سينيٽ جون چونڊون ۾ سنڌين جي نمائندگي: ڪامريڊ منان چانڊيو.

خيرن سان پاڻ واري اسلامي جمهوري ملڪ ۾ سينيٽ جي اڌو اڌ سينيٽرن جي چونڊ خير خوبيءَ سان پوري ٿي. اهو به يقين آھي ته جن 52 سينيٽر چونڊن ۾ شاندار سوڀ حاصل ڪئي آھي، ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي جي سوين چونڊيل عيوضين انهن معزز ماڻھن کي پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري پارليامنٽ جي مٿين ايوان تائين پهچايو آھي. اهي سڀ جا سڀ آئين جي آرٽيڪل جي شق نمبر 63\62 تي سئو سيڪڙو پورائي پاسداري ڪندڙ هئا. جن جي ٿورڙي جهلڪ ڪجھ هفتا اڳ بلوچستان حڪومت جي وزيرن ۽ اسيمبلي ايم پي ايز جي احسن ڪارڪردگي ۽ سياسي وفاداريءَ مان ڏسي سگهجي ٿي. ان کان علاوه نون چونڊجي آيل سينيٽرن کي ووٽ ڪيئن مليا، سي ڪنهن ڏنا؟ ان تي سيڙپ يا لاڳت ڪيتري ٿي ۽ اهي حضرات وري سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي ووٽ ڏيڻ جي ڪيتري مٺائي وٺندا؟ ان کان پوءِ سرڪاري عرف عوامي فنڊن کي ڪيئن ۽ ڪيترو ٻرو ڏيندا؟ هتي مزي ۽ توجه طلب ڳالهه اها پڻ آهي ته، نئون پاڪستان اڏڻ ۽ ڪرپشن کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ جون دعوائون ۽ ڊاڙون هڻندڙ خان صاحب جي پارٽي جي حڪومت واري صوبي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي 12هن ميمبرن جن جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي انهن ”انصاف“ جون سموريون تقاضائون پوريون ڪندي، پنهنجو پاڻ کي نيلام گهر ۾ نيلام ڪندي ٽڪن عيوض پنهنجي ضمير کي تين وال ڪري نه صرف پاڻ کي مهڻي هاب ڪري ڇڏيو پر پنهنجي تڪ جي سمورن ووٽرن سان ڌوڪي يا دغابازي ڪئي. جتي انهن پئسي جي پوڄارين عمران خان جي پارٽي ۽ سنگت جي پت وائکي ڪري ڇڏي. اتي وري خود خان صاحب جي جمهوريت سان دلچسپي ۽ چونڊيل ادارن جي احترام ڪرڻ جي خبر هن پاران پنهنجو ووٽ استعمال نه ڪرڻ سان پئي ٿي.

اسان جي نظر ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز پاران ووٽ وڪرو ڪرڻ ۽ خان صاحب پاران وري پنهنجي نامزد ٿيل پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ تي نه اچڻ ساڳئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. باقي رهيو سوال رئيس وڏي پاران پنهنجي دلبند دوستن کي ڏوڪڙن جون پٺارڪون پارائي بلوچستان سان تعلق رکندڙ آزاد سينيٽرن کي هديو ڏيڻ لاءِ اوڏانهين روانو ڪرڻ ڪا نئين ڪهاڻي ڪانهي. ڇاڪاڻ ته ان ڪهاڻي جي پهرين رليز ٿيل قسط بلوچستان اسيمبلي جي همراهن جي ٿيل سودي طور خلق خدا ڏسي چڪي آهي. اُهي سڀئي سوغاتون هينئين سان هنڍائيندڙ ڳالهيون، پنهنجي جاءِ تي، پر سينيٽ جون چونڊون مقرر وقت تي موجوده ڪشيده سياسي حالتن ۾ ٿيڻ هڪ سياسي ۽ جمهوري قسم جو ڄڻ ته معجزو آھي. ڇو ته بلوچستان اسيمبلي جي عيوضين جي خريده فروخت حڪومت جي تبديلي ۽ ميان صاحب جي نون ليگ جي صدارت واري عهدي تان سپريم ڪورٽ پاران نااهل ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي جولاءِ مهيني کان هن وقت تائين هن جيڪي به صدارتي منصب دوران فيصلا ڪيا هئا. انهن کي به رد ڪرڻ جا حڪم صادر ڪيا. اهڙي منجهيل سياسي ۽ قانوني صورتحال کان پوءِ ايئن پيو لڳي ته، شايد سينيٽ جون چونڊون ڪونه ٿين. هونئن به پاڻ واري ملڪ جي حڪومتي ۽ سياسي صورتحال سدائين تبصرن ۽ تجزيئن جي ور چڙھندي پئي اچي. نه صرف اهو پر جڏھن به مائي مارشل لا چاهيندي آهي ته بنا ڪنهن دعوت ۽ ڪوٺ جي اچي لڏو لاهي ويهندي آھي، ۽ واپس وڃڻ لاءِ ڪڏھن به رضاڪاراڻا طور تي پنهنجي اصل ماڳ مڪان تي اسهڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي. اهڙي ريت وري جڏھن ته مسمات جمهوريت ڪيترين ئي هيلن، بهانن ۽ ايلازن منٿن کان پوءِ ايندي آھي ته، ان کي وري رهڻ ڏنو ئي ڪونه ويندو آھي.

بهرحال سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ جيڪاصورتحال سامهون آئي آھي، تنهن موجب نون ليگ سڀن کان مٿي آھي. ٻئين نمبر تي پ پ، اهڙي ريت تحريڪ انصاف ٽئين نمبر تي آھي. مزي جي ڳالھ ته فوجي جنرلن جي دادلي ۽ سياسي طرح تاتيل ۽ پاليل ايم ڪيو ايم وڃي پنهنجي منتطقي انجام تي پهتي. ڏٺو وڃي ته سينيٽ اهڙو ادارو آھي، جنهن ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي نمائندگي برابر جي بنياد تي طئي ٿيل آھي. يعني هر هڪ صوبي مان 24-24، اسلام آباد 2، ۽ فاٽا مان 4 سينيٽر هوندا آھن. چوڻ جو مقصد ته پنجاب مان پنجابي، بلوچستان مان بلوچي، ڪي پي ڪي مان پختون ۽ سنڌ مان سنڌين جي نمائندگي سينيٽ ۾ واضح اڪثريت ۾ هئڻ گهرجي. ٻين صوبن ۾ ته ان فارمولي تي عمل ٿيندو پيو اچي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ مان جيڪي سينيٽر منتخب ٿين ٿا، انهن مان گهڻائي غير سنڌين جي رهندي پئي آئي آھي. اسان هتي اڄ کان نو سال اڳ سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن جو ڪجھ حوالو ڏيڻ ضروري سمهجون ٿا. ان وقت سنڌ مان صرف 7 سنڌي سينيٽر چونڊجي مٿئين ايوان تائين پهتا هيا. باقي ٻيا ٻين صوبن، قومن ۽ اُردو آبادي سان تعلق رکن پيا. هن ڀيري به سنڌ مان صرف 8 سينيٽر سنڌي آھن. باقي ٻيا خيرن سان ٻين صوبن، قومن ۽ هتان جي اُردو آباديءَ سان لاڳاپيل آھن. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته سينيٽ جهڙي اهم اداري ۾ صرف 8 سنڌي هوندا. اهڙي ناانصافي ڪندڙ سياسي پارٽين ۾ سڀ کان وڌيڪ پ پ پ آھي. /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

جنهن هميشه کان وٺي غير سنڌين کي اهميت ڏئي سنڌين کي ان اهم اداري کان پري رکندي پئي اچي. پاڻ اهو مڃون ٿا ته ملڪ جي آئين ۾ اهڙي ڪابه شق شامل ڪانهي، جنهن موجب ڪنهن به قوم جي لاءِ سينيٽ ۾ مخصوص سيٽون رکيل هجن. پر پوءِ به ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سينيٽ جي قيام جي پهرين ڏينهن يعني 1973ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ڪنهن ٻئي صوبي مان ورلي سينيٽر چونڊيو هجي. ها، هنن چونڊن ۾ اهو ضرور ٿيو آھي ته اڳوڻي وزير اعظم مرحوم محمد خان جوڻيجو جي پٽ اسد جوڻيجو کي نون ليگ اسلام آباد جي هڪ مخصوص سيٽ تان ڪامياب ڪرايو آھي. نه ته سدائين سنڌ مان پنجاب جا پنجابي، ڪي پي ڪي جا پختون، ڪشمير جا ڪشميري، وغيره سينيٽر ٿيندا پيا اچن. اها روش پارلياماني اصولن جي ابتڙ سمجهون پيا، ۽ چاهيون ٿا ته سنڌ مان سينيٽ ۾ سنڌين جي نمائندگي نمايان ۽ وڏي پئيماني تي هئڻ گهرجي. ڇو ته اهڙي اهم اداري ۾ سنڌين جي نمائندگي ڀرپور هئڻ سان هڪ ته سنڌي قوم کي پنهنجي نمائندگي جو احساس ٿيندو، ٻيو ته سنڌ مان جيڪي ٻين صوبن، قومن ۽ نسلن سان تعلق رکندڙ سينيٽر چونڊبا اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي صحيح نمائندگي ڪونه ڪندا. هتي اها سٺي اهو سٺو سنوڻ سمجهون ٿا ته، هن ڀيري پ پ پ سنڌ جي هڪ قومي هيري روپلي ڪولهي جي خاندان جي هڪ نياڻي ڪرشنا ڪولهي کي سينيٽ تائين پهچائي بهتر عمل ڪيو آھي. جنهن جي ساراهه نه ڪرڻ قلمي ڪنجوسائپ هوندي، پر هڪ اقليتي برادري جي نياڻي پارليامنٽ جي مٿين ايوان تائين پهچائڻ جي ڪري پ پ حڪومت ۽ ان جي قيادت جي ڪيل سنڌ ۽ سنڌين سان ٻه اکيائي ۽ زيادتين کي پاڙي يا وساري نٿو سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *