سڌائتي سڀ ڪا بک نه ڀاسي ڪا : سرواڻ چانڊيو

خير سان نون سنڌين، سنڌ ڌرتي کي هاڻي هڪ ٻن ٽڪرن نه پر چئن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسين سنڌ دشمن نه آهيون ۽ اسان کان وڌيڪ ته ڪو سنڌ جو گهڻ گهرو آهي ئي نه. جڏهن ته هاڻي اها مهم ٻين عام ديوارن کان ٿيندي حيدرآباد جي پريس ڪلب جي مکيه دروازي تي پهتي آهي، جتي وڏن ڪارن اکرن ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. شايد اهو نعرو دروازي تي ان لاءِ لکيو ويو آهي، جيئن ايندڙ ويندڙ ڏسن ۽ صحافين کي به خبر پوي ته مهم ڪيتري زور شور سان جاري آهي.ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ نام نهاد تنظيم، مهاجر صوبا تحريڪ پاران اهڙي قسم جي ناپاڪ حرڪت شروع ڪئي وئي هئي ۽ سنڌ جي عوام جي سخت احتجاج کانپوءِ ان تحريڪ پنهنجون سرگرميون وقتي طور تي ته بند ڪري ڇڏيون پر اندر ئي اندر ان مهم تي ڌام ڌوم سان ڪم جاري رهيو ۽ ان کي وڌيڪ سرگرمي سان جاري رکڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي حڪمت عمليون جوڙيون ويون.الطاف حسين جيڪو نه ته پاڪستان جو شهري آهي ۽ نه ئي وري سندس ڪا ملڪيت آهي. پاڻ برطانيا جو شهري آهي ۽ شايد اڃا تائين برطانيا جو راڄ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ تي جاري آهي جو برطانيا مان جيڪو سڏ اچي ٿو، ان تي لبيڪ چوندي ايستائين جو رت جون نديون به وهايون وڃن ٿيون ۽ پوءِ به سدائين ان کي پرامن احتجاج جو ئي نالو ڏنو وڃي ٿو. سنڌ کي ورهائڻ جي لاءِ جيڪو جواز پيش ڪيو ويو آهي. ان تي جيڪڏهن سنجيدگي سان غور ڪجي ته احساس محرومي ته سنڌ جي حقيقي رهواسين ۾ آهي، پهريون جواز جيڪو نون سنڌين پاران سنڌ ورهائڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي، اهو آهي ته کين حق نه ٿا ملن، نوڪرين ۾ ڪوٽا ڏني ٿي وڃي ۽ هو اها خيرات وٺڻ جي لاءِ تيار آهن. هاڻي سڄي سنڌ بلڪه پوري ملڪ کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جو ڊوميسائيل رکندڙ ڪا به سرڪاري نوڪري نه ٿا ڪري سگهن. شهري حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ انهن کي نوڪرين جو حق نه آهي، ايستائين جو تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن کي داخلا جو حق نه آهي. هاڻي عوام ئي فيصلو ڪري ته حق کان محروم ڪير آهن؟ نوان سنڌي يا پراڻا سنڌي؟نون سنڌين پاران سنڌ ورهائڻ جو هڪ ٻيو جواز ڏنو ويو آهي ته انهن کي روزگار ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، روزگار جا وسيلا نه هجڻ جي ڪري هو بکون ڪاٽي رهيا آهن. هاڻي ڪير ٻڌائي ته ڪراچي ۾ رتوڇاڻ سڀ کان وڌيڪ ڪنهن جو ٿيو آهي؟ نون سنڌين جو يا انهن پراڻن سنڌين جو؟ جيڪي بک جي باهه وسائڻ جي لاءِ ڪراچي جو منهن ڪن ٿا ۽ موٽ ۾ گهرڀاتين کي پئسن بدران گولين سان پروڻ ٿيل لاش ملي ٿو. ڇا اڃا به احساس محرومي ۽ لاچاري نون سنڌين ۾ آهي؟ جيڪي هر هيلي بهاني سان سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ جڏهن به اندر ۾ هورا کورا اٿن ٿا ته انهن کي سنڌ جي ورهاڱي کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه سجهي ئي نه ٿي.سنڌ جي انهن نون سنڌين کان صرف ايترو پڇيو وڃي ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وقت ڇا انهن قائداعظم يا پاڪستان جي رياست سان ڪو اهڙو معاهدو ڪيو هو ته هو ڀارت مان پنهنجي هڪ رياست ڇڏيو پيا اچن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ هڪ صوبو قائم ڪري ڏنو ويندو؟ جيستائين عوام کي ياد ٿو اچي ته انهن وٽ ته هلڻ جي لاءِ گاڏي به نه هئي. هزارين ميل پنڌ ڪري، هي انهن امير هندوئن جي گهرن تي قابض ٿيا هئا، جيڪي پنهنجا اجها ڇڏي ڀارت لڏي ويا هئا ۽ جيڪي اتي فوٽ پاٿ تي رهندا هئا. اهي پاڪستان ۾ محلن جا ڌڻي ٿي ويهي رهيا. ڪير ٻڌائي ته سنڌ جو اصل ڪهڙو رهاڪو آهي؟ جنهن کي اهي محل ڏنا ويا، سنڌ جي اصل رهاڪن ته انهن نون سنڌين جي لاءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کوليا ۽ پوءِ آخر ۾ پاڻ ئي ننڌڻڪا ٿي ڌڪجي پنهنجي گهرن مان نڪتا پر اڃا به احساس محرومي ۽ لاوارثي نون سنڌين ۾ آهي. خبر نه ٿي پوي ته انهن وٽ احساس محرومي ۽ لاوارثي جي وصف ڪهڙي آهي، گهٽ ۾ گهٽ جيڪا اسان کي پڙهائي وئي آهي ان وصف موجب لاوارث ۽ احساس محرومي ۾ وڪوڙيل ته سنڌ جا اصل رهاڪو آهن.انهن نون سنڌين پاران ۽ سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي کان اڳ ۾ پنهنجي ان رياست جي باري ۾ پڻ ٻڌايو وڃي، جنهن کي هي ڇڏي رضاخوشي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئا. سڄي دنيا ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي ته هي وڻ وڻ جي ڪاٺي آهن ۽ انهن ۾ ڪي به پاڻ ۾ رشتيدار به نه آهن، انهن جي مٽي مائٽي ته هتي اچڻ کانپوءِ ٿي آهي. هنن کي پنهنجي اصل بڻ بنياد جو به پتو نه آهي ته انهن جا ابا ڏاڏا ڪٿان جا آهن. هي ته ڪيڏي مهل بنگالين ڪيڏي مهل بهارين ۽ ڪيڏي مهل افغانين جو پاسو کڻي بيهي رهن ٿا ۽ انهن کي پاڪستان جي شهريت ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿا. بنگلاديش ۾ موجود بهارين کي آڻي انهن کي سمورا حق ڏيارڻ جي مهم هلائين ٿا. پهرين فيصلو ڪن ته اهي پاڻ ڪٿان جا آهن؟ جيڪڏهن پاڻ احساس محرومي جو شڪار آهن ته پوءِ وڌيڪ ماڻهن کي آڻڻ جو مطالبو ڇا جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو؟ جيڪڏهن ايڏي بک آهي ته پوءِ ٻين جو پيٽ پالي ڪيئن سگهبو.متحده جي سنڌ کي چار ٽڪر ڪرڻ جي مطالبي لاءِ هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته ڪراچي سڄي ملڪ کي کارائي رهي آهي، ان لاءِ اسان کي اهو ڌار صوبو ڪري ڏنو وڃي. هاڻي هڪ طرف احساس محرومي ۽ لاوارثي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻئي طرف ساڳئي مطالبي ۾ جيڪو جواز پيش ڪيو پيو وڃي اهو ته سندن ئي خلاف آهي ته جيڪڏهن ڪراچي 75 سيڪڙو روينيو ڏي ٿو ته اتي جي رهواسين ۾ احساس محرومي ڪيئن پيدا ٿي؟ ڇو ته جڏهن روزگار وڌيڪ هوندو ته روينيو به تڏهن ئي پيدا ٿيندو. هاڻي اها ڳالهه به واضح ٿي وئي ته انهن ۾ نه ته احساس محرومي آهي ۽ نه ئي وري لاوارثي پر پيٽ ۾ سور آهي ته صرف سنڌ جي ورهاڱي جو. ڇو ته انهن جو شروع کان ئي مقصد پهرين هڪ جدا صوبو ۽ پوءِ بنگالين وانگر جدا ملڪ آهي، جنهن جي ايجنڊا تي هي ڪيتري ئي وقت کان عمل ڪري رهيا آهن.هاڻي صرف تصور ڪجي ته ڪراچي سنڌ کان ڌار ٿي ويو آهي ۽ اهو هڪ جدا صوبو آهي ته اتي جون حالتون ڪهڙيون هونديون؟ ڇا لنڊن ۾ ويٺل برطانوي شهري ان صوبي جو وڏو وزير ٿيندو ۽ قاتلن جي هڪ فوج اتان جي ڪابينا ۾ شامل هوندي؟ ۽ اهو وقت ايندو جو ملڪ جو وزيراعظم به اتان جي وڏي وزير جي اجازت کانسواءِ وڃي نه سگهندو ۽ پوليس ۾ ڏکڻ آفريقا جي جهنگلن مان سکيا ورتل دهشتگردن جي هڪ کيپ هوندي ۽ اهي صوبي جي سرحدن جا نگران هوندا؟ ڪو به اچي وڃي نه سگهندو، هر طرف دهشت جو راڄ هوندو. ڇا اهو هن ملڪ ۾ ممڪن آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جي ڳولا سڀني کي ڪرڻي آهي پر جيڪا مهم شروع ٿي آهي، اها ٻيو ڪجهه حاصل ڪري سگهي نه سگهي پر هڪ رت جي راند ضرور شروع ٿي ويندي، جنهن جو انجام شايد 80ع جي ڏهاڪي جي حالتن کان به برو هجي پر شايد ان جو وقت به نه اچي. ڇو ته ان وقت ميڊيا آزاد ۽ فعال نه هئي جو ڪيترن ئي مائرن ۽ ڀينرن جي ارهن تي لڳل ٺپا ماڻهن جي اکين کان اوجهل ٿي ويا پر هاڻي ائين نه آهي. (جاري)

ٿي سگهي ٿو ته ان دکايل باهه ۾ هاڻي اهي پنهنجو ايندڙ نسل به ساڙي ويهي رهن.

سنڌ جا قومپرست جيڪي اڃا تائين اکيون بند ڪري ان ڳالهه جو ورد ڪرڻ ۾ پورا آهن ته سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي، سنڌ جا سچا سپوت آهن ۽ اهي ڪڏهن به سنڌ کي نه ورهائيندا. انهن کي به هاڻي پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن ۽ ڏسڻ گهرجي ته سنڌ جي وحدانيت تي ٿيندڙ وار جو گهاءُ ڪٿي انهن کي ايترو زخمي نه ڪري ڇڏي جو هو ڪنهن کي ڀاڪر پائيندي به پنهنجا هٿ اڳيان نه ڪري سگهن ۽ سدائين جي لاءِ پاسا ورائيندا رهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *