سوال گڏيل مخالف ڌر جي اثرائتي ڪردار جو آهي: نسيم بخاري

جيتوڻيڪ لڳي ائين رهيو آهي ته مخالف ڌر جا سمورا همراهه ۽ سياسي پارٽيون پاناما ليڪس واري معاملي تي حڪومت خلاف هڪ آواز ٿي گڏيل حڪمت عملي سان آڏو ايندا، پر اهو خواب ساڀيائن کان رٺل سپنو ئي ثابت ٿيندو. ڇوته مخالف ڌر جي هر پارٽيءَ جي سوچ ويچار جو پنهنجو انداز آهي، انهن ۾ سياسي انائن جو به وڏو مرض آهي ۽ اهي هڪٻئي کان برتر هئڻ واري بيماري ۾ به مبتلا آهن. ان ڪري هو ڪيتري به گڏيل حڪمت عملي واري هام هڻن، پر ان دڳ تي هنن جو هلڻ انتهائي ڏکيو ۽ ناممڪن لڳي رهيو آهي. حڪومت جا ته هنن جيڪي ڪوٽ ڪيرايا، سي ڪيرايا پر هنن جا هٿ خود هڪٻئي جي ڳچين ۾ پوڻ نه شروع ٿي وڃن.

مثال طور تي جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو اهو بيان ان ڏس ۾ ابتدائي فشري وارو ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاناما ليڪس تي احتجاج ڪندڙ يهودين جا ايجنٽ آهن. آف شور ڪمپنين تي احتجاج ڪندڙ ۽ ڌرڻا هڻندڙ پاڻ به آف شور ڪمپنين جا مالڪ آهن. مولانا اهو به چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته هن لنڊن جي ميئر جي چونڊ ۾ مسلمان جي مقابلي ۾ پنهنجي يهودي ساٿي جي حمايت ڇو ڪئي هئي؟

تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته هن گذريل پنجن سالن ۾ 27 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ ميان برادران 20 سيڪڙو به ٽيڪس ادا نه ڪيو آهي. ٻي ۽ اهم بنيادي ڳالهه اها آهي ته هن جي ڪمائي حلال جي آهي ۽ ميان برادران حرام ڪمايو آهي. جهانگير ترين پنهنجي اولاد جي به ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتن ۽ گهرن جي موجودگيءَ جو به اعتراف ڪري ٿو، پر هن جو چوڻ آهي ته سندس ضمير مطمئن آهي ۽ هن پنهنجي پورهئي سان ملڪ ۾ 70 ارب روپين جي سيڙپ ڪاري ڪئي آهي.

پاناما ليڪس چيمپرز جي انڪشافن کانپوءِ هاڻ اهي مطالبا به تيزيءَ سان آڏو اچي رهيا آهن، جنهن ۾ سوئس بئنڪن ۾ رقمون رکرائيندڙن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪندڙن تي اخلاقي طور تي پنهنجا پئسا ملڪ ۾ آڻي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو پيو وڃي.

حزب اختلاف سرڪار جا ٽي آر اوز رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ واضح لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن انهن جي آڌار تي چيف جسٽس ڪارروائي ڪندو ته اها کين قبول نه هوندي، ان ڪري سرڪار جي فرمائش تي نه پر حزب اختلاف جي ٽي آر اوز تي انڪوائري ڪميشن کي عمل ڪرڻو پوندو.

مٿين ڳالهه اڳيان باهه پويان پاڻي واري آهي، ڏسڻو اهو آهي ته ان آزمائشي گهڙين ۾ انڪوائري ڪميشن جو سربراهه ڪيئن ٿو پنهنجو پانڌ آجو رکي سگهي، اهو ان معاملي تي ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪري ٿو يا معذرت ڪري ڇڏي ٿو، اهو ايندڙ وقت کي طئي ڪرڻو آهي. اسان وٽ مخالف ڌر گذريل اٺن سالن کان رڳو نالي ماتر مخالف ڌر رهي آهي، ڇوته مخالف ڌر جو سڀ کان وڏو عنصر پيپلز پارٽي آهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي دؤر ۾ جيڪا ڪِرت جاري رکي اها به ان کي ياد آهي، ان ڪري اها طئي ٿيل فارمولي تحت نواز ليگ جو گهيراءُ نه ٿي ڪري سگهي، ها باقي داٻي ۽ دهمان لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ٻه ٽي ڀڀڪيون هنيون ته خير آهي.

ڪشمير ۾ ميان نواز شريف تي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪيل ڪاوڙ ۽ ڪڍيل باهه واري ڀڙڪي کانپوءِ هاڻ سائين قائم علي شاهه، سائين خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره ۽ جيالن جي وڏي پلٽون بلاول جي تاعيد ۽ حق ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي مسلم ليگ (ن) ذهني طور نابالغ ۽ ٻار سمجهي ٿي ۽ جنهن جي بيان تي ڪو تبصرو ڪرڻ به مناسب نه ٿي سمجهي. مسلم ليگ (ن) جو چوڻ آهي ته ٻارن سان ليکا نه ڪبا آهن، ها باقي جيڪڏهن بلاول جي پيءُ ڪو بيان ڏنو ته ان تي ردعمل ظاهر ڪبو ۽ ڀرپور تبصرو ڪبو.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري في الحال چپ جو روزو رکيو ويٺو آهي، بلاول ڀٽو جي ڀڀڪي ۽ آصف علي زرداري جي خاموشي مسلم ليگ (ن) سان ڪنهن اندروني بارگيننگ وارو تاثر پيدا ڪري رهي آهي،  ان حوالي سان جيڪڏهن ڪا ڪامياب اڳڀرائي آڏو آڻي ته آصف علي زرداري اينڊ ڪمپني جمهوريت کي بچائڻ لاءِ ميان برادران جي به اڳين صف ۾ هوندي. تحريڪ انصاف سان پيپلز پارٽي جو مزاج ملي ئي نه ٿو، اهي وقتي طور تي جيڪڏهن گڏجي ويٺا به ته بعد ۾ وڙهندا، ڇوته تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ڪرپشن فري سوسائٽي جي هام هڻي ٿو، اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته هو ان معاملي تي پيپلز پارٽيءَ سان ڪا مفاهمت ڪندو.

اها ڳالهه پيپلز پارٽي به سمجهي ٿي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف کي ڪو چانس مليو ته اها موقعو ملندي جيالن جي به جهڙتي وٺڻ شروع ڪندي، ان ڪري تحريڪ انصاف مان پ پ کي ڪنهن تحفظ ملڻ جي ڪا پڪ ناهي. پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۽ ڪڌن ڪرتوتن تي تحريڪ انصاف جيڪڏهن مصلحتي طور تي ڪک رکيا ته خود ان معاملي تي ميان نواز شريف جي مسلم ليگ (ن) ٻڙڌڪ مچائيندي، ان ڪري اهو نه ٿو لڳي ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف حزب اختلاف جي مورچي تان گهڻو وقت گڏجي جٽاءُ ڪري سگهنديون.

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي گذريل اٺن سالن جي تجربي ٻنهي پارٽين کي هڪٻئي کان نه رڳو چڱي نموني عاشته ڪيو آهي، پر هنن کي پنهنجي عين ثوابن جي به پروڙ پئجي وئي آهي، ان ڪري ڪنهن ٻئي تجربي ڪرڻ جي معاملي ۾ ٻئي پارٽيون سؤ ڀيرا سوچينديون، تنهن ڪري توقع اها پئي ڪئي وڃي ته هڪٻئي مان جان ڇڏائڻ جي چڪر وارو تاثر ڏيڻ باوجود اهي ٻئي هڪٻئي جي مجبوري ۽ ضرورت ثابت ٿينديون اينديون.

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ٻنهي جو حڪمرانيءَ وارو رڪارڊ ڪو ساراهه جوڳو نه رهيو آهي، انهن ٻنهي مان ڪنهن جي به حڪومت ۾ کير جون نديون نه وهيون آهن، نه مهانگائي کي مات آئي آهي نه وري بيروزگاريءَ جو باب بند ٿيو آهي، نه ڪا خوشحالي ٿي آهي، نه ئي ملڪ ڪا ترقي ڪئي آهي. هتي اڄ به صحت جون سهولتون اڻلڀ، بجلي غائب، گئس گم ۽ تعليم تباهه لڳي پئي آهي. سفري سهولتون ناهن، روڊ رستا ٽٽل ڦٽل آهن، ڪي به سماجي ڀلائي وارا ادارا سماج جي لاءِ آڪسيجن ثابت نه ٿا ٿين، عوام جو ڪو تحفظ ناهي، خلق لٽي، اجهي ۽ اٽي کان محروم آهي، ٻنهي پارٽين ٽي ٽي ڀيرا اقتداري منصب ماڻيا آهن، پر پوءِ به اڄ 20 سال اڳ واري ئي اوندهه آهي، اڃا هنن کي وقت کپي، اڃا هو مهلت گهرن پيا، انهن ٻنهي پارٽين مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي، ان ڪري اهو طئي آهي ته انهن ٻنهي مان ڪابه سياسي ڌُر ڪنهن کي به گڏ کڻي هلي ته اها به سواليه نشان بڻجي ويندي.

ملڪ ۾ پردي پويان معاملا ٺاهيندڙ ۽ بگاڙيندڙ نهايت سنجيدگيءَ سان ان خيال تي ويچاري رهيا آهن ته ڪا اهڙي ڌر اڳيان آڻجي، جيڪا عوام لاءِ به قابل قبول هجي ۽ هنن جي به هٿ وس هجي. ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف جو نالو زور شور سان کڄي رهيو آهي. تحريڪ انصاف پاڻ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ خلق جي ويساهه کڻڻ جي ڏس ۾ وسان نه گهٽائي رهي آهي.

لاهور ۾ ٿيل تاريخي جلسي ان جو حوصلو وڌايو آهي، عمران خان ايندڙ آچر تي فيصل آباد ۾ پڙاءُ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاناما ليڪس واري معاملي تي الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هو نواز شريف کي گهر نه پر جيل موڪلڻ جا ارادا رکي ٿو، ڏسڻو اهو آهي ته الزام ثابت به ٿين ٿا يا نه! الزام جي ثابتي لاءِ انڪوائري ڪميشن ڪهڙا جوهر ٿي ڏيکاري ۽ اها مخالف ڌر جو ڪيترو اعتماد ٿي حاصل ڪري، اهو سوال پڻ تمام وڏي اهميت وارو آهي، اسان وٽ انڪوائري ڪميشنون پنهنجي جاچ جي حوالي سان ”ڪنٽرولڊ“ ڏٺيون ويون آهن، ان جا دائرا محدود هوندا آهن، انهن وٽ وسيلن جو ڏڪر هوندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه ته هنن وٽ وقت جي تنگي به هوندي آهي. سال گذري ويندا آهن، پر فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي ڪابه لاڀ حاصل ڪري نه سگهندي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ماضي جي اهڙن تلخ تجربن سبب پاڪستان بابت جڳ جهان ۾ اهو تاثر ڏاڍي تيزيءَ سان مضبوط ٿيندي ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به معاملي کي دٻائڻ جو آسان طريقو جاچ ڪرائڻ جو اعلان آهي، نه جاچ ٿيندي نه ئي ڪنهن کي سزا ملندي، خلق به خوش ته سياستدان ۽ حڪمران به صحافين جا سوال به بند.

جنهن کانپوءِ جڏهن پڇندو ته ٺهه پهه اهو هڪ ئي جواب ڏيندو ته هو ڳالهائي ته سگهي ٿو، پر ان ڪري نه ٿو ڳالهائي ته جاچ هلندڙ آهي ۽ ڪٿي هن جي گفتگو سان هن جاچ متاثر ٿيڻ جو ڪو جواز نه پيدا ٿي پوي.

اسان وٽ ايف آءِ اي، نيب، ايف بي آر ۽ ٻيا ادارا ايترا آزاد ۽ خودمختيار ناهن جو حڪمرانن کي پگهر ڏياري ڇڏين، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڳ ۾ ادارن کي اهليت جي آڌار تي مضبوط بڻائجي، کين ڀرپور اختيار ۽ سهولتون ڏجن، انهن ۾ ناجائز سياسي مداخلتن جا در بند ڪجن، تڏهن ئي وڃي اهو ڪو ٻوٽو ٻاري سگهندا. ادارا ان ڪري مضبوط ۽ شفاف نه آهن، ڇوته حڪمرانن کي پنهنجو بچاءُ ڳولڻو هوندو آهي ۽ ادارن کي پنهنجو غلام بڻائڻو پوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *