سکڻاا علان ۽ رليف عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهندا ؟: جاويد احمد چانڊيو

مڪاني چونڊون ويجهو ٿيڻ سان اميدوارن کي سخت قسم جا پگهر پڻ اچي ويا آهن،مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ هر ڌر اميدوار وڏي آزمائشن ۾ آهن،جيت هار به هر حال ۾ ٿيڻي آهي عوام جنهن به ڌر تي اعتماد ڪندو ۽ اڪثريت سان ووٽ ڏيندو اها ڌر ڪاميابي ماڻيندي آهي، جيڪڏهن ڪامياب ٿيل ڪابه ڌر عوام جي اعتماد تي پورو نه لهندي عوام کي نظر انداز ۽ انهن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا ته سو سيڪڙو سچ آهي ته وري ٻيهر عوام ان ڌر کي ووٽ ڏيڻ کان لنوائيندو آهي ،وڌيڪ زور بار رکڻ سان عوام انڪار ته نه ٿو ڪري ليڪن ووٽ ڏيڻ وقت هو آزاد هوندو آهي،مڪاني چونڊن ۾ اڪثر سموريون سياسي مذهبي قوم پرست ،سماجي ڌريون راڄو ڻي اتحاد ناراض باغي گروپن کان سواءِ آزاد اميدوارن جو به وڏو تعداد پنهنجي قسمت آزمائي ڪري رهيون آهي،مڪاني چونڊون هجن يا عام چونڊون جيڪڏهن صاف شفاف ۽ هر قسم جي ڌانڌلين کان پاڪ آهن ته اهو جمهوريت جو بهترين ڪلچر آهي،انهي عمل سان جمهوريت جي پڻ بقا آهي،هن وقت مڪاني چونڊن ۾ پ پ سان مختلف پارٽين جو سخت مقابلو آهي،جيت هار جو فيصلو ته عوام کي ڪرڻو آهي،سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ پ پ جي هاڻو ڪي رزلٽ نهايت پ پ لاءِ مايوس ڪن آهي، جيڪڏهن چيو وڃي ته سنڌ کان سوءِ ٻين صوبن ۾ پ پ جو سياسي طرح صفايو ٿي چڪو آهي ته ان جو به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پ پ جي اهڙي صورتحال تي خود پ پ اهم ليڊر پريشان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، ناڪامين جو اعتر اف پ پ جي مرڪزي اڳواڻن چوڌري اعتراز حسن جو سوشل ميڊيا بيان رڪارڊ تي آهي ته هن چيو آهي ته لڳي ٿو ته پ پ جاو وٽر ختم ٿي ويا آهن، ۽ ٻيا اهم اڳواڻ به ڪري چڪا آهن،تازو مثال سڀني جي سامهون آهي ته صوبو پنجاب جيڪو پ پ پنهنجو قلعو تصور ڪندي هئي، پ پ جي بنياد پوڻ ۾ لاهور جو وڏو حصو پڻ رهيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته ڪنهن زماني ۾ لاهور پ پ جو قلعو به ثابت ٿيو هو ،پر موجوده صورتحال سڀني کي وڏي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي،سابق اسپيڪر سردار اياز صادق تي ڌانڌلين جا الزام ثابت ڪرڻ تي تحريڪ انصاف قانوني جنگ کٽي ورتي هئي،سردار اياز صاق کي نا اهل قرار ڏيڻ کان پوءِ وري ٻيهر اليڪشن جو اعلان ٿيو،لاهور جي انهي تڪ N-A122 ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف ،پ پ جو مقابلو ٿيو ، اهو ته اصل کان ٿيندو پيو اچي ته جنهن به ڌرجي حڪومت هوندي آهي ته حالاتن جا رخ به انهي ڏانهن هوندا آهن،وڏي سخت مقابلي کان پوءِ آخر ڪار حڪومتي ڌر کي ڪاميابي حاصل ٿيڻي هئي ،جيڪو ٿيو خوب ٿيو ، هڪ دفعو ٻيهر سردار اياز لاهور جي ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ويو ،ان جي باوجود به حڪومتي ڌر شڪست محسوس ڪري رهي آهي ڇوته وڏي ليڊ واري شڪست نه هئي ،3هزار لڳ ڀڳ ووٽن جي فرق سان تحريڪ انصاف کي شڪست ملي،ماضي ۾ انهي تڪ تي پ پ لک جي لڳ ڀڳ به ووٽ حاصل ٿي ڪيا، ۽ پ پ انهي ساڳي تڪ تي ڪامياب ٿيندي رهي آهي،ضمني چونڊن ۾ پ پ جا کنيل ووٽ جيڪي سوين هئا ،جيڪي پ پ لاءِ خود مٿي تي هٿ رکڻ جو سبب بڻيا،

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ وڏن بحرانن ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي،سنڌ ۾ مڪاني چوندن ۾ به پ پ لاءِ آسان رستو ڪاميابي جو نه آهي،پ پ ۽ پ پ جا ناراض باغي گروپ اڪثر هر يوسي تائين مقابلي لاءِ تيار آهن ، جيڪي مقابلي لاءِ ڄمي بيٺا آهن. سنڌ جي ڪيترن يوسين تان پ پ پنهنجا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ڪرايا آهن ته ان جو مطلب وسارڻ نه گهرجي ته ڊيل جي پويان ڪهڙي ڳجهارت رکيل آهي، ڏنو سو اگهيو جي پاليسي آهي،سڄي سنڌ وانگر ضلع دادو ۾ به مڪاني چونڊن اميدوارن چين ۽ ننڊون فٽائي ڇڏيون آهن، دادو ۾ اصل مقابلو پ پ ۽ سنڌ عوامي اتحاد پارٽي جو آهي جڏهن ته پ پ ناراض باغي گروپ سميت ٻيا به ڪيترا ئي سياسي گروپ به ميدان تي لٿل آهن، پ پ سنڌ عوامي اتحاد پارٽي جو دادو ، جوهي ، خيرپور ناٿن شاهه ، ميهڙ تعلقن ۾ وڏا چوٽي جا مقابلا نظر اچي رهيا آهن،ضلع دادو جي هر يوسي تي پ پ ،سنڌ عوامي اتحاد پارٽي ۽ ٻين ڌرين ۾ وڏو سياسي ملاکڙو متل آهي،سڄي دادو ضلع ۾ پ پ ۽ سنڌ عوامي اتحاد پارٽي جو سربراهه لياقت علي جتوئي گهڻو متحرڪ آهن، دادو جي سياست ۾ عجيب وغريب رنگ ڍنگ ڏسڻ ۾ آيو ،سنڌ عوامي اتحاد پارٽي جي سربراهه لياقت علي جتوئي دادو جي تعلقي جوهي ۾ وڏا تاريخي جلسا ڪري سياسي پنڊتن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال کان پوءِ سندس مقابلو ڪندڙ پ پ راتو رات تڪڙو هڪ ارب رپين جو جوهي کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ، اهو به پڻ ٻڌايو ويو ته پ پ جا اڳواڻ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪندا،پ پ جي اهڙي پر اسرار اعلان ۽ رليف دادو جي سياست ۾ وڌيڪ شڪ پيدا ڪري ڇڏيا آهن،اڪثريت آزاد عوامي حلقن پ پ جي اعلان کي سياسي چال قرار ڏنو آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته مڪاني چونڊن ويجهو اچڻ سان پ پ جو جوهي تعلقي کي ترقي ۽ رليف ڏيڻ جي اعلان جي ضرورت ڇو پيش آئي، ترقي ۽ رليف جو اعلان دادو ، ميهڙ، ڪي اين شاهه، ڏيڻ گهرجي ها، تڪڙي اعلان جون ڪڙيون ڪنهن سان ملن ٿيو ن،

مڪاني چوندن فتح ڪرڻ لاءِ آهن ،وڏي ڊگهي عرصي کان دادو جي تعلقي جو هي کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو آهي،چونڊيل عوامي نمائندن روايت برقرار رکندي جوهي کي به وساري ويٺا، گذريل ڏهن سالن کان جوهي کي ترقي نه ملي سگهي، ترقياتي ۽ مختلف فنڊ ملي ڀڳت سان هڙپ ٿيندا رهيا،جوهي ۽ ان جا بنيادي مسئلا ڪڏهن به حل ٿي نه سگهيا،دادو ضلع جو تعلقو جوهي قدرتي وسائلن سان مالا مال آهي، تيل گيس ۽ ٻين وسائلن جي هوندي به جوهي سڀ کان وڌيڪ پٺ تي پيل آهي،بي روزگاري، تعليم، صحت،غربت مفلسي ڏڪار بدامني ،صفائي، پاڻي ، بجلي ، سيوريج ، روڊ رستا اڪثر تباهه آهن سفارش ۽ رشوت جو ڪلچر، منشيات، اڻ کٽ سماجي برايون ، تيل گيس ڪمپنين مقامي ماڻهن کي مسلسل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي،مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار در ڪمپنين بند ڪري ڇڏيا آهن،چونڊيل نمائدن جو ڪردار خاموش تماشائي رهيو آهي، جوهي جي وڏي حصي ۾ ڪاڇو علائقو شامل آهي ،ڪاچي جي عوام جي حالت نهايت رحم جوڳي آهي، جتي هن وقت به ڏڪار جهڙي صورتحال آهي،پاڻي اڻ لڀ آهن، خلق خداجي ڪهڙين تڪليفن سان منهن ڏيئي رهي آهي چونديل نمائدن جي زيارت رڳو اليڪشن ۾ نصيب ٿيندي آهي،پ پ کي سڄي سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن کي رليف ڏيڻ گهرجي ها،پ پ ٿيندڙ ڪرپشن جي احتساب جو اعلان ڪري ها،جن واڪ ڏيئي نوڪريون وڪڻيون ڪک مان ارب پتي بڻجي ويا انهن جي احتساب جو اعلان ڪري ها،پ پ جي ناراض ڪارڪنن سان انصاف ڪري ها، (ق) ليگ جنهن کي قاتل ليگ قرار ڏنو ويو ، انهي سان به مفاهمت ڪري گلي لڳائي ٿي ته پ پ جا بنيادي سچا ڪارڪن جنهن سڄي ڄمار پنهنجا گهر پ پ لاءِ لٽايا انهن کي نظر انداز ڪري وڏيرا ڀوتار لابي کي اهميت ڏيئي پ پ جي سچن ڪارڪنن نظر انداز ڪيو ويو،دادو جي سياست ان وقت زوردار ڌماڪو ٿيو جڏهن ڪي اين شاهه جي مشهورڪاروباري شخصيت وڏو عرصو پ پ ۾ رهندڙ پ پ لاءِ مالي قربانين ۽ وقت ڏيڻ پ پ لاءِ پاڻ لٽائيندڙ پ پ ڪي اين شاهه سٽي جي صدر سيٺ قربان علي قريشي سوين ساٿين سميت عوامي اتحاد پارتي ۾ اعلان ڪندي چيو ته پ پ کي ڪرپشن جي سيلاب تباهه ڪري ڇڏيو آهي،جتي عهديدارن جي اهميت عزت نه هجي اتي عام عوام ورڪر جي ڪهڙي عزت هوندي،ڪرپشن عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي ڪيترائي ڀيرا اعليٰ قيادت سان احتجاج ڪيو ، انهن جو به ڪردار خاموش تماشائي رهيو،سکڻا بي عمل اعلان عوام کي ڪهڙو لاڀ ڏيئي سگهندا ،حق سڄ جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *