سکر بئراج ۽ ٻوڏ بابت لڪايل اصل حقيقتون؛خالد ٻانڀڻ

سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم وٽان جيڪو پاڻي جو وهڪرو ڪوٽڙي ڏانهن سفر ڪندو آهي، ان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 2010ع واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، بئراج جي رائيٽ پاڪيٽ مان پاڻي جو وهڪرو انتهائي سست ٿي ويو آهي ۽ کاٻي پاسي تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، ان جا ٽيڪنيڪل تفصيل ۽ سبب ڪجهه هن ريت آهن ته سکر بئراج جي رائيٽ پاڪيٽ جي گيٽ نمبر 1 کان گيٽ نمبر 31 تائين يعنيٰ 32 گيٽ ۾ پاڻي جي رفتار سست آهي، جڏهن ته گيٽ نمبر 33 کان 59 گيٽ تائين ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي تيزي سان وڃي رهيو آهي، گيٽ نمبر 60 کان گيٽ نمبر 66 تائين وري پاڻي جو هيٺاهون وهڪرو ٽڪ ٻڌي بيٺل آهي، يعني هن وقت رڳو سکر بئراج جي ليفٽ پاڪيٽ جي 27 دروازن تي ساڍا 6 لک ڪيوسڪ گذرندڙ پاڻي جو وڌيڪ دٻاءُ آهي، 1942ع جي ٻوڏ دوران رائيٽ پاڪيٽ جا 10 دروازا گيٽ نمبر 6 کان گيٽ نمبر 16 تائين بئراج کي پيل نقصان سبب بند ڪيا ويا هئا، بئراج تي گهري گرفت رکندڙن ٻڌايو ته جڏهن 1942ع ۾ اهي گيٽ بند ڪيا ويا هئا ته ٻوڏن دوران رائيٽ پاڪيٽ جو وهڪرو کاٻي پاسي هليو ويو هو، جڏهن 1942ع کان پهرين اهي وهڪرا ساڄي پاسي تي هوندا هئا، ان کان علاوه کاٻي پاسي جي گيٽ نمبر 60 کان 66 تائين هيٺ پاڻي نه وڃڻ جو سبب پ پ جي پوئين دور حڪومت ۾ کاٻي پاسي جيڪو اميوزمنٽ پارڪ ٺاهيو ٿي ويو، ان لاءِ اپ اسٽريم ۾ هٿرادو مٽي وجهي ٻيٽ ٺاهيو ويو ته جيئن ان تي پارڪ ٺاهي سگهجي، پارڪ ته اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ٺهيو، پر ٿيو ڇا ان سان اتان پاڻي ڌڪجي درياءَ جي وچ وارن دروازن تي هليو ويو، نتيجي ۾ انهن دروازن وٽ 2010ع ۾ به ساڳي صورتحال پيدا ٿي هئي، هاڻي به ساڳي پوزيشن وڃي بيٺي آهي، جن دروازن مان پاڻي پاس نه پيو ٿي، انهن مان 22 دروازا اهڙا آهن جن تي 2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ سلٽ وڌي وئي آهي ۽ سکر بئراج وٽ ذري گهٽ 6 ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن 5 لک جو وهڪرو هاڻي وڃي ساڍن 6 لکن تي پهتو آهي، پهريون پاڻي اتان نڪتو ناهي ٻيو پاڻي لاڳيتو بئراج تي وڌي رهيو آهي، اڃا به مان توهان کي ٻڌايان ته سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ سلٽ جو مسئلو ته آهي ئي آهي پر دادو مورو پل، خيرپور لاڙڪاڻو پل ۽ قاضي احمد واري آمري پل ڪوٽڙي بئراج ڏانهن پاڻي وڌڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي ويون آهن، سنڌ جي آخري بئراج تي جيڪو پاڻي 3 ڏينهن ۾ پهچندو هو اهو پاڻي هاڻي 8 ڏينهن وٺي رهيو آهي، ان سان ٻه وڏا نقصان بئراجن تي ٿي رهيا آهن، جيترو پاڻي دير سان نڪرندو ان سان بئراجن جي اپ اسٽريم ڪئنالن جي هيڊ ريگيوليٽرن تي لٽ جمع ٿي ويندي، جنهن سان درياءَ ۾ گهڻي کان گهڻو پاڻي برداشت ڪرڻ جي گنجائش وڌندي ويندي، هن وقت به 4 سالن کان لٽ نه نڪرڻ سبب هڪ فوٽ لٽ جمع ٿيڻ تي هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي، ٻيو ڇا ٿو ٿئي ته بئراجن ۽ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ٿو، جنهن سان بندن ۾ پهريان سيپج پوءِ روڻيون پوڻ شروع ٿين ٿيون، نتيجي ۾ بند ٽٽن ٿا، هاڻي به ڀلي آبپاشي وارا حقيقتون لڪائين پر اها حقيقت آهي ته سکر بئراج جي ساڄي پاسي مٿاهين پاسي کان سلٽ وڌڻ سبب پاڻي جو وهڪرو اتي گهٽجي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن سکر وٽ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته سکر بئراج انتهائي خطري واري صورتحال ۾ هليو ويندو، هن وقت سنڌ حڪومت جون ٻوڏ اچڻ کان وٺي جيتريون به گڏجاڻيون ٿيون آهن، ان ۾ معلوم ٿيو آهي ته 8 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيڻ ۽ ان کان مٿي وڃڻ تي ٽن بندن کي ڪٽ ڏيڻ جي حوالي سان صلاح مشورا هلي رهيا آهن، هڪڙو گهوٽڪي جو پراڻي قادر پور بند جو حصو شينڪ بند ٻيو ڪنڊيارو درياءَ جي زيرو پوائنٽ وارو بکري بند ٽيون خيرپور وارو الرا جاگير بند آهن، هن ڀيري ڪٽ جي حوالي سان بکري ۽ الرا جاگير بندن تي ان جي ڪري غور هلي رهيو آهي ته لاڙڪاڻو پل ۽ مورو پل سبب پاڻي نه نڪرڻ تي سکر بئراج خطري هيٺ آهي، ان کان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ خطري کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، هوڏانهن شنيڪ بند جيڪو انتهائي حساس قرار ڏنل آهي، پاڻي بندن جي ڪپرن کان اڌ فوٽ هيٺ وڃي بچيو آهي، جيڪو شديد دٻاءُ هيٺ آهي، جيڪڏهن ڪابه اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته سنڌ ۾ وري 2010ع واري تباهي اچي سگهي ٿي گذريل چئن سالن دوران حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيل 50 اربن جو ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي، بند ته مضبوط نه ٿيا، آيل پئسا حصا پتين ۾ ورهائجي ويا، جيڪڏهن اهي پئسا صحيح طريقي سان خرچ ٿين ها ته سنڌ جا 45 بند هلندڙ ٻوڏ دوران حساس قرار نه ڏنا وڃن ها، انهن پئسن جو هڪڙو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، ڪورٽ 25 آگسٽ تائين تفصيل طلب ڪيا آهن، ٻي طرف وزير اعليٰ سنڌ نوٽيس وٺندي انهن 50 اربن جي جاچ اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪندي 15 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪئي آهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته گذريل ٻن سالن کان آبپاشي جي وزارت وزير اعليٰ سنڌ وٽ رهي آهي، ان وقت جڏهن پئسا جاري ڪيا ويا، تڏهن سنڌ جو سي ايم ڇا پيو ڪري؟ هڪڙي ٻي ڪرپشن، 24 ڪروڙن کان مٿي هندن جي تاريخي عبادتگاهه ساڌ ٻيلي جي 2010ع ۾ آيل ٻوڏ سبب ٻيهر بحالي لاءِ رقم جاري ڪئي وئي هئي، ڇوته ساڌ ٻيلو ان مها ٻوڏ ۾ مڪمل طور تي  ٻڏي ويو هو، ساڌ ٻيلي جا سمورا ترقياتي ڪم اڌ ۾ رليل آهن ۽ پئسا پورا ٿي چڪا آهن، نتيجن هن ڀيري وري پاڻي پراڻي ڏنل ديواري مان روڻيون ڪري ساڌو ٻيلي ۾ اندر داخل ٿي ويو آهي، چوڌاري بيٺل پاڻي ديوار کان صرف اڌ فوٽ هيٺ آهي، اهي ته آهن ڪرپشن جون ڪهاڻيون، پر هن دفعي وري سنڌ جو آبپاشي کاتو هڪڙي غلطي ڪري ايندڙ پاڻي جا صحيح انگ اکر عوام کي ٻڌائڻ کان لڪائي رهيو هو پر جڏهن ڪوهه سليمان جي 9 نئين جو ساڍا 3 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽ مٺڻ وٽان سنڌوءَ ۾ داخل ٿي ويو ته عملدارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، پنجند، چاچڙان گيج، تونسان جو پاڻي ملي ڪري 9 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ٺاهي گڊو بئراج تي ڪاهه ڪري رهيو آهي، مان پڙهندڙن کي هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيا ته هن وقت جيترو به پاڻي اچي پيو ان ۾ پنجاب جي دريائن جو پاڻي شامل ناهي، صرف سنڌو درياءُ جو پاڻي آهي، منگلا ڊيم تربيلا پاڻي ڀرجڻ واري سطح کان صرف 4 کان 5 فوٽ رهجي ويا آهن، ڪوهه سليمان جي پهاڙي تي ٻيهر لاڳيتو برساتون هلندڙ آهن، اسڪردو جو ٽيمپريچر وڌي 33 سينٽي گريڊ تي پهچڻ سان اتي گلشيئرز پگهرڻ شروع ٿي ويا آهن، پنجاب، خيبرپختونخوا جي مٿين علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر بارشن سبب پنجاب جي ندين نالن ۾ پاڻي وڌي رهيو آهي، ڪابل ندي ۾ پاڻي 1 لک 60 هزار ڪيوسڪ پهچڻ تي اتي انتهائي وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي، خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته پنجاب جيڪڏهن ڊيم ڀرجڻ کانپوءِ اچانڪ آئوٽ فلو کوليا يعني پاڻي ٻاهر ڪڍيو ته اهو سمورو پاڻي ملي ڪري هڪ ٽئين ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪندو، آبپاشي وارا چون ٿا ته هلندڙ ٻوڏن جو سلسلو سنڌو درياءُ ۾ 16 آگسٽ تائين رهندو، جنهن جو دٻاءُ بئراجن تي لاڳيتو رهندو، ان جي ڪري هيلوڪي ٻوڏ جو خطرو آساني سان ٽرڻ وارو ناهي، هي ٻوڏ سنڌ جي بندن جي ٽيسٽ طور آهي، ڇو ته سنڌ حڪومت چئي ٿي ته اسان بندن تي ڪم ڪرايو آهي، بند مضبوط آهن، جيڪڏهن بند بچي ويا ته پوءِ مڃڻو پوندو ته انهن جي ڳالهه صحيح آهي نه بچيا ته 50 اربن روپين جي ڪهاڻي سامهون اچي ويندي.

گذريل سال مسلم ليگ ن جي حڪومت عمران خان جي ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنجاب هٿ سان ٻوڙايو هو، هن ڀيري وري سنڌ ۾ مڪاني چونڊون پوئتي ڪرائڻ لاءِ هتان جا ڀوتار سياستدان متا اهڙي ڪا غلطي ڪن، ڇو ته اهڙا خدشا، خيال ۽ ڳالهيون گردش ۾ آهن، عام ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي، ته الاءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي، پاڻ وٽ تياري ٽڪي جي به ناهي، امڪاني خدشن ۽ وڌندڙ وهڪرن کي ڏسي سکر بئراج عام ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي، جتان سائيڪل تي گذرڻ جي به هاڻي اجازت ناهي، جنهن سان وڌيڪ ماڻهن ۾ خوف واري ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال جنم ورتو آهي، ان لاءِ سنڌ  حڪومت کي گهرجي ته هلندڙ ۽ ايندڙ ٻوڏ بئراجن بابت عوام آڏو سموريون حقيقتون ۽ ڪرپشن جا اڇا ڪارا چٺا ٻڌرا ڪري، ڪچي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي واهر ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ان وقت جڏهن پاڻي مٿي کان گذري ويندو ته ڪجهه به سنڀالڻ ڏاڍو مشڪل هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *