شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ خاموش انتظاميه: حفيظ عباسي

اتر سنڌ جي مشهور مادر علمي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پنج سو ملين يعني پنجاهه ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ تعليمي سهولتن جو استحڪام” جي نالي سان شروع ڪيل پراجيڪٽ رولڙي جو شڪارآهي. ٽينڊر ٿيندي ٿيندي 17 ملين يعني هڪ ڪروڙ ستر لک رپيا ڪاغذي ڪاروائي ۾ کپايا ويا آهن. ان پراجيڪٽ جي رولڙي ۽ پنج سو ملين جي گڏيل ٽينڊر خلاف خيرپور جي هڪ سماج سڌارڪ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائيندي سپرا SPRA کي درخواست پڻ ڏني آهي. جنهن کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا SPRA پراجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز لاکو کان پراجيڪٽ جا تفصيل ورتا ويا آهن. اهڙي تفصيل وٺڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا SPRA يونيورسٽي انتظاميه کي ڇنڊ پٽيندي اهو چيوته هي پئسا جيڪي هيڪ HEC يونيورسٽي کي تعليمي سهولتن جي استحڪام لاءِ ڏنا هئا. ان پراجيڪٽ تحت شاگردن لاءِ هاسٽل سميت پنج بلاڪ تعمير ٿيڻا هئا ۽ انهن پنجن بلاڪن ۾ مختلف ڪم جنهن ۾ بجلي، رنگ، فرنيچر ۽ ٻيا جيڪي ڪم هئا تن جو الڳ الڳ ٽينڊر ڪرائي الڳ الڳ ٺيڪيدار کي ڏنا وڃن. پر يونيورسٽي انتظاميه انهن قانونن جي ابتڙ ٽينڊر شايع ڪرايو. عدالت سڳوري ۽ سپرا SPRA يونيورسٽي انتظاميه کي حڪم ڪيو ته انهن ڪمن جو الڳ ٽينڊر ڪرايو وڃي. عدالتي حڪمن جي ابتڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميه ٻيهر اهو ٽينڊر گڏيل ڪرائي ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو آهي ته ڪرپشن ڪرڻ جي لاءِ ۽ پئسا ڦٻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قانون کي ڪنهن به هنڌ ڪنهن به اداري ۾ ۽ ڪنهن به وقت ٽوڙي مروڙي سگهجي ٿو.

حيرت ان ڳالهه جي آهي ته 17 ملين يعني هڪ ڪروڙ ۽ ستر لک رپيا ٽينڊر ٿيندي ٿيندي رفو چڪر ٿي ويا آهن. پراجيڪٽ مطابق ٺهندڙ پنج بلاڪ به نه ٺهيا. صرف ڪاغذن جي خرچي ۾ سترنهن ملين رپيا کپايا ويا ۽ اهي به سپرا SPRA ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي باوجود. يونيورسٽي انتظاميه اهو ٻڌائي ته توهانکي پنج سو ملين جنهن ڪم جي لاءِ مليا اهو ڪم به نه ٿيو ۽ توهان ابتو سترنهن ملين کپائي ڇڏيا. جيڪي ڪٿي به ظاهر نه ٿا ٿين. ڀلا ان ڳالهه جي ڪهڙي ضرورت پئي جو هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا جي جهلڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه الڳ الڳ ٽينڊر جي بجاءِ سڀني ڪمن جو مشترڪه يعني هڪ ئي ٽينڊر ڪرايو. جنهن سماجي اڳواڻ هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا ۾ ان پراجيڪٽ جي رولڙي ۽ 17 ملين جي مبينا ڪرپشن جي خلاف سپرا ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ اپليڪيشن داخل ڪرائي آهي. ان ۾ هن پاران اهو ڄاڻايو ويو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه جنهن کي وڻي ٿو ان کي ٺيڪا ڏئي نوازڻ ۾ پوري آهي. قانون مطابق ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا ۾ درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپرا جي منع نامي کان پوءِ به هنن 17 ملين صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ ختم ڪري ڇڏيا. سماجي اڳواڻ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پڻ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. اهڙي درخواست جي پوئواري ڪندڙ خيرپور جي ناليواري ايڊووڪيٽ محمد دائود ڪُٻر چيو ته يونيورسٽي انتظاميه خيرپور جي عام ماڻهن جي سماجي اڳواڻن جي ڪنهن به لکيل پڙهيل ماڻهو جي يا ڪنهن ڪورٽ يا وس واري اداري جي ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هو بس هڪڙي ئي ڳالهه تي بيٺا آهن ته اسان کي ڪرپشن ڪري پنهنجن من پسند ماڻهن جا پيٽ ڀرڻا آهن ۽ انهن ماڻهن کي فائدو ڏيڻو آهي جيڪي اسانجي ها ۾ ها ملائين ٿا.

يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي عمل خلاف خيرپور جا سماجي اڳواڻ خيرپور سڌاريو ڪميٽي جي اڳواڻ راحيل لاڙڪ، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ شڪيل جانوري، نوجوان ترقي پسند فورم جي مرڪزي اڳواڻ عبدالستار مهراڻي، علم دوست ادبي دوست جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حفيظ عباسي ۽ ٻين سماجي اڳواڻن وزير اعليٰ سنڌ، وزير اعظم پاڪستان، نيب جي چيئرمين، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيندڙ اهڙي ڪرپشن تي خاموشي اختيار ڪرڻ بجاءِ انجي جوڳي جاچ ڪري ان ۾ ملوث ڪارين رڍن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي. هنن چيوته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ڪيترن ئي سالن کان نوجوانن کي سٺي تعليم ڏيندڙ ادارو آهي. عالمي ادارا انجي تعليم جي مطابق هن اداري کي ڪروڙين رپين جي فنڊنگ ڪري رهيا آهن ۽ ان فنڊنگ ۾ ان حد تائين ڪرپشن ٿيندي ته اڳتي هلي اهي ادارا فنڊنگ ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ هي اسانجو وڏو ادارو ڪرپشن ڪري پوئتي پئجي ويندو. وس وارا نوٽيس وٺي يونيورسٽي جي لاءِ آيل اهي پئسا ڪارين رڍين کان واپس ڪرائي شاگردن جي فلاح و بهبود تي خرچ ڪرائين جيئن اسانجا شاگرد بهترين سهولتن ۽ سٺي ماحول ۾ اعليٰ تعليم پرائي سگهن. يونيورسٽي انتظاميه جو موقف وٺڻ لاءِ پروفيسر تاج لاشاري سان رابطو ڪيوسين ته جواب ڏيندي هن چيوته يونيورسٽي ۾ ڪابه ڪرپشن نه پئي ٿئي. اها بس واويلا آهي. يونيورسٽي خلاف ڪو ٺيڪيدار پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي.

********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *