سياسي احستاب اندر ورسي ويل دهشتگردي .!!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

ميان نواز شريف هن وقت پاڪستاني وزيراعظم آهي ۽ پاناما ليڪس معاملي جي آءِ ٽي جي رپورٽن کانپوءِ پاڪستان جو هڪ وڏو سياسي حلقو ميان نواز شريف کان استيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي،پر ميان صاحب نه استيفيٰ ٿو ڏي ۽ نه ئي انهي ڳالهه کي تلسيم ٿو ڪري ته آف شور ڪمپينن اندر سندس پئسو لڳل آهي،جڏهن ته سموري اپوزيشن جماعتون اهو واضع ڪري چڪيون آهن ته ميان نواز شريف جي خلاف سمورا ثبوت عدالتن اندر جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،جنهن جي ڪري ميان نواز شريف کي استيفيٰ کان سواءِ ٻيو ڪو به گس نه ملندو،پر مان سمجهان ٿو ته جتي سوال پاڪستان جي سياست جو آهي اتي اهم سوال پاڪستان جي امن جو به آهي،جيڪو سياسي ڄونڊا پٽ اندر مسلسل نظر انداز ٿي رهيو آهي،جنهن ڪري ملڪ اندر دهشتگردي واقعن ۾ واڌ اچڻ جا وڏا امڪان نظر اچي رهيا آهن،ڇو ته سپاڪستاني عوام ۽ پاڪستان جي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان وٺي دهشتگردي جي وڌندڙ ناسور سان وڙهي رهي آهن.پر انهي وڌندڙ دهشتگردي نه رڳو پاڪستان معيشت کي نقصان پهچايو آهي پر هن وقت تائين 50هزارکان وڌيڪ بي گناهه شهرين جي زندگي جو ڏيئو پڻ اجهايو آهي.جڏهن ته ان سان گڏ پاڪ فوج جا جوان ۽ پاڪستاني پوليس ۽ ٻين سڪيورٽِي جن ۾ معصوم ٻار عورتون.مرد شامل آهن.جڏهن ته انهي دهشتگردي هن وقت تائين نه رڳو پاڪستان عوام جون زندگيون ضايع ڪيون آهن پر هزارن جي تعداد اندر سڪيورٽي اهلڪارن کي پڻ نشانو بڻايو آهي،۽ کين شهيد ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ڪالهه تازو حساس اداري خيبرپختون خواهه جي دارالحڪومت پشاور جي علائقي حيات آباد اندر سڪيورٽِي اهلڪارن جي گاڏي اڳيان خدڪش ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڪاسٽيبلن سميت (ايف ايس) جي هل شهيد ڪيو ويو جڏهن ته ان ڌماڪي جي ٿوري وقت کانپوءِ بلوچستان جي افغان سرحد وٽ ۾ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن اندر به هڪ(ايف ايس) اهلڪار شهيد ٿي ويو.

ملڪ اندر جتي ٻيا صوبا انهي دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن جنهن اندر امن امان هڪ سواليه نشان بڻيل آهي اتي پاڪستاني جي صوبي سنڌ جو شهر ڪراچي به انهي دهشتگردي جي مڪلمل لپيٽ ۾ ايندو.؟جتي پاڪ فوج آرمي جي ڪوششن سان دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪري ڪراچي جي شهرين کي جئيڻ جو جياپو مس ڏنو ويندو.جئين تازو ڪراچي اندر ريجنرس آپريشن شروع ٿيو ان ڏينهن کان وٺي ڪراچي اندر گهڻي حد تائين امن امان بحال ٿيو آهي ۽  هر شهري زندگي معمول جي مطابق هلي رهي آهي ۽  گهڻين دلين مان دهشتگردي وارو خوف ختم ٿي ويو آهي.پر پاڪستان اندر جڏهن به اهڙن بم ڌماڪن جون خبرون نشر ٿينديون آهن ته هر ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته ڇا واقعي دهشتگرد پاڪستان جي حاووي ٿي ويا آهن.؟ پاڪستان تي حيقيقت جي نظر وجهجي ته پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ ملڪ آهي.جيڪو معيشت جي اعتبارسان وڏي اڪثريت رکي ٿو،دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان جي معيشت جي سڪپورٽ جي سهاري هلي رهيا آهن.پر هن وڌندڙ دهشتگردي جي ڪري ان پاڪستاني معيشت کي به تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.جڏهن ته وڏن وڏن سرمائيڪارن پاڪستان تان پنهنجو نظرون هٽائي ڇڏيو آهن. ۽ پهنهنجا ڪاروبار دنيا تي ٻين ملڪن ته شروع ڪري ڇڏيا آهن.جنهن جي ڪري پاڪستاني معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.شايد اوهانکي خبر هجي ته پاڪستان.کير ۽ ڪپهه پيدا ڪرڻ وارو دنيا جو چوٿون ملڪ آهي ۽ ڪڻڪ پيدا ڪرڻ وارو اٺون ملڪ آهي ۽ چانور پيدا ڪرڻ وارو دنيا جو ڏهون ملڪ آهي.جڏهن ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي وڏي ملڪ جي معيشت ڏينهن ڏينهن تباهي جي ڪناري جي طرف وڃي رهي آهي.جنهن جو اصل ڪارڻ پاڪستان اندر وڌندڙ دهشتگردي آهي.جنهن جي ڪري دنيا جو ڪوبه ملڪ پاڪستان سان معاشي تعلقات رکڻ لاءِ تيار ناهي سواءِ چند ملڪن جي.جن مان چين سرفهرت آهي..پر هن وقت پاڪ فوج جي محنت سان ايتري ضرور اميد جاڳي آهي ته پاڪستان ۽ هلندڙ دهشتگردي جو خاتمو ضرور ايندو ۽ اهي دهشتگرد جيڪي پاڪستاني معيشت ۽ عوام کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين انهن جو خاتمو ضرور ٿيندو،انهي ڪارنامي ۾ پاڪ فوج جو ڪرادر ساراهه جوڳو آهي.جڏهن ته پاڪستان اندر هلندڙ دهشتگردي جي خلاف ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي جي نهايت ئي بهتر ثابت ٿيو ۽ ڪراچي اندر به انهن دهشتگردن جي خلاف رينجرس  آپريشن به ڪامياب ويو،.جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد موت جي سولي تي چاڙهيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي گرفتار ڪري جيل جي ڪارين ڪوٺڙين ۾ قيد ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اندر هن وقت اقتصادي راءِ داري کان ويندي.توانائي منصوبن جي افتاح هڪ سٺي ۽ پرامن موسم جي اچڻ تي شروعات آهي.ماضي ۾ جيڪي ملڪ پاڪستان سان پنهنجا معاشي تعقات رکڻ لاءِ تيار ئي نه هئا اهي پاڪستان سان پنهنجا معاشي تعلقات رکڻ لاءِ پاڪستان جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.جڏهن ته پاڪستان جي ويجهي دوست ءِ پاڙيسري ملڪ چين پاڪستان سان اقتصادي راءِ جو منصوبو جوڙي دنيا کي پڻ اهو پيغام ڏنوآهي ته پاڪستان سرمايه ڪاري لاءِ هڪ بهترين ملڪ آهي.جنهن سان دنيا جي ملڪن کي انهي سرمايه ڪاري مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.جڏهن ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت تي نظر وجهون ته ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچي ويندا.۽ ڪجهه اهڙا به معاملا آهن جن کي حل حڪومت جي زميواري آهي.جڏهن ته ڪجهه وقت پهرين پاڪستان جي ڪوششن سان يورپين يونين پاڪستان کي (جي ايس پي پلس)اسٽيس ڏنوهو جنهن سان پوءِ اها توقع ڪئي پئي وئي ته انهي سان پاڪستان جي باآرمدکي فائدو ملندو.پر ائين نه  ٿئي سگهيو.پاڪستان کي انهي مان فائدو ملڻ بجاءِ نقصان پهتو.جنهن جا ڪارڻ معملوم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان نجڪاري جي شعبي جي نمائنيدن جي هڪ ٽيم  تيار ڪئي هئي.جنهن جي ضرورت پڻ هئي.پر بارآمد جي گهٽتائي جي وجهه مان سمجهان ٿو ته پيداوار جي کوٽ آهي.جڏهن ته هن وقت پاڪستان سان صرف ڪجهه ملڪ اهڙي معاملي تي راضي هئا باقي ڪيترائي ملڪ پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي ڪري پاڪستان سان معاشي معاملا نه پئي رکيو آيا.۽ پاڪستان اندرجيڪي معدني وسيلا آهن جن مان پاڪستان کي جيترو فائدو پهچڻ کپي اوتري فائدو به نه پهچي رهيو آهي.پر هن وقت اميد جي هڪ آس ضرور جاڳي آهي ته پاڪستان پنهنجي معدنيات جي مطبوظ بڻائڻ ۽ توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا جوڙي ڇڏيا آهن.جن ۾ ٿرپاوار پلانٽ.جهنگ پاور پلانٽ.۽ بلوڪي پاور پلانٽ سميت ڪيترائي منصوبا آهن جن تي ڪم جاري آهي.۽ جڏهن اهي پنهنجي ملڪمل تڪميل تي پهتا ته پاڪستان توانائي جي نه رڳو بحران مان نڪرندو پر پاڪستاني اندر بجلي سستي ٿيندي ۽ پاڪستان پنهنجي بجلي دنيا جي ملڪن کي وڪڻي ڏئي سهگندو.جنهن سان پاڪستان جي معيشت جي بحالي يقيني آهي.پر اتي به هڪ سوال آهي ته پاڪستاني حڪومت جن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي.انهي تي پنهنجي تڪميل تي پهچائڻ جو عزم ضرور دل ۾ هجي.رڳو منصوبا جاري ڪرڻ نه پوءِ انهن کي ڪنهن مقصد تي به پهچائڻ سان نه پاڪستان جي معيشت مظبوط ٿيندي پر پاڪستان سان توانائي جو بحران به ڪڏهن ختم نه ٿيندو.

انهن سڀ ڳالهين جو ڇيڙو وري به پاڪستان جي امن امان تي ختم ٿئي ٿو.جيستائين ملڪ ۾ امن آهي ۽ ملڪ دنيا جي سطح تي امن لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي ڪون ٿو سگهي.جڏهن ته دنيا ئي قوتون پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ ئي انهي لاءِ ٿيون چاهين ته پاڪستان ترقي نه ڪري.پاڪستاني معيشت تباه ٿي ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ملڪ جي حڪمران خلاف روڊن تي نڪري ۽ پاڪستان اندر گهرو ويڙه پيدا ٿي جنهن سان پاڪستان ڪمزو ٿي.جڏهن ته پاڪستان اندر وڌندڙ دهشتگردي انهي قسم جي هڪ شطرنج جي چال آهي.جيڪي پاڪستاني مخالف ملڪ کيڏي رهيا آهن.پاڪستان هن وقت دهشتگدري خلاف وڙهي رهيو آهي ۽ پاڪستان فوج ۽ عوام به هڪ ٿي ڪري انهي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *