سوڳ ۾ ورتل سنڌ ۾ ڪهڙو ثقافت ڏهاڙو؟(حصو ٻيو)؛شوڪت لوهار

اِهي سڀئي حوالا ۽ رنگ رکندڙ سنڌ اڄ ثقافتي ڏيهاڙي جي تجديد ڪري رهي آهي پر سال جيان هيلوڪو سال سنڌ تي قهري سال ٿي آيو آهي. هن دفعي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي ماتمي ڏهاڙي ۾ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو. ثقافتي ڏهاڙو مطلب کير کنڊون ورهائڻ پر جڏهن اوهان جي اکين ۾ لڙڪن جا لاش هجن، اوهان جي سڏڪن جو سڏ جواب ڏيئي وڃي، اوهان جي مورن کان ٽهوڪا ڦريا وڃن، اوهان جي ديس ۾ ميندي جي مهڪ جي  بجاءِ رڳو رت جي بوءِ هجي ته پوءِ اوهان اهو پسند ڪندا جو اوهان اڇا ڪپڙا اوڍي ۽ ڳچي ۾ سنڌي اجرڪ پائي وڃي روڊن تي جهمريون هڻو؟

”اگهو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.“

شاهه لطيف جو سٽون سچيون آهن، جڏهن چوڌاري ڪوڙ هجي، اُتي سچ ڪنهن کي آڇجي ته به ڪيئن آڇجي؟

مارئي جيان اوهان به چئي ڏيندا ته ”آءٌ ڪيئن سيج سمهان؟“ اوهان ڪيئن ٿا اجرڪ اوڍي سگهو جڏهن اوهان ڪجهه وقت اڳ ۾ اِهو اجرڪ پنهنجي ديس جي ڪٺل ڪُونڌرن کي آڇيو هجي؟

هن وقت سنڌ سوڳوار آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ٿيندا جو سنڌ جي آواز کي هميشه پڙاڏو بڻائيندڙ عالم ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي نماز پڙهندي شهيد ڪيو ويو. ان کان علاوه سنڌ ۾ هر ڏينهن هڪ چچريل لاش کڻي پهچي ٿو. آصف پنهور کان سرويچ پيرزادي تائين روزانو سينا پروڻ ٿيل لاشا، سنڌ جي جهولي ۾ وڌا پيا وڃن. ڏينهن ڏٺي جو ڪمليش ڪمار کي جو اغوا ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه ٻيا انيڪ اهڙا روڳ آهن، جن جي ڪري هي وقت خوشي ملهائڻ جو نه پر شهيدن جي پونئيرن سان ڏک ونڊڻ جو آهي، انهن کي آٿت ڏيڻ جو آهي. اسان جي ثقافت ۾ اهو به شامل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڙي واري جي گهر ۾ تڏو وڇايل هجي ته اسين پنهنجي ڪاڄ کي ملتوي ڪري، ان جي ڏک ۾ شامل ٿيندا آهيون پر خبر ناهي اسان وٽ ڪجهه ميڊيا هائوسز ائين سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن تي ثقافتي ڏهاڙو نه ملهايوسين ته سندن ڪو وڏو نقصان ٿيندو. ها واقعي نقصان ته ٿيندو جو سندن ملندڙ لکين ڪروڙين روپين جا اشتهارن کي ڌڪ لڳندو. هي هڪ ڪنزيومر دنيا آهي، هتي سڀ ڪجهه کپي ٿو. اوهان جي خوبصورت چمڙي کان وٺي اوهان جي ٽهڪن ۽ ٽاڻن جو سودو ٿئي ٿو. هر ڪا شيِءِ واپار جو وکر آهي ۽ سنڌ جي ثقافت به شايد ڪو وکر آهي، جيڪو وڏي اگهه سان کپي ٿو ۽ ان ملتوي ٿيڻ يقينن ڪنهن گڙنگ واپاري لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

حالت اها آهي جو اسان اشتهارن جي اهڙي مها ٻوڏ ۾ لڙهي رهيا آهيون، جتي اسان ڪنهن به شيءِ جي خواهش ڪو نه ٿا ڪريون بلڪه هڪ ٽي وي اشتهار ذريعي انهيءَ جي خواهش کي پيدا ڪيو وڃي ٿو. اڳتي ڏڌ يا ڏهي ڳوٺن ۾ مفت ۾ ملندي هئي، هينئر ان کي (California frozen yogurt) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري هن وقت جيڪا سنڌ جي حالت آهي، ان تي اکيون اشڪ بار ڪرڻ بجاءِ ڳچي ۾ اجرڪ وجهي روسو بڻجڻ جي ضرورت صفا ڪو نه آهي پر ڇا ڪجي جتي ميڊيا ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ اها انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي دعويدار آهي، ان ڪري هر عام ماڻهو ان جي اثر ۽ غلبي کان ٻاهر نٿو اچي سگهي. عاجز جمالي صاحب جا لفظ حوالي طور ڪم آڻيندس ته اهو ڪجهه ڪري به هو اسان تي اهو جتائين ٿا ته اوهان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ وارا اسين آهيون.

هاڻي اسين چاهيون ته ثقافت اجاگر ٿئي ته ٿيندي جي اسين نه چاهيون ته ثقافت اجاگر ڪو نه ٿيندي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي ملهائي ۽ ملتوي ڪرڻ جا مجاز آهيون.

ها اوهان جي لک مهرباني جو اوهين سنڌ تي اهو احسان ڪري رهيا آهيو ، جو ماڻهن کي اڇا ڪپڙا اوڍائي ۽ اجرڪ پارائي روڊن تي جهمريون پائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهيو واهه واهه! ڪيڏو نه حسين نظارو آهي، اهڙو دلفريب منظر آهي جو اوهين سنڌ جي روڳن جا خود ساخته ويڄ طبيب بڻيا ويٺا آهيو. جتي سنڌ جو سَنڌ سَنڌ سورن جي ور چڙهيل هجي، اتي اوهان جي راٻڙي ڪيمياگري ڪٿي ڪم ايندي. اوهان اسان روزانو اهي اشتهار پڙهندا آهيون ته ”فلاڻي برادري جي اتحاد مثال ڪلهوڙا، سولنگي، کوکر اتحاد طرفان! هاڻي حد اِها آهي جو برادري سطح تي سوچ کي محدود ڪري ڇڏجي! بابا! اوهان جي زمين کي پاڻي انهيءَ ڪري ڪو نه ملندو جو اوهين فلاڻي اتحاد واري ذات مان آهيو ئي ڪو نه…

حالت انهيءَ کان اڳتي اتر سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي علائقي کي هڪ ننڍڙي رياست ڪري هلائيندڙ وڏيرن ڀوتارن سنڌ جاگرافيائي يرغمال بنائي ڇڏي آهي، اُتي ڪهڙا ثقافتي ڏهاڙا ۽ ڪهڙيون ايڪتائون ملهائجن ”هي اسان جو ڏاڏاڻو تڪ آهي“ اهڙا گفتا اوهان متا نه ٻڌا هجن پر اسين ٻڌا آهن، يعني هن علائقي جا ماڻهو اتان جي زمين جيان اسان خريد ڪيا آهن ۽ اسين جڏهن چاهيو انهن کي ڪيش ڪرايون.

ڇا سنڌ شگر مل جيان آهي؟ ۽ ان ۾ پڙهندڙ ستانوي فيصد مسڪين ماڻهو، انهيءَ ڪمند جيان آهن، جنهن جا هڪ ته اگهه ماريا ويا آهن، ٻيو ته ان کي ڳري مشين ذريعي پيڙهيو وڃي ٿو ۽ باقي ٽي پرسنٽ پڙهندڙ ڀوتار وڏيرا ۽ ڪامورا آهن.

ٿر جي معصوم ٻارڙن جي مرتئي جا وراڪا روزانو آڏو اچن پيا ۽ اسين روزانو بيان ڏيئي فوٽو ڪڍائي وڏا وڏا انگ اکر ڏيکاري هليا وڃون ٿا.

سنڌي ٻولي سان جيڪا حالت ٿي رهي آهي ان جو نوٽيس ڪير وٺندو. خانگي اسڪولن وارا سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ راضي ڪو نه آهن ۽ ان لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪا ڳالهه ڪو نه ٿي رهي آهي.

هي ڪهڙو ديس آهي؟ جتي معصوم نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. اڙي بابا جيڪڏهن اوهان ڪنهن معصوم نياڻين کي سڱ چٽي ڏيئي کير کنڊ ٿيا ته ڪهڙو فائدو؟ برادري جي جهيڙن ۾ درجنين ماڻهو ماريا وڃن ٿا.

سنڌ جي ثقافت ته ان جي واهڻ وستين، ڳوٺن سان آهي، اڄ انهن جي حالت ڪهڙي آهي؟ سنڌ جي سونهن ۽ خوبصورتي جي علامت بڻيل سنڌ جا وڻ، جن تي سنڌ جا پکي ۽ نوريئڙا راند رهندا هئا، انهن کي ته ڪڏونڪو ڪٽي مڃ ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ثقافت ته خوبصورت رليون ٺاهيندڙ ڪانڊيري نالي ان هاري جي زال جو حوالو آهي جنهن کان اهي سڀ ڀليون رليون وڏيريون مفت کڻي وڃن ٿيون ۽ حسن درس جي دل ۾ درد جي سٽ ٿي اڀرن ٿيون.

هينئر جي سنڌ جو لاڙ، اتر ڪاڇو ٿر ۽ ڪوهستان ڀڳل هڏ وانگر آهي، جيڪو دوا لاءِ واجهائي ٿو.

سوڳ ۾ ورتل سنڌ ۾ هينئر ڪهڙيون خوشيون ملهائجن ها پر اوهان جي ڪاروبار جي موسم آهي، اوهين ڀلي پنهنجي دڪان جو سودو هلائي وٺو، جيستائين سنڌي ماڻهو انهيءَ اٽڪل بازي کان آگاهه ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *