شام جا پناهگ:Syrian Refugees! : وينگ

انسانن انسانيت کي وساري ڇڏيو يا وري انسانيت ڪيڏانهن هلي وئي آهي جو ڪنهن جي دل ۾ شام جي عوام لاءِ تڪليف ناهي. عيد ڏهاڙن دوران مان مسلسل ميڊيا ۽ خاص طور تي مسلم ملڪن کي ڏسندي رهيس ته ڪير ٿو شام جي بي گهر ٿيندڙ عوام لاءِ آواز اُٿاري.

ائين بلڪل ناهي جو ڪنهن آواز نه اُٿاريو، ها! پوپ فرانسس شام جي عوام لاءِ آواز به اُٿاريو ته انهن کي شيلٽر ڏيڻ جي ڳالهه به ڪئي. پوپ فرانسس جو آواز شام جي عوام لاءِ ٻڌندي خوشي ٿي ته دنيا جي سيني تي اڄ به همدرداڻو آواز موجود آهي.

پوپ فرانسس شام جي عوام لاءِ هر وقت آواز اُٿاريندو رهيو آهي، هڪ ڏکئي ۽ مشڪل گهڙين ۾ پوپ فرانسس همدردي جو هٿ اڳيان ڪندي انسانيت کي زنده رکيو آهي. پوپ فرانسس جي هتي ڳالهه ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته پوپ فرانسس مذهبي اڳواڻ آهي، ان جي باوجود به فرانسس شام جي عوام لاءِ آواز اُٿاريو ۽ دنيا جي ستل دلين کي جهنجهوڙيو.

جيتوڻيڪ شام کي ڇڏي ايندڙ عوام کي يورپ جا ڪجهه ملڪ ۽ خاص طور تي آمريڪا پنهنجي ملڪ ۾ خوش آمديد ڪري رهيا آهن.

شام جا زخم ڪنهن ٻاهرين قوت طرفان لڳل ناهن، پر شام کي درد ڏيندڙ پنهنجا ئي حڪمران آهن، يقينن شام جي خلاف اهي ملڪ جيڪي مسلم ملڪن ۾ سني اڪثريت رکن ٿا، انهن جي اڻ سڌي يا سڌي مداخلت ضرور آهي ته جيئن هو پنهنجي حڪمراني مڊل ايسٽ تي قائم رکن، پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته جڏهن شام جو عوام بشار الاسد کي حڪمراني ڪندي نه ٿو ڏسڻ چاهي، پوءِ ڪهڙي سبب بشار الاسد ڪرسي تي ويٺل آهي؟ ايترو ئي نه پر بشار الاسد جي جنهن انداز سان روس ۽ ايران مدد ڪن پيا، ان کي ڪنهن به حوالي سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. بشار الاسد، ضد ڪري حڪمراني ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ان کي آمريت چئجي ته گهٽ ناهي، ڇاڪاڻ جو شام پوري طرح تباهه ٿئي پيو نه صرف ايترو پر ان سان گڏوگڏ عوام جي وڌندڙ لڏپلاڻ جو عمل ڳڻتي جوڳو آهي.

پنهنجو ملڪ هوندي جلاوطن ٿيڻو پيو، پنهنجو گهر هوندي بي گهر ٿي، ڌاري سرحد آڏو گذارشون ڪرڻيون پون ٿيون ته انهن کي شيلٽر ڏنو وڃي. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته جڏهن فلسطين ۽ اسرائيل مسئلو ڪجهه ڏينهن لاءِ اُٿندو آهي ته پوري دنيا خاص طور تي مسلم ملڪن ۾ انسانيت جو ڊرم وڄڻ لڳندا آهن ۽ لانگ مارچ ڪري انسانيت جا سبق پڙهڻ کان وٺي لوڪل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ سان گڏ فنڊز جمع ڪيا ويندا آهن.

پر شام جي مسئلي تي مسلم ملڪن جا انسانيت جي حوالي سان ٺيڪدار ۽ حڪمران خاموش ڇو آهن؟

ڇا خاموشي ان ڪري ئي آهي جو خود سني اڪثريت رکندڙ مسلم ملڪ ۽ ان سان گڏ بشار الاسد کي ساٿ ڏيندڙ مسلم ملڪ ان سڄي تباهي ۾ شامل آهن؟ شام ۾ دهشتگرد گروپ داعش جي دهشتگردي تي به خاموشي آهي.

داعش جي خلاف آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ڪردار ادا ڪن پيا، هتي شام جو هڪ ڀيرو ٻيهر ذڪر ڪرڻ جو مقصد آهي ته شام جي مسئلي تي ٻٽا معيار ڇو آهن؟

شام جي عوام کي مدد جي ضرورت ناهي، جڏهن عيد تي قيمتي جانور خريد ڪري قربانيون ڪيون ويون ۽ انهن جانورن سان فوٽو ڪڍرايا ويا. ان وقت جڏهن شام مان بي گهر ٿيندڙ معصوم زندگين کي مدد جي ضرورت هئي.

انهن جي لاءِ فنڊز گڏ ڪري شام جي ريفيوجيز جي مدد ڪئي وڃي ها ته ڇا اها بهترين قرباني نه هجي ها؟

ايترو ئي نه پر ميڊيا به شام جي عوام کي نه ڏيکاريو ها! هتي اسرائيل ۽ فلسطين جي ويڙهه هجي ها، جنهن جا ڪيترائي سبب هوندا آهن، اتي ميڊيا جي اک مسلسل فلسطين جي هڪ خبر کي هلائيندي رهندي آهي ۽ شام تباهه ٿي رهيو آهي، شامي گهر جي ڇانوَ لاءِ دربدر ٿيندا پيا وڃن ته اتي سڀني جي اکين تي پٽيون ٻڌل آهن، ڄڻ شام ۾ ڪجهه ٿئي ئي نه پيو، وري به شام جي ريفيوجيز لاءِ پوپ فرانسس، آمريڪا ۽ يورپ جا ڪجهه ملڪ مدد جي لاءِ هٿ اڳيان ڪن پيا. انسانيت انهن وٽ زنده آهي پر عيد جي ڏهاڙي تي پنهنجن خوشين کي ملهايو ويو ۽ شام جي عوام جي درد ۽ دانهن کي ڪنهن به نه ٻڌو…..!

شام جي عوام هن ڀيري ڪيئن عيد ڪئي هوندي؟ ان جي لاءِ لکڻ جي ڪا به گنجائش ناهي، ڇاڪاڻ جو جتي غم ۽ ماتم هجي، اتي خوشيون رُسي وينديون آهن.

هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي ته مسلم ملڪن ۾ جتي حڪمران انسانيت جي لاءِ وڏي دعويٰ ڪندا رهن ٿا، انهن طرفان شام جي عوام لاءِ رتي برابر به مدد نه ڪئي وئي، گهٽ ۾ گهٽ ايترو واضح ٿي ويو ته انسانيت تي به اهي حڪمران سياست کيڏيندا آهن، جڏهن پنهنجا مفاد هجن ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻو هجي ته لانگ مارچ ڪڍي ويندي ۽ جڏهن پنهنجا مفاد پورا نه ٿين پر حقيقت ۾ ڪنهن جي مدد ڪرڻي هجي، ان وقت چپ جو روزو رکيو ويندو، ائين محسوس ڪرايو ويندو جو انهن جو ڪو واسطو ئي ناهي.

شام ۾ تباهي ۽ عوام جي درد تي ڪيترائي چهرا وائکا ٿي آيا آهن، تڪليف ۽ ڏک ۾ ڪير توهان کي ياد ڪري پنهنجو هٿ اڳيان ڪندي توهان کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ته اهو عمل انسانيت جو عظيم يا کڻي اهو لکڻ ڏيو ان کي ئي انسانيت چئبو آهي. ها! پوپ فرانسس، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جن ملڪن شام جي عوام کي پناهه ڏني آهي، انهن کي خود شام جو عوام ڪيئن ٿو وساري سگهي! يقينن انهن جون اکيون شاهد آهن ته انهن جي ڏکئي وقت مدد ڪرڻ ۽ آواز ڪنهن اُٿاريو.

مسلم ملڪن جن شام جي بي گهر ٿيندڙ عوام جي مدد نه ڪئي ۽ نه ئي ان کي جهٽ گهڙيءَ لاءِ ياد ڪيو اهو به سڀ دنيا جي اکين ڏسي ورتو ته ڪير ڪيترو انسانيت جو رکوالو آهي!

عيد ۽ مشڪل ڏينهن گذري ويندا، ڪڏهن به سڀ ڪجهه هڪ جهڙو رهندو ناهي پر رويا ۽ عمل پنهنجي ڇاپ ڇڏي ويندا آهن، اهو توهان تي منحصر آهي ته توهان ڪهڙا ڇاپ ڇڏيو ٿا.

شامين جي دل ۽ روح تي هينئر ڪيترن ئي ڇاپ ڇڏيا آهن، انهن کي اهي ڪيئن وساري سگهن ٿا؟

شامين کي روڪڻ لاءِ هنگري حڪومت لوهي سيخن سان سرحد کي بند ڪري ڇڏيو آهي ڇا هنگري حڪومت جي ان عمل کي شام جو عوام ڪڏهن به وساري سگهندو؟ شايد ان جي حڪومت جو ڏنل اهو گهاءُ شام جي هر پيڙهي ياد رکندي.

ڳالهه زخم جي هجي ته ان تي مرهم رکجي پر هتي روح ۽ دل تي لڳل ڇاپ جي آهي، جنهن کي وسارجي به ته ڪيئن؟

شام جي ريفيوجيز کي جتي مسلم ملڪن وساري ڇڏيو، اتي پوپ فرانسس پنهنجي همدرداڻي آواز ذريعي ياد ڪري انسانيت کي زنده رکيو. شام جو عوام جيڪي هر سرحد کان ٻئي سرحد تائين پيڙاهه سان سفر ڪري رهيا آهن، انهن جي لاءِ پوپ فرانسس جو آواز درد تي مرهم جو ڪم ڪندو. آخر ۾ مون کي صرف هڪ سٽ ياد اچي ٿي ته ”اسان جي درد تي ڪنهن مرهم رکيو اهو به ياد رکجو!“

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *