سياسي مناظرا ۽ غريب   عوام  .!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ ا ندار سياسي  مناظرا ڪا نه ڳالهه ناهي پي پي پي حڪومت هجي ن ليگ يا کڻي  خان صاحب عمران جي پارٽي  پر جيستائين هو پاڻ ۾ ڏندڪشي نه  ڪن ته لڳي ٿو ته کين کاڌو هضم ناهي ٿيندو.؟سدائين ننڍڙي ٻار وارو ضد ۽ جهيڙو .!!!انڪري ان ننڍِڙي ٻار وارو ضد ۽ جيهڙو ۽ پاڪستان حڪومت جي سياست اڄ ڪلهه هڪ جهڙيون پيون لڳن،!!!! تازو تحريڪ انصاف جي ترجمان  شرين مزاري ن ليگ کي مناظري لاءِ چئلنج ڪيو  جڏهن ته انکان پهرين شرين مزاري عائشه گلالائي سان پڻ مناظرو ڪرڻ جو چيو جنهن وقت عائشه گلالائي تحريڪ عمران پارٽي جي اڳواڻ عمران خان صاحب تي الزام لڳايا ته هن وٽ عورت ذات جي عزت ناهي،.!!جڏهن ته عمران خان صاحب وري اهو چئي رهيو آهي ته  ملڪ جا هونئن ته پڇاڙڪا پهر هلي رهيا آهن جلد کان جلد نواز حڪومت جي شام ٿيڻ ٿي چڪي آهي پر اصل حقيقت تي نظر وجهون ته اگر نواز صاحب جي حڪومت جا پڇاڙڪا پهر آهن ته ملڪ کي ڪنهن جي ضرورت آهي جيڪو اچي ملڪ جون واڳهون سنڀالي ۽ ملڪ کي هڪ اهڙي دور مان ڪڍي جنهن ۾ اٽو مهاڳو  ۽ موت سستو آهي. جن حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، اهي بلاشڪ تشويشناڪ آهن . شاندار ماضيءَ کي اسان پاڻ وساري ويٺا آهيون.روشن آئيندي جو وري ايترو اونو اٿئون جو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي لاءِ پڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. امتحان ڏيون ته ڪاپي ڪري، نوڪريون وٺون ته ڏوڪڙ ڏئي. صنعت ۽ تجارت سان لڳي ئي ڪانه ، ثقافت سان فقط نعري بازي جو عشق اٿئون. پنهنجي اهڙن پرڪارن جي باهه تي حالتن وري گاسليٽ جو ڪم ڏيکاريو آهي.

شهرن ۾ دهشتگرديءَ ته  ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي. ڪنهن کي ڪا واٽ ڪانه ٿي ملي. هر ڪنهن جون متيون ئي منجهي پيون آهن. سياسي ڪارڪن پنهنجي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ملڪ جا مدبر الائي ڪهڙي سياست ۾ مصروف آهن. دانشورن کي دنيا پنهنجو مڃڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. اهڙين سنگين حالتن کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٻهراڙيءَ جو معصوم، سٻاجهو ۽ سڌو سنئون اهو عوام آهي، جيڪو آباديءَ جي لحاظ کان اڪثريت ۾ آهي. جنهن کي اسان پنهنجي معيشت جو ابو چئون ٿا ۽ جنهن کي اسان جا مدبر قوت جو سرچشمو چون ٿا. بلاشڪ شهرن ۾ رهندڙ عوام به آزار ۾ آهي، پر دکن ۽ دردن، سورن ۽ عذابن ۾ ٻهراڙيءَ وارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.منهنجو تعلق پڻ هڪ ٻهراڙي جي علائقي سان آهي جتي زندگي جڏهن صبح جا ڪرڻا کڻي نئون سفر شروع ڪرڻ لاءِ رواني ٿيندي آهي ته انهن ٻهراڙي ۾  انيڪ انساني زندگيون خواهشن جون اڌوريون اڻپوريون مرڪون کڻي پنهنجي پنهنجي ڪمن ڪارن ڏانهن زندگي جو سفر تي روانييون ٿي وينديون آهن   جيڪڏهن اڄ جي حالتن ۾ عوام پنهنجي ئي رنگ نسل بلڪ پنهنجن ئي ڌاڙيلن جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻيو آهي ته اها تڪليف ڏيندڙ هئڻ باوجود نئين ڳالهه ڪانهي.ڇو ته عوام ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ساڳئي صورتحال کي صدين کان وٺي منهن ڏيندو آيو آهي، مٿس ڪنهن ڪنهن ڌاڙا نه هنيا آهن. سياستدانن جي اڪثريت سندس ويساهه ۽ عقيدت تي ڌاڙا هنيا، عملدارن رعيت آزارن سندس حقن تي ڌاڙا هنيا، واپاري هن جو رت چوسيو، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن هن جا کيسا خالي ڪيا،ملان کيس نفرت جي نگاهه سان ڏٺو. سندس چڱي مڙس کيس پنهنجي کٽ تي ويهارڻ به پسند نه ڪيو. هو عزت جي زندگي گذارڻ لاءِ صدين کان آتو آهي. نه کيس تعليم ملي، نه کيس تربيت ملي.

هو صدين کان وٺي اڪيلو ۽ ڇورو ڇنو آهي، بي وس ۽ مجبور آهي. انهيءَ عوام تي جڏهن آزارن مٿان آزار ٿين ٿا، ۽ عذابن مٿان عذاب اچن ٿا ته ڏک وچان سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون. ۽ جڏهن به اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، تڏهن ڪابه شئي چٽي ۽ صاف نظر نه ايندي آهي. ڳوڙهن سان ڀريل اکين واري انسان جي هٿ ۾ جڏهن لٺ، باٺو، بندوق يا ڪلاشنڪوف اچي وڃي ٿي ته پوءِ ايئن ئي ٿئي ٿو ، جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مختصر جواب اهو آهي ته مظلوم ، مظلوم کي نشانو بڻائي رهيو آهي. نشاني بڻائڻ جي شدت ظالمن جي ظلم کان به وڌيڪ گهري ٿيندي  آهي ڪير آهي جو اهڙي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سگهي.خدڪش حملا، اترويزستان ۽ هلند آپريشن ۽  ٻئي صرف پاڙيسري ملڪ جون الررون،، بي روزگاري،وڌندڙمهنگائي جو راڪاس ڌاڙا ،ڦرون،ڪراچي جو بگڙيل معاشرو جتي هر انسان زندگي  موت جي ڊپ ۽ خوب واري زندگي گذاري رهي آهي. ملڪ اندار مسئلن جو هڪ وڏو ڄار وڇائجي چڪو آهي جنهن ۾ حڪمران توڙي عوام ايتري قدر ڦاسي ويا آهن جنهن مان نڪرن لاءِ کين سال نه پر صديون لڳنديون.حڪمرانن جون هڪ ٻئي جي الزام بازيون،هڪ ٻئي خلاف اسيمبلين  ۾ گور شيم شيم جا نارا  ايندڙ نسل جي ذهنن تي ڪهڙا اثر وجهندا اهو هڪ وڏو سوال آهي.؟هن ملڪ جو هر فرد دل اندرانهي سوال کي سانڍي ويٺو آهي  جنهن جو جواب شايد ئي کيس ملي

جڏهن ته ميان نواز صاحب گذريل حڪومت جي ڳالهه ڪئي ته ان  اندر آءِ پي پيز جو تمام گهڻو شور هو ميان صاحب جو موقف هو ته   بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس آصف علي زرداري  تمام گهڻا مهنگا آءِ پي پيز معاهدا ڪيا. اهو وقت هو جڏهن ڊاڪٽر طاهرالقادري بينظير صاحبه سان اتحاد ۾ هو ۽ جڏهن بيان بازيون شروع ٿيون ته ڳالهه ڊاڪٽر طاهرالقادري ۽ شيخ رشيد جي وڄ ۾ مناظري تائين پهچي وئي ۽ ڊاڪٽر طاهرلقادري شيخ رشيد کي مناظري لاءِ چلنج ڪيو  ۽ شيخ رشيد اهو مناظرو قبول ڪيو پر ڪجهه ٽائيم کان پوءِ شيخ  رشيد مناظري ڪرڻ کان  لهرائي وڃي ڪا ڪنڊ ورتي ۽ وري مناظري جي ڳالهه ئي نه ڪيائين.تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جيڪو جاويد هاشمي سان ڪيو اهو ته سڀني ڏٺو هوندو،مخدورم جاويد هاشمي ٿي ڪارڪنن نه رڳو گهيراءُ ڪيو پر کيس جوتا به ڏيکاريا،انڪري مان سوچيان پيو ته هي ڪهڙي سياست آهي،جيڪا رات جي اونداهين ۾ پنهنجو وجود وڪڻڻ واري عورت کان به بري نظر اچي رهي آهي،مونکي حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته ان وقت مونکي صرف ۽ صرف مخدوم جاويد هاشمي ئي نظر آيو جيڪو بلڪل اڪيلو ۽ تنها هو،ڇو ته جاويد هاشمي جو انسان هو جنهن مشڪل وقت اندر ن ليگ جي حمايت ۾ آواز بلند ڪيو هو،۽ ايتري حد تائين جو هن ن ليگ جي ڪري عدليه تي پڻ تنقيد ڪئي، دنيا  ۾ جتي جمهوري حڪومتون آهن جتي منظارا به ڪيا وڃن ٿا.!!اتي به منظارن جو رواج آهي آمريڪي صدارتي اميدوارن جي وچ ۾  مناظرا ٿيندا رهن ٿا پر اهي مناظرا آمريڪي انتخاب لاءِ تمام گهڻي اهميت  رکندڙ هوندا آهن ۽ اهي عوام جي راءِ کي پڻ تمام گهڻو متاثر ڪندا آهن انهي ڪري آمرڪي صدارتي اميدوار يونيورسٽين  ۾  وڃِي  ڪري پنهنجي ذهين شاگرد جي سوالن جا جواب به ڏيندا آهن  ۽ جيئن عوام انهن جي خيال ۽ پاليسي کي سمجهي سهگي .!!! پر افسسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ ۾ اهڙي جا ريت رسم رواج ناهي هتي مناظرا گهٽ ۽ ڏندا ڪشي تمام گهڻي ٿيندي آهي اهين ٿو ڄڻ لڳي ته ملڪ اندر جمهوريت اڃان پنهنجا پير پڪا ناهن ڪيا.!!! ته جيئن سياسي جماعتن  وچ ۾ ڪي اهڙا مناظرا ٿي سهگن جنهنن سان عوام مطعمين ٿي  سگهي.!!برحال  اصل ڳالهه جيڪا شرين مزاري ۽ جي هلي رهي  هئي ته اهڙا مناظرا تمام گهٽ ٿيندا آهن انڪري مان سمجهان ٿو ته ڪوبه اهڙو ٽي وي چئينل ناهي جنهن تي مناظرو  نه ٿيندو هجي اهو عوام جو حق آهي ته مناظرا ٿين  حڪرانن جو سچ انهن جي سامهون اچي ته هو ڪوڙ کي ڪوڙ ۽سچ کي سچ سمجهي سگهن پر شرط اهو آهي ته اهو مناظرو  صرف لفظن تائين هجي انهن ۾ ڪا ڏندڪشي نه ڪئي وڃي انهي اندر صرف ۽ صرف عوام جو ڀلو هجي،

***

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *