سياسي مخالفت کي خونريزي ۾ تبديل نه ڪيو.!: ڪامريڊ منان چانڊيو

ڪجهه ڏينهن اڳ ميهڙ شھر ۾ ميرراڻي برادري جي پڳدار ۽ چانڊيا تمندار جي ڪنوينر رئيس مختيار احمد چانڊيو، ڪرم الله ۽ ڀاءُ قابل کي سندس ئي برادري جي ماڻھن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته جوابي ڪاروائي ۾ ھڪ جوابدار قادن نالي پڻ مارجي ويو. ٽن مقتولن جي وارثن چانڊيا قبيلي جي سردار ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو مٿان الزام هڻي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آھي. ٻئي طرف وري جوابدار مقتول قادن جي قتل جي ايف آءِ آر سندس گهرواري ٻئي ڌر تي داخل ڪرائي ڇڏي آھي مٿي ڄاڻايل خوني وارڌات ۾ ملوث ڄاڻايل هڪ جوابدار به هن وقت تائين گرفتار ڪونه ٿي سگهيو آھي.

اسان جي نظر ۾ ٻن پٽن ۽ پيءُ جو قتل ڪو معمولي واقعو ڪونه آھي. ڇو ته هڪ ته هڪ گهر جا ٽي فرد هڪ وقت ئي بيدرديءَ سان قتل ڪيا وڃن. ٻيو ته مقتول پ پ جي ٽڪيٽ تي مڪاني ادارن جا چونڊيل عيوضي هجن. ٽيون ته اهي علائقي جا وڏا زميندار، ڪاروباري ۽ لکيا پڙھيا هجن، ۽ سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالجه ته رئيس مختيار چانڊيا قبيلي جي، جن جا نواب سردار خان سان ڪن معاملن تي اختلاف هيا. انهن برادرين تي ٻڌل تمندار ڪائونسل جو ڪنوينر هيو. چوڻ جو مطلب ته مارجي ويل ماڻھو گهڻ رخي فيملي جا فرد ائين اوچتو ۽ بنا ڪنهن خاص تڪرار ۽ سبب جي ماريا وڃن. ان جي پويان ضرور ڪا نه ڪا سازش يا سگهاري ڌر هوندي، جنهن جو اظهار مختيار چانڊيو جي وڏي پٽ صدام چانڊيو ڪري چڪو آھي.

جيئن ته پاڻ چئي چڪا آھيون ته ٽن معزز ماڻھن جو قتل عام رواجي ڪونهي ۽ ان جي اهميت اڃا ان ڪري وڌي وئي آھي ته اهڙي سانحي جي متاثرين چانڊيا نواب ڀائرن تي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي. هنن سنڌ سرڪار ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آھي ته سمورن قاتلن کي بنادير گرفتار ڪيو وڃي. جتي نوابن سميت جوبدارن جي گرفتاري لاءِ تمندار ڪائونسل ۽ ميرراڻي برادري جي گهڻائي ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي. اتي وري نوابن تي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪيترين ئي شھرن ۾ احتجاج جو جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ ھڪ طرف سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان کي پڻ ان گناهه ۾ بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي دليل ڏئي رهيا آھن. ته ٻئي پاسي ميرراڻي برادري جا پڳدار ۽ تمندار ڪائونسل جا ميمبر نواب گهراڻي کي ان قتلن ۾ سڌا سنوان ملوث ڄاڻاين ٿا. اهي ڌرين جون ڳالھيون پنهنجي جڳهه تي اهميت رکن ٿيون. پر ايڏي وڏي خونريزي ڪندڙن کي ڪنهن جي پشت پناهي حاصل ٿيل آھي؟ انهن جا سهولتڪار ڪير آھن؟ جيستائين اهي پيچيده مامرا ظاهر ۽ حل نه ٿيندا اوستائين افواهن ۽ نفرتن جا طوفان برپا ٿيندا رهندا. خدا نه ڪري اهي طوفان برادرين وچ ۾ وڏي خونريزي جا ڪارڻ بنجي سرداري ۽ تمنداريءَ تي ماڻھو مارائڻ جا نه مٽجندڙ گناهه ۽ داغ بنجن.

اسان ميهڙ سانحي ۽ ان کان پوءِ امڪاني خطرناڪ صورتحال تي لکڻ کان پهريون چانڊيا قبيلي ۽ ان جي سرسدارن تمندارن بابت مختصر لکندي اهو ٻڌائيندا هلون ته سنڌ ۾ جڏھن ڄام نظام الدين عرف ندو خان جي حڪومت هئي ۽ سندس وطن ۽ عوام دوست گورنر دولهه دريا خان هو ان وقت اتر سنڌ ۾ چانڊيا قبيلي جي گهڻائي رهندي هئي. جن جو سردار سريمڻ خان هيو. هي اهو دور هيو جڏھن قابل ۽ قنڌار کان پٺاڻ ارغون لشڪر ڪشي ڪري سنڌي ماڻھن جو مال متاع ۽ عورتون به کڻي ويندا هئا. ڌارين جي اهڙن ظلمن جو شڪار چانڊيا قبيلي وار پڻ ٿيندا هئا. جڏھن پٺاڻن جا ظلم وڌي ويا ته دولهه دريا خان سوين سپاهي ساڻ ڪري ڳوٺ مرزا پور ۾ اچي ڪئيمپ هنئين. ان وقت اتر سنڌ جي ڪجهه ماڻھن کي اها به شڪايت هئي، ته چانڊيا به ساڻن ڏاڍايون ڪن ٿا. انڪر دولهه دريا خان پنهنجا خاص ماڻھو چانڊين سردار ڏانهن موڪليا ته هو اچي پنهنجي صفائي پيش ڪن. اهڙي نياپي کان پوءِ سريمڻ خان اچي دولهه دريا خان سان مليو ۽ اهو ثابت ڪيو ته هنن جو ڪنهن به مڪامي ماڻهن نيزاءُ ڪونهي. هو ته خود ارغونن جا ستايل آھن. جڏھن دولهه دريا خان انهن ڳالهين مان مطمعين ٿيو ته سريمڻ خان ۽ سمي سومري جي ڪمان ۾ سوين سپاهي ارغونن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ قنڌار روانا ٿي ويا، ۽ اتي زنوبيگ جي لشڪر ۽ قلعي کي فتح ڪيو. اهڙي ڪاميابي تي دولهه دريا خان تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چانڊيا قبيلي جي سردار کي پنهنجي برادري سميت لکين ايڪڙن تي مشتمل چانڊڪا انعام طور ڏني. اها جاگير ڪيترين پيڙھين تائين چانڊيا برادري جا ماڻھو آباد ڪندا رهيا. جن مان ست حصا آبادگار ۽ اٺو حصو چانڊيا سردار جي پڳ جو هيو. مگر افسوس ته جڏھن سنڌ کي انگريزن فتح پئي ڪيو، تڏھن ان وقت جي چانڊيا سردار کي پاڻ سان ملائي پنهنجو تعبيدار مقرر ڪري سر نوابي جو لقب عطا ڪرڻ سان گڏوگڏ سموري چانڊڪا جاگير به هن جي حوالي ڪري ڇڏي. بس پوءِ ان ڏينهن کان وٺي چانڊيا قبيلي جي سردار کي پنهنجي ماتر ڀومي ۽ سنڌي قوم سان غداري عيوض جاگير ملي. جيستائين چانڊيا قيبلي جي تمندارن جي ڳالهه آھي، ته ان قبيلي جون ڪيتريون ئي برادريون آھن. جھڙوڪ، معرفاڻي، چولياڻي، سوماراڻي، غيبياڻي، ميرراڻي، ساکاڻي، ميروواڻي، حسناڻي، بجيراڻي وغيره انهن برادرين ۾ وري ڪيترائي پاڙا اچي وچن ٿا. جنهن ڪري ان برادري جي هڪ ئي پڳدار کي تمندار چيو ويندو آھي. ان کان علاوه وري هر هڪ پاڙي جو رئيس يا چڱو مڙس ٿيندو آھي.

بهر حال، پاڻ ڳالهه پئي ڪئي، ميهڙ سانحي ۾ چانڊيا نوابن کي ملوث ڄاڻائڻ جي. ته اها به حقيقت آھي ته انگريز سامراج کان وٺي ملڪ تي جيڪي به مارشل لائون جڪي ملڪ تي نافز ٿيون آھن. انهن سمورين غير جمهوري قوتن جي چانڊيا قبيلي جي سردارن سلامي ۽ غلامي وارو ڪردار ادا ڪندا پيا اچن. هنن ڪڏھن به سنڌي قوم، عوام ۽ پنهنجي قبيلي وارن سان سٺو ورتاءُ ڪونه ڪيو آھي. هو صرف ۽ صرف پنهنجي ذاتي، انا ۽ مالي فائدن لاءِ خاص ڪري پنهنجي قبيلي وارن کي قربان ڪندا رهن پيا. اهو ئي سبب آھي، ته ماضي ۾ پڻ چانڊيا قبيلي جي ڪيترين ئي برادرين چانڊيا نوابن سان سياسي ۽ سماجي تعلقات ٺوڙي پنهنجي اڀري سڀري لڏي مان ڪم پئي ورتو آھي. هاڻي تازوئي جڏھن چانڊيا قبيلي جي ڪيترين ئي برادرين جي تمندارن ۽ چڱن مڙسن سمجهو ته کين سردار نظر انداز ڪري/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

رهيا آھن. تڏھن هنن گڏجي هڪ تمندار ڪائونسل قائم ڪئي. ان ڪائونسل جا مقصد ڇا هئا؟ ۽ هو ڪرڻ ڇا پيا ڇاهين؟ اڃا ان قسم جي ڪا واضح ڳالهه سامهون ڪونه آئي هئي، ته ان ڪائونسل جي ڪنوينر مختيار چانڊيو کي پيءُ پٽ سميت قتل ڪيو ويو. هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته مختيار سميت معرفاڻي برادري جو تمندار رئيس ٺارو خان ۽ ٻيا سردار خان ۽ سندس ڀاءُ جا خاص ماڻھو رهيا آھن. جنهن جو مثال ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته گذريل مڪامي اليڪشن ۾ جتي ٺارو خان معرفاڻي پنهنجي سڳن ڀائرن جي مخالفت ڪندي ڀوتارن جي ڀر ۾ بيٺو. اتي مختيار به  پنهنجي گهراڻي سميت ڀوتار جي شفقت ھيٺ رهيو. ته پوءِ آخرڪار اهي ڪهڙا ڪارڻ آھن؟ جو تمندار ڪائونسل ٺهي ۽ ان جي پليٽ فارم تان پنهنجي سردار خلاف ڪا وڏي بغاوت ڪرڻ کان اڳ ئي مختيار پيءُ پٽ سميت مارجي ويو؟ واضح رهي ته مختيار ۽ سندس گهر ڀاتين جي قتل کي جنهن پراڻي تڪرار جو پلاند يا نتيجو سڏيو پيو وڃي. ان تڪرار ۾ چار ماڻهو اڳ ۾ ئي مختيار جي ڌر جا قتل ٿي چڪا آھن، ۽ انهن جو ڏنڍ ڏوهه به ٻي ڌر ڀري ڏنو. ته پوءِ ھاڻي ظاهري طور تي ڪوبه ان قسم جو جواز ڪونهي. ٻئي ڳالهه ته هن وقت تمندار ڪائونسل ۽ نوابن وچ ۾ سياسي اختلاف وڌي جهيڙي واري صورتحال اختيار ڪئي آھي. ان ڪري ڌرين کي ئي صبر تحمل کان ڪم وٺڻ کپي، ۽ اهڙو قدم نه کئڻ گهرجي، جنهن سان چانڊيا قبيلي جي مختلف برادرين ۾ خونريزي جو انديشو هجي. آخر ۾ سردار خان کي گهرجي ته هو پنهنجي مٿان لڳل سنگين تهمت مان پاڻ کي آجو ڪرائڻ لاءِ ڪنهن مناسب ۽ غير جانبدار ڌر يا فورم وٽ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري. اسين آخر ۾ چانڊيا قبيلي جي انهن ماڻھن جي ڀوتار جي خوشامند حاصل ڪرڻ لاءِ آپي کان نڪري احتجاج ڪري رهيا آھن. انهن کي گهرجي ته هو ميھڙ سانحي جي متاثرين سان همدردي ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آواز بلند ڪن، ۽ ان اکان سواءِ سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کي به غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي مقتولن جي قاتلن، انهن جي پشتپناهي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن خلاف بنا دير خاص ۽ عام جي قدم کڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچائين. ته جيئن چانڊيا قبيلو ۽ ان جون برادريون هڪ وڏي خونريزي کان بچي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *