي پارٽي وٽ اهڙا ورڪر ،ڪارڪن موجود ناهن جيڪي بهادر، دلير ڪارڪن پي پي پي ۾ موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت جي آمر سان مهاڏو اٽڪا.ڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا جنهن جي گواهي پاڪستان جي تاريخ پڻ ڏيندي، شهيد ذولافقار علي ڀٽو جي ذهانت ۽ بهترين حڪمت عملي سبب پاڪستان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، 1977ع جي عام چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پر مخالف ڌر چونڊ نتيجا قبولڻ کان انڪار ڪيو ۽ هڪ تحريڪ هلائي جهنهن بعد جابر آمر جنرل ضياء آئيني، جمهوري حڪومت کي برطرف ڪري محترم ذوالفقار علي ڀٽو کي انجي عهدي تان معزول ڪري مل ۾ 5 جولاءِ 1977ع ۾ مارشل لاء نافذ ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوري ملڪ جي عوام گهرن مان نڪري احتجاجن روڊن رستن تي اچي ويا مگر جابر آمر ضياء 4 اپريل 1979ع تي ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو انڌيري ۾ رهزنن سخت تشدد ڪري ڦاسي ڏني ۽ پاڪستاني عوام کان هڪ بهترين، انمول ليڊر ڦريو،

جي تون وڙهندين ماريو ويندين

هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين

دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو

ماڻهن جو ويساهه نه ويندو

اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نياڻو آصف علي زرداري ۽ شهيد ڀٽي جو نواسو بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن به آمر آڏو ناهن جهڪيا، ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪري پاڪستاني عوام ۾ اتساھ پيدا ڪيو آهي ۽ غريب بي پهچ ماڻهن کي هڪ وڏو سهارو ڏنو آهي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي مضبوط ارادي ۽ اٽل فيصلن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت جي روپ ۾ دنيا جي نقشي تي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي صورت ۾ موجود آهي. جڏهن ته سندس بهادر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ڏنل عظيم قرباني جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان مان آمرن ۽ آمريت جو سدائين لاءِ خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ اندر جمهوريت جي اڀريل سج سڄي سنسار کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي علامت هو، هن ملڪ، جمهوريت ۽ مساوي نظام جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ،ڀٽو صاحب پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ چاهي پيو، شهيد ڀٽي صاحب حق ۽ سچ ۽ عوامي حقيقي جمهوريت جي لاءِ جيڪو آواز بلند ڪيو هو اهو اڄ به زنده جاويد آهي، ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ آهي، ڀٽو هميشه لاءِ عوام جي سوچ، فڪر ۾ زنده رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *