سوشل ميڊيا وقت جي گهرج…!!:

اڄ جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا وڏو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪي معاملا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي پيا اچن اهي معاملا اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي اچي وڃن، جن خبرن تي پابنديون لڳايون وڃن ٿيون،اهي معاملا سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي وڃن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا اڪثر ملڪ سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جو سوچي رهيا آهن ته ڪن  ملڪن ۾ وري اڻ سڌي ريت سوشل ميڊيا تي پابندي به لڳائي وئي آهي، جنهن سبب اصل حققتون عوام آڏو نه پيون پهچن،  پر ان باوجود سوشل ميڊيا تي انصاف جي لاءِ آواز اٿي رهيو آهي،
سنڌ اندر به سوشل ميڊيا جو درست استعمال ٿي رهيو آهي، گوسڙو استادن خلاف به مهم به سوشل ميڊيا تي شروع ٿي هئي، ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي ۾ آپگهات ڪندڙ شاگردياڻي  وارو معاملو به سوشل ميڊيا تي تڪراري بڻجي ويو هو. ان سان گڏوگڏ تانيا خاصخيلي  جي قتل تي به سوشل ميڊيا تي مهم هلي هئي، جنهن به سنڌ جو و ڏو وزير مجبور ٿي متاثر خاندان وٽ پهتو ۽ مجبور امڙ انهن جي پيرن ۾ ڪري پئي هئي، جڏهن پوليس جي ڪردار تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿي ته ان وقت چيو ويو هو ته سوشل ميڊيا جا مداري حد ۾ رهي پوسٽون شروع ڪن. بهرحال هن وقت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا کي هڪ هٿيار جيان استعمال ڪيو پيو وڃي، جن ملڪن ۾حڪومت طرفان ظلم ڪيو پيو وڃي، انهن کي وائکو به سوشل ميڊيا تي ڪيو پيو وڃي، ايتري قدر جو روهنگا جي مسلمانن جو معاملو به سوشل ميڊيا تي ئي اٿيو هو. ان کان علاوه سنڌ ۾ ماڻهن جي گمشدگين ۽ حق گهرندڙن کي کنڀي گم ڪرڻ واريون خبرون به سوشل ميڊيا تي ئي گردش ڪري رهيون آهن
، اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن هن ملڪ ۾ بلاگرز کي کنڀيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري انهن جي حمايت ڪندڙن جو آواز دٻايو ويندو آهي. اڄ ڪلهه هن ملڪ ۾ به سوشل ميڊيا تي قيد ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب نوان نوان  قانون ٺاهي سزائن جا اعلان ڪيا ويا آهن. جنهن سبب سوشل ميڊيا به اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جيان بي اثر ٿي  وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه هن ملڪ جيڪو رياست چاهيندي آهي، ڪهڙي خبر هلائڻي آهي ۽ ڪهڙي خبر نه هلائڻي آهي، ان جو فيصلو هاڻ پيمرا کي ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اخبارن يا وري چينلن جا لائسنس رد ڪيا ويندا آهن يا انهن تي پابندي لڳائي ويندي آهي، جيئن مشرف جي دور هڪ سنڌي چينل ۽ هڪ اردو چينل تي پابندي لڳائي وئي  هئي، اهو سلسلو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي.
هاڻ ته عوام جو آواز ۽ عوام جي حقن جي اصل ترجماني سوشل ميڊيا تي به ٿي رهي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کان پوءِ سوشل ميڊيا واحد پليٽ فارم آهي، جتي ماڻهو پنهنجي حق جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، جيئن ته اهو هن ملڪ ۾ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو هن ملڪ جي مقدس اداري خلاف ڪا پوسٽ يا ڪمنٽ ڪري ٿو ته هتان جا ادارا ان لاءِ رڻ ٻاري ڏين ٿا، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي ڏينهون ڏينهن پابنديون وڌنديون پيون وڃن ۽ هن ملڪ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. ايتري قدر جو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو هو ته ته مسلم ليگ ن جي حامي سوشل ميڊيا صارفين جي گمشدگي تي کيس ڳڻتي آهي. ۽ نوازشريف ته اهو به چيو هو ته ن ليگ جي موقف جي حمايت ڪندڙ سوشل ميڊيا صارفين کي هيسائڻ اظهار جي آزاديءَ تي حملو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف اڄ اهي دانهون ڪري رهيو آهي ته سوشل ميڊيا تي حامين کي به کنڀي گم ڪيو پيو وڃي پر جڏهن هو پاڻ وزيراعظم هو ته ان وقت اسلام آباد جهڙي شهر ڏينهن ڏينهن بلاگرز کي کنڀيو  ويو هو پر ان باوجود نوازشريف ڪي به قدم نه کنيا هئا، پر جڏهن اليڪشن دوران سندس ماڻهو گم ٿيا ته سندس دانهون لنڊن تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. بهرحال هن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو  سڀ ڪجهه سوشل ميڊيا ذريعي سڄي دنيا کي خبر پئجي رهي آهي، ڀلي  هتان جا وزير، مشير ۽  ٻيا ڪيترو به لڪائڻ چاهين پر دنيا ان کان مڪمل طور  واقف آهي. هن ملڪ ۾ ڪيترو امن آهي، معيشيت ڪيتري مضبوط آهي، اهو سڀني کي خبر آهي. هن ملڪ ۾ عوام غربت کان تنگ آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي، اهو به خبر آهي پر خبر نه آهي ته صرف ملڪ جي حڪمرانن کي  نه آهي، جيڪي ڏسندي به اڻڄاڻ آهن، بي روزگاري سبب هن  ملڪ  جا نوجوان در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر اسان جي حڪمران کي نظر اچي رهيا آهن ته  افغان مهاجر نظر اچي  رهيا آهن، اسان جي حڪمرانن کي نظر اچي رهيا آهن ته صرف روهنگيا جا مسلمان نظر اچي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪيئن هن ملڪ ۾ آباد ڪجي، انهن کي صرف اها ئي ڳڻتي آهي.  هنن حڪمران کي  هن ملڪ جي عوام جو ڪو به فڪر نه آهي،
مشرف افغان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ورچاڙهي ڇڏيو، اهو ئي سبب جو اڄ سنڌ ۾ درگاهن ۽ صوفي بزرگن تي ڌماڪا ٿي رهيا آهن. ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري انهن کي نوڪريون ڏئي، انهن کي گهر ڏئي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪيو ويو، جيڪو سلسلو اڄ به جاري ساري آهي. هن ملڪ جي حڪمرانن کي سنڌ ۾ ڌاريا ته منظور آهن پر ڌرتي جا اصل وارث منظور نه آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ  به ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاٿيو پيو وڃي، ڌرتي ڌڻين کي گهرن کان بي دخل ڪيو پيو وڃي، جن کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏنو، انهن ئي ڪراچي ۾ ڌرتي جي اصل وارثن کي گهرن مان تڙي ڪڍيو. اڄ به  گهرن کي ڊاهڻ وارا فوٽيجز سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن پر سنڌ سرڪار افغان مهاجرن جون وسنديون، بنگالين جون وسنديون، بهارين جون  وسنديون ڊاهن بنا ڪراچي ۾ سنڌين جون وسنديون ڊاهي رهي آهي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي، جيڪڏهن انهن خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿارجي ته ان کي به ڏوهي قرار ڏنو پيو وڃي.
بهرحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به سوشل ميڊيا جي حمايت ۾ ڳالهايو آهي، هن وقت اهو پهريون شخص آهي جيڪو چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا نه هجي ها ته  هو ڪڏهن به صدارت حاصل نه ڪري سگهي ها، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس اقتدار ۾ اچڻ ۾ سوشل ميڊيا جو تمام وڏو ڪردار آهي، جنهن جي استعمال کانسواءِ صدارتي چونڊ نه پئي کٽي سگهيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته اهو به چيو آهي ته هو پاڻ سوشل ميڊيا استعمال ڪندو آهي،  جتي پيغام لکڻ ايئن آهي جيئن ٽائپ رائيٽر تي لکڻ هوندو آهي، اڄ هر ڪو سوشل ميڊيا استعمال ڪندو آهي جنهن ذريعي پيغام سڌو سنئون سموري دنيا تائين پهچي ويندو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽  پرنٽ ميڊيا ته هاڻ قانون جو پابند بڻجي ويون ويون آهن ته  ڪهڙي خبر هلائڻ آهي يا ڪهڙي نه هلائڻي آهي.
دنيا ۾ سوشل ميڊيا کي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو بهترين هٿيار قرار ڏنو پيو وڃي پر اسان جي ملڪ ۾ وري سوشل ميڊيا تي مذهب جي آڙ ۾  پابندي لڳائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جيئن ماضي ۾ ٿينديون آهن. ڪجهه ماڻهو ته هن ملڪ ۾ سوشل ميڊيا کي خراب چئي رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جا ذهنن تي خراب اثر پون ٿا پر اصل حقيقت  ان جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته  هڪ تحقيق خبر پئي آهي ته سوشل ميڊيا جي روزاني استعمال سان ذهني صحت تي سٺا ثر پون ٿا.
يونيورسٽي آف ميلبورن جي شايع ٿيل تحقيق مطابق ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رکڻ ۾ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. اهي ماڻهو جن کي آمهون سامهون رابطن ۾ ڏيکائيون پيش اچن ٿيون. سوشل ميڊيا انهن جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جڏهن ته سوشل ميڊيا انهن ماڻهن لاءِ فائديمند نه هوندي آهي جيڪي پاڻ کي ٻين ماڻهن سان ڀيٽيندا آهن ۽ اها خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي به شايع ٿي چڪي آهي پر ان باوجود سوشل ميڊيا جا مخالفت ڪندڙ ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي به گهرجي ته ڏوهاري ڀلي ڪهڙي به اداري سان تعلق ڇو نه رکندڙ هجي يا  جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪري رهيو آهي ته انهن خلاف ڳالهائڻ جو سڀني کي حق ڏنو وڃي ته جيئن  اظهار جي آزادي تي ڪا به پابندي  نه لڳي سگهي ۽ سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ بدران انصاف جي گهرجن کي پوريو ڪيو وڃي ته جيئن ادارن تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ضرورت ئي نه پئي.

sahibalisindhi@gmail.com

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *