شام ۽ عراق ۾ هلندڙ خانه جنگي…: غلام مصطفيٰ جمالي

مشرڪي سطح تي هن وقت ٻه اهڙا ملڪ آهن جن اندر گذريل چار سالن کان وٺي خانه جنگي جاري آهي. جنهن اندر شام توڙي عراق جا هزارين بي گناه ماڻهو انهي خانه جنگي ۾ مارجي ويا آهن.پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي جو  عالمي برادي انهي مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ مجرماني غفلت جو مظاهرو ڪري رهي. جڏهن ته اها به هڪ حقيقت آهي ته عراق ۽ شام ۾ هلندڙ خانه جنگي ۾ دنيا جون ٻه  قوتون ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ اها جيڪا قوت جيڪا عراق ۽ شام اندر خانه جنگي چاهي ٿي .جيڪا نه رڳو شام ۽ عراق ۾  دهشتگردي جي حامي آهي پر انهن دهشتگردن کي عسڪري طاقت پڻ فرام ڪندي آهي.جيڪا ڪڏهن به نه ٿي چاهي ته ٻنهي ملڪن اندر امن ٿي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام تان دهشتگردي ختم ٿئي.جڏهن ته ٻئي قوت اها آهي جيڪا شام ۽ عراق ۾ هلندڙ خانه جنگي جي خلاف آهي ۽ اها چاهي ٿي ته شام ۽ عراق ۾ امن ٿي.جيڪي قوت ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جي حق ۾ آهي ته کين انهن دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ فتح ٿي جنهن ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جهڙي ماحول نڪري سک ۽ شانتي واري ماحول ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگهي.انهي ڪري اها وجهه آهي جو شام ۽ عراق اندر امن قائم نه پيو ٿي سگهي.جڏهن ته اقوامي متحده اهو واحد ادارو آهي جيڪو دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي.پر افسوس ته اهو آهي جو انهي امن قائم ڪرائڻ واري اداري کي شام ۽ عراق ۾ ٿيندڙ تباهي نظر ڇون ڪون پئي اچي.تازو فرانس حملن کانط پوءِ جيڪا شام ملڪ اندر آمريڪا ۽ فرانس ڪئي آهي.انهي حالت جا منظر انساني اک ته ڏسي نه پئي سگهي.ڀلي انهي منظر جي عالمي سطح تي نه ڏيکاريو وڃي.پر انهي تباهي جا منظر شوشل ميڊيا جي هن وقت بحثن جي سرفهرت آهن.جڏهن ته اهڙي صورتحال اندر اقوامي محتده جو خاموش تماشائي وارو ڪردار سمجهه کان ٻاهر آهي.جڏهن ته شام ۽ عراق ۾ اندر هن وقت وڌندڙ دهشتگردي تمام گهڻو زور وٺي وئي آهي.پر مغربي ملڪن جي اها به خبر هجڻ گهرجي ته هن وقت جيڪا عراق ۾ شام اندر هنلدِڙ خانه جنگي آهي جنهن اندر شام ۽ عراق جي بي گناه عوام مري رهي آهي پر انهي خانه جنگي جي دکندڙ باهه هڪ نه هڪ ڏينهن شعلن ۾ تبديل ٿي ويندي.جيڪا مغريي ملڪن  کي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيندي.هن وقت ڀلي عالمي برادري کان ويندي اقوامي متحده تائين انهي خانه جنگي جي بحران کي حل ڪرڻ لاِ ڀلي سنجيدا نه ٿين انهي خانه جنگي جو کين تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو.جڏهن ته هن وقت آمريڪا ۽ برطانيه پاڻ کي امن پرست ملڪ سڏارائڻ پيا اهي به انهي باهه جي شعلن کان بچي نه سگهندا.جڏهن ته انهي باهه جي شعلن جي شروعات ٿي چڪي آهي.ڇو ته هن وقت دهشتگردي جا ستايل اهي انسان جيڪي هجرت ڪري يورپي ملڪ ۾ وڃي رهيا آهن.انهي ڪري يورپي ملڪ انهي سوچ ۾ گرفتار آهن ته کين پناهه ڏني وڃي يا نه.جڏهن ته شام ۾ باغين ۽ عراق اندر سرڪاري فوج ڪي ڪاروائين ڪري. ڪاروبار زندگي ملڪ طور ختم ٿي وئي آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪي اندر ڪاروبار تجارت جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.انهي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام ملڪ جا ڪيترائي علائقا خالي ڪري ٻين ملڪن م پناه وٺڻ لاءِ هجرت ڪري رهيا آهن،اهو سبب آهي جو هن وقت يورپ جي دروازي تي لکين پناهه اڪيلا نه بي يارو مددگار ويٺل آهن.جڏهن ته 2008کان وٺي مالي بحران جو شڪار اهو يورپ مان نه ٿو سمجهان ته انهي لکين پناهگيرن کي پناهه ڏئي سگهي،جڏهن ته آمريڪا شام ۾ داعش کي ختم ڪرڻ ۽ انهن پناهگيرن کي پناهه ڏئي ٿي سگهيو.پر آمريڪا انهي سياسي سوچ جي ڪري اهڙو ڪرادر ادا ڪرڻ کان پاسو ڪري ويو .۽ آمريڪا جي صدر جان ڪيري شام تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ پنهنجي سموري توجه فلسطين ۽ اسلائيل مّذاڪرات تي ڏيڻ لڳو.جڏهن ته هاڻي اهي الزام به سامهون اچي رهيا آهن ته مشرقي سطح تي انهي تواني جو بحران پيدا ڪرڻ ۾ آمريڪا جو هٿ آهي.جڏهن ته ڪيترن جي تجريڪارن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ شايد آمريڪا افغانسان ۽ عراق تي ڪيل حملن وانگر ڪا غلطي ته نه ڪري رهيو آهي.؟پر آمريڪا جي سوچ ۽ پاليسي جي اڄ تائين آمريڪا خد کان سواءِ ڪنهن جي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي.شام ۽ عراق اسلامي ملڪ آهن.انهن اندر ٿيڻ واري خانه جنگي ۾ برطانيه يا آمريڪا کي ڪهڙي تڪليف ٿي سگهي.جڏهن ته اها سلامي ملڪن جي زميواري آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙخانه جنگي جي طرف ڌيان ڏئي انهي انهي جي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن.جڏهن ته مسلمان ملڪن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪا مغربي تهذيب اسان جي اسلامي ملڪن تي اثر وڌا آهن ۽ آمريڪا جي پاليسي جيڪا اسلامي ملڪن لاءِ تيار ٿيل آهي انهي ۾ ڪٿي اسلامي ملڪن جي ڀلائي جو ڪو باب لکيل آهي.جي نه ته پوءِ يورپ ۽ آمريڪا شام ۽ عراق لاءِ ڪهڙو سٺو ويهي سوچيندا.انهي ڪري اهو اسلامي ملڪ جي فرض آهي ته هو مشڪل ۾ پيل مسلمان ملڪن جي مدد ڪن.جڏهن ته عراق ۽ شام اندر هلندڙ خانه جنگي جي انت تي هڪ نظر وجهون ته هرطرف لاشن جا مينار نظر اچڻ لڳندا جن جو ڪو به ڌڻي سائين نظر نه ايندو.جڏهن ته هن وقت شام ۽ عراق ۾ ڪيتراتي معصوم ٻار ،مرد،عورتون بي گناه ماريون ويون آهن.۽هن وقت به آمريڪا ۽ فرانس شام ۾ پهنجون ڪاروايون ڪري رهيا آهن.جن جي خلاف ڪو به اسلامي ملڪ جواب نه ڏئي رهيو آهي جيڪا نهايت ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳاله آهي ته هڪ مسلمان بي گناه مري ۽ ٻيو خاموشي سان ويهي ڏسي ۽ ان جي مذمت به نه ڪري.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *