سوشل ميڊيا ۽ تعليم دشمنن خلاف مهم ؛ماجد مقصود

سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن خلاف مان پھريون شخص ھئس، جنھن سڀ کان پھرين سنڌ جي ھن ناسور مسئلي خلاف لکيو، پر لکڻ کان پھرين مان ڪجھ دوستن سان ان جو ذڪر ڪيو، پر انھن منھنجي شديد مخالفت ڪئي ته سوشل ميڊيا غير سنجيده ماڻھن جو پليٽ فارم آھي، جنھن تي لکڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. گذريل پنج سال تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪندي مان سنڌ جي تعليم جي تباھي ڏسندو رھيو آھيان. سنڌ جي وڏن وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول بند ملندا آھن ۽ ماستر پگھار ته حڪومت کان کڻندا آھن، پر نوڪريون يا ڪنھن ٻئي نجي ادارن ۾ ڪم ڪندا آھن ۽ ڳوٺن جا معصوم ٻار گدرا ۽ ڦٽيون پيا چونڊين يا ڳوٺن ۾ گھمندي نظر ايندا آھن ۽ مان سنڌ کان ٻاھر رھندڙ دوستن سان به ان مسئلي تي ڳالھائيندو رھيس. اُھي پاڻ سنڌ جي تعليم تي تمام گهڻو پريشان نظر آيا، پر افسوس ته سنڌ ۾ رھندڙ ھر طبقي جا ماڻھو ھن ڪرپٽ تعليمي نظام جو ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان يا ته بينيفشري رھيو يا وري خاموش تماشائي.

سڀ کان پھرين مان سنڌ جي وڏن رائٽرز کي مخاطب ٿيندي لکيو ته اوھين سنڌ جي سياست تي روز وڏا وڏا ڪالم لکندا آھيو پر سنڌ جي اڌ آبادي جيترا ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، اوھين ان تي ڇو نٿا لکو؟ ڪجھ ته چوندا ھئا اھو حڪومت جو ڪم آھي، ڪجھ وري روايتي قسم جو ڪالم لکي چوندا ھئا ته سائين اسان لکيو آھي. پر سماج جي انھن ماڻھن جو پنھنجي ڪالمن ۾ ڪڏھن به اشارو نه ڪيائون، جيڪي سنڌ سنڌ ڪندي نه ٿڪندا آھن، پر سنڌ جي تعليم کي تباھ ۽ برباد ڪري رھيا آھن، ڇو ته اھي اسان جا وڏا رائٽر ھن سنڌ جي تعليمي تباھي ۾ ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان پاڻ ملوث ھئا. ڇو ته گوسڙو استادن جو تمام وڏو تعداد اين جي اوز ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ اسان جا وڏا رائٽرز يا انھن اين جو اوز جا سربراھ آھن يا وري انھن اين جي اوز ۾ وڏن پگھارن تي ڪنسلٽنٽ آھن ۽ ڪجھ رائٽرز وري يونيورسٽين ۾ سياسي پروفيسر آھن، جيڪي پاڻ يونيورسٽين ۾ ٻارن کي پڙھائڻ لاءِ تيار نه آھن، تنھنڪري حقيقي ماڻھو جيڪي سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪري رھيا آھن انھن جو ڪير به نالو نه پيو وٺي. ٻيو ھڪ وڏو طبقو گوسڙو ماسترن جو صحافي لڏي جو آھي، تنھنڪري انھن دوستن به ان تباھي تي خاموش رھڻ ۾ پنھنجي ڀلائي سمجھي، تنھنڪري منھنجو پھريون ٽارگيٽ اھي ڌريون رھيون جيڪي ھن تباھي تي خاموش ھئا.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته تعليم جو حق ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آھي پر بدقسمتي سان اسان جون حڪومتون ايتريون مضبوط ڪڏھن به نه رھيون آھن، جيڪي ھن ڪرپٽ نظام خلاف ڪي پاپولر فيصلا ڪري سگھن. مان گذريل پ پ واري دور ۾ حڪومت جي ھڪ تعليمي اداري ۾ ڪم ڪندو ھئس ۽ توھان کي خبر ڏيان ته پير مظھرالحق لاءِ ڇا به چيو ويندو هُجي، پر هُن تعليم لاءِ چڱا ڪم ڪرڻ پئي چاھيا پر ھو نه ڪري سگھيو، ان جو سبب صرف ۽ صرف حڪومتي ماڻھن جو پاڻ ۾ تڪرار ھو. تعليم جو وزير، سيڪريٽري ۽ وزيراعليٰ ڪڏھن به ھڪ پيج تي نه رھيا، جڏھن وزير چڱو ڪم ڪرڻ پئي چاھيو ته وزيراعليٰ ان تي اعتبار ڪونه پئي ڪيو ۽ وزيراعليٰ جيڪڏهن ڪجھ ڪرڻ پئي چاھيو ته وزير صاحب ان جي مدد نه پئي ڪئي، ان جو ڀرپور فائدو تعليم دشمن ۽ ڌارين ورتو، انھن جي ڪرپشن تي ڪنھن جي نظر به ڪانه وئي ۽ اسان جا ھمراھ پاڻ ۾ وڙھندا رھيا. اهو سڀ ڪجھ مان پوئين دور ۾ ويجھڙائيءَ کان ڏسي چڪو آھيان. گھڻو ڪري تڪرار انا ۽ عدم برداشت جو ھو، تنھڪري اُهو ڪجهه ٿي نه سگهيو، جنهن جي اُميد ڪئي پئي وئي.

ماضي ۾ سنڌ جي تعليم جي جيڪا تباھي ٿي چڪي آھي، اُھا حڪومت جيڪڏهن چاھي تڏھن به اڪيلي ڪجھ نه ڪري سگھندي ۽ ان ۾ سنڌ جي سڀني پڙھيل لکيل ماڻھن کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. انھيءَ ڪري مان سوچي سمجھي سوشل ميڊيا تي ھڪ مھم ھلائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ان ۾ سنڌ جي ماڻھن زبردست قسم جو ساٿ ڏنو ۽ اڄڪلھ گوسڙو ماسترن جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن. ماڻھن گوسڙو ماسترن جون تصويرون ۽ ان سان تعليم دشمن ۽ سنڌ دشمن نالا ڏيئي شئر ڪن ٿا ۽ سنڌ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ماڻھو ان کي لائيڪ، شيئر ۽ ڪمينٽ ڪن ٿا. اھڙي طرح انهن گوسڙو ماسترن جو فوٽو پوري سنڌ جي ماڻھن ۾ مشھور ٿي وڃي ٿو. ڪجھ وڏا نالا جيڪي گوسڙو به رھيا پر پوءِ انھن اين جي اوز جي نوڪرين جي لالچ ۾ پنھنجون نوڪريون ڇڏي ڏنيون پر ان جي باوجود ماڻھن انھن جون تصويرون لڳائي سنڌ جي سڀني ماڻھن سان انھن جو تعارف ڪرايو آھي ته ھي وڏا ماڻھو به سنڌ ۾ گوسڙو رھيا آھن.

ڪجھ ماڻھو اڃان به چون پيا ته ھن سوشل ميڊيا مھم جو ڪو فائدو ڪونه ٿيندو پر مان سمجھان ٿو ته ھن مھم جا ڪجھ فائدا ضرور ٿيندا، جنھن جو سنڌ جي تعليم تي وڏو اثر پوندو، جيڪي منھنجي نظر ۾ ھيٺ ڏجن ٿا.

ھڪ ته ھي سڀ گوسڙو ماستر پوري سنڌ جي اڳيان نروار ٿي چڪا آھن، تنھڪري حڪومت جيڪڏهن ھنن خلاف ڪو ايڪشن کنيو ته ان کي معاشري جا ماڻھو تسليم ڪندا.

سنڌ جي سڀني ماڻھن کي اھا خبر پئجي ويندي ته سنڌ جي اڌ آبادي جيترا ٻار تعليم نه پيا پرائين، ان جا ڪھڙا سبب آھن ۽ ماڻھو حڪومت تي ايڪشن کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجھندا.

اُھي وڏا رائٽرز جيڪي تعليم لاءِ روايتي آرٽيڪل لکندا ھئا ھاڻي اُھي کُلي ڪري لکندا.

اُھي اين جو اوز جيڪي گوسڙو ماسترن کي کڻندا ھئا ھاڻي اُھي ايترو جلدي گوسڙو ماسترن کي نه کڻندا ڇو ته انھن جي سوشل ميڊيا تي وڏي بدنامي ٿئي پئي ۽ ڪير پنھنجي بدنامي برداشت ڪونه ڪندو.

سماج ۾ گوسڙو ماستر جي عزت ۾ گھٽتائي ايندي ۽ ماڻھو انھن کان نفرت ڪندا.

ھر ماڻھو گوسڙو ماستر کان پڇاڻو ڪندو ته ڪڏھن ٿو اسڪول وڃي ۽ ڪافي گوسڙو اسڪول وڃڻ شروع ڪندا.

مان سمجھان ٿو ھڪ ننڍڙي سوشل ميڊيا مھم جا ايترا فائدا ٿين، اُھا ڪنھن سماج لاءِ تمام وڏي ڳالھ آھي، جيڪا تاريخ ۾ ضرور سٺن لفظن ۾ ياد ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *