سيارو، خفتي ۽ بندو خان ؛ مير اعظم علي ٽالپر

آڪٽوبر جي مهيني جي آمد سان گڏ سنڌ ۾ سياري جي به آمد ٿي ويندي آهي. هن سال اها خطري جي (گهنٽي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سابق انائونسر ۽ مائٽ (ڳوٺ مير شير محمد ٽالپر کان) مير الهيار خان ٽالپر صبح جو نيرن ۾ ايس ايم ايس ۾ پيغام ڏئي وڄائي ته ”اتر لڳو، الهندو لڳندو، سياري ڪيا سڏ ڪک پن ڪاٺيون ڪريو گڏ“ سو سيارو پهچي ويو آهي.سنڌ ۾ سياري جي اچڻ سان گڏ ڪڪڙن جا ’ميل‘ به هر هنڌ شروع ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ سياري کان پهرين ڪڪڙ رڳو ’ڦڙڪائڻ‘ تائين محدود هوندا آهن. هيڏانهن سياري جي سردي تيز ٿيندي آهي ته هوڏانهن خفتين جا ’ميل‘ به تيز ٿيندا آهن. مون ڪڏهن به ڪو ڪڪڙن جو ميل نه ڏٺو آهي. حالانڪه انهي ۾ پوليس جي ڇاپي جو ڪو ڊپ ڊاءُ نه آهي. اها ته ويچاري خود ئي ڪڪڙن جي ميل لاءِ ڇَپَر ۽ ڇانوَ هوندي آهي، پر راقم کي انهي ’شوق‘ جو ڪو ’شوق‘ ئي نه آهي. البته پنهنجي پٽي ڀائي عبرت جي ڪالم نگار مرحوم نور عباسي جي ڪالم ’واٽ ويندي‘ جيان واٽ ويندي ’ميلن‘ کان لنگهندي ٻاهران خفتين جا هوڪرا، نعرا، تاڙيون ۽ ”آ پٽ پياسي“ جا آواز فضا ۾ گونجندي ضرور ٻڌا آهن. اڄڪلهه ڪڪڙن جا ميلا سنڌ جي ٻهراڙين سان گڏ شهرن ۾ به ٿي رهيا آهن، جيئن مسوڀرڳڙي، ابن موري (ميرپورخاص) ٽنڊوآدم، پر مون کي بقلم خود راقم کي ڪجهه سال اڳ ضلعي نوشهروفيروز ۾ جلال چانڊيو جي شهر ڦل کان ٻاهر ويندي مؤصَر جي واهه کان اڳ ۾ ’جلال جي ماڙي‘ وارو ڪڪڙن جو ميل ياد آهي. جيتوڻيڪ ڪڪڙن جي نرسري ٽنڊو سومرو ۽ ٽنڊو قيصر آهن، ان کانسواءِ ڪوٽڏيجي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪڪڙن جي ميل ۾ کوڙ سارا ڪڪڙ هڪٻئي سان مقابلو ڪندا آهن، پر خفتين جي زبان تي هڪ ئي نالو عام هوندو آهي ’آ پٽ پياسي‘!! جيتوڻيڪ جاوو به ميدان ۾ لٿل هوندو آهي. هنن ڪڪڙن جي ميلن ۾ ’ميل‘ دوران وري ٿورو ڌار ٻين ڪڪڙن جو به مقابلو جاري هوندو آهي، جيڪو خفتين جي ٽيڪنيڪل زبان موجب اصل ’ميل‘ کان جدا ويڙهه جو ”شَملُو“ چيو ويندو آهي، جنهن ۾ وڏن ڪڪڙن بدران ڪمزور ۽ خاص ڪري ڊول ڊيش منهن مُهانڊي آواز سميت ’مادي مهانڊي ڪڪڙ‘ هوندا آهن.جڏهن ته خفتين جون چپٽيون رڳو ’آ پٽ پياسي‘ لاءِ وڄنديون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن پٽ پياسي کنڀڙاٽيون هڻي هڻي جاوي هٿان شڪست کائي ’سُرخَ مسلم‘ جو رتبو حاصل ڪندو آهي، جنهن لاءِ ڪراچي جو مشهور ۽ فخر ايشيا سيخ ڪباب جو ماهر ’بندو خان‘ حيدرآباد آيو هو. اسان جي گهر ۾ به هڪ ’چيلهه ڀڳل ڪڪڙ نر‘ ضرور آهي، جيڪو پاڙي جي ڪتن کان الائي ڪيئن بچيو آهي، پر هاڻ هن به سامهون واري گهر ۾ پاليل ’موتي ڪتي‘ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن ۽ هڪ (L.O.C) ايل او سي قائم ڪري ڇڏي آهي ته ڪو به بيروني ڪُتو اسان جي ٽرڙي ڪڪڙ تي بي گاهه وقت ۾ حملو نه ڪندو ۽ ان لاءِ موتي ڪتو سندس بچاءُ ڪندو ۽ موٽ ۾ اسان جو ڪڪڙ ڪتي جي آرام ۾ ڪو رخنو نه وجهندو. ان کانسواءِ گهر جي اندر رهندڙ خانداني ڪاري ’ٻلي‘ جيڪا سالن کان بک تي رهائش پذير آهي، ان ڪاري ٻلي ۽ اسان جي ڪڪڙ مفاهمت جي پاليسي تحت امن جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن ٻلي خواب خرغوش ۾ ڇيڇڙا ڏسي رهي هوندي ته اسان جو ٽرڙو ڪڪڙ بي وقتي بانگ ڏئي سندس آرام ۾ خلل نه وجهندو ۽ واپسي ۾ جڏهن ڪڪڙ پنهنجي سسي (منهن) کنڀن ۾ رکيو اکيون پوريو پنڪيون ۽ جهوٽا پيو کائيندو ته ٻلي سندس مٿان پهرو ڏيندي ۽ گهر ۾ موجود مال گڏجي کائيندا.سياري دوران سنڌ ۾ ڪڪڙن جا ’ميلا‘ تمام مشهور آهن، پر وقت به ملاکڙا به، گهڻا مشهور آهن. سنڌ جي ملاکڙن ۾ پهرين جوڙ جا ملهه پهلوان وڏي نالي وارا آهن ۽ جلال چانڊيي وانگي شير ميربحر جي ڳوٺ نوشهروفيروز ۽ خيرپور وڃڻ وقت سندس ڳوٺ ۾ نالي واري سَرَ شاخ وٽ وڻ هيٺيان ڏسي دعا ضرور گهرندو آهيان، پر راقم ملاکڙا به ڏسڻ نه ويندو آهي.ملاکڙن ۾ به ڪڪڙن جي اصل مقابلن کان ڌار ’شملو‘ سسٽم وانگر ملاکڙي جي ساڳي ميدان تي وڏن ملهه پهلوانن جي ملهه وڙهڻ ۾ اڃا دير هوندي آهي ته ان دوران ڪو مسخرو ملهه وڙهندو آهي، جيئن گهڻا سال اڳ ٽنڊوڄام ۾ جهانيان سائين جي ملاکڙي تي قادر شيدي اهڙن وقفن ۾ هڪ ڪاٺي ميدان ۾ کوڙي ان سان ملهه وڙهندو هو ۽ داد وصول ڪندو هو.ان زماني ۾ ٽنڊوڄام جي جهانيان سائين جو ميلو قربان علي تپيدار هڻائيندو هو ۽ ان کانسواءِ ناليوارو شاعر سائين منظور نقوي يا سندس فرزند مختيار نقوي به ايندا هئا. ان ئي زماني ۾ مون ئي قادر شيدي کان پهريون اخباري انٽرويو عبرت اخبار جي فلم ايڊيشن لاءِ ورتو هو، جيڪو 1972ع جو دور هو، تڏهن جهانيان جي ميلي تي مشهور گلوڪار محمد ابراهيم ۽ شوشيلا مهتاڻي به ايندا هئا ۽ ٽنڊوڄام ۾ ملهه پهلوانن لاءِ مرحوم مير محمد خان نياز ٽالپر جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، جتي مرحوم مولا بخش عرف (مولو لاشاري) ملهه ۽ ٻيا پهلوان بنگلي تي ويٺا هوندا هئا. اڄڪلهه ملاکڙن ۾ قادو شيدي جي جاءِ تي هڪ ٻئي ملهه ”پاڪستاني“ والاري آهي، جيڪو پڻ ”پٽ پياسي“ جهڙو ئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ”آ پٽ پياسي“ چوڻ ته رڳو هڪ ڪڪڙ لاءِ علامتي نشاني آهي، پر ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ’پٽ‘ ۽ ’پياسي‘ به آهن، جن اڳيان خفتين جون چپٽيون وڄن ٿيون ته هو پنهنجون کنڀڙاٽيون هڻن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دور جو ’پٽ پياسي‘ ۽ ’خفتي‘ ڌار ڌار رهندا آيا آهن، پر اصل ۾ ’ميلا‘ هڻائڻ وارا وڏا چالاڪ ۽ هوشيار هئڻ کان علاوه وڏا ’مڪار‘ ’حسينه‘ جيان آهن. دوکيباز به آهن، هو پنهنجي ڪم ڪڍڻ خاطر سدائين چپٽيون وڄائيندا رهندا ۽ ڪو نه ڪو پٽ پياسي ڀلي هر طرح سان ’ماديو‘ ڇو نه هجي، پر هو اهڙن خفتين جي چپٽين جي بَڇَ ۽ آواز تي نچندو بيٺو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي دنيا جو ’جيالو‘ ۽ ’قومپرست‘ سمجهندو آهي.سنڌ ۾ سيارو موٽي آيو آهي ۽ خفتين جون چپٽيون وڄن پيون ۽ وڏي آواز ۾ هُل ۽ هُوڪرا ٻڌجن پيا ته ”آ پٽ پياسي“ خدا خير ڪري، ڪٿي ’پياسي‘ کي ’جاوي‘ جي کڙهه نه لڳي وڃي ۽ سندس آخري رسمون ڪراچي جو مشهور سيخ ڪباب وارو ’بندو خان‘ سرانجام نه ڏئي؟ بهرحال اڄڪلهه ته هر ڪنهن جو نعرو آهي(جاري)

’آ پٽ پياسي‘ پر اسان کي خوف آهي ’بندو خان‘ جو!! دعا آهي ته پٽ پياسي جي سر بخت جو خير هجي ۽ بندي خان کان محفوظ رهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *