سنڌ ۾ ٿينڌڙ قبائلي جھيڙا انھن جو ڪارڻ ۽ ان جا نقصان سنڌي قوم ڪيئن ٿي ڀڳتي؟؟: احسان علي جوڻيجو

سنڌ جيڪا صدين کان صوفين جي سرزمين رهي آهي ، سنڌ جيڪا صدين کان امن ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏيندي رهي آهي ، ان ڌرتي تي ٿينڌڙ هي قبائلي جھڙا انتھائي شرم جھڙي ڳالھ آھي ۔ هر روز سنڌي توڙي اردو اخبارن جي زينت بڻيل سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪجھ اھڙا هن طرح جا واقعا ڪنڌ جھڪائي ڇڏين ٿا جيڪي واقعا اسان جا صوفي ۽ امن پرستي واري قوم مٿان هڪ سواليه نشان بڻجن ٿا ؟ ۽ اهي اهڙا واقعه موقعي پرست ۽ هٿ ٺوڪئي قانون جا پھلودار ئي ڪرائن ٿا ۔

اهڙا واقعه ن رڳو سنڌ جي امن کي ستياناس ڪن ٿا پر انهن جو اثر اسان جي اينڌڙ نسل تي هاڃيڪار ٿي ثابت ٿيو آهي ۽ ٿيندو پيو اچي ۔۽ کنوڻ جيان انهن واقعن جو اثر اينڌڙ نسل مٿان ڪڙڪي ڪري پوي ٿو ۽ پو۽ نسل ب نسل قبائلي جھيڙي ۾ مارجي ويلن جا پوئنير ب پلاند جي آڙ ۾ اهڙو ڪڌو عمل ڪن ٿا ۔ ڪافي وقت قبائلي جھيڙن جي ٺاپر اهو يقين پئي ڏيارو تت هاڻي اسان وري ساڳئي صوفي ۽ امن واري راھ اختيار  ڪئي آهي ۽ جھالت جي جنڌ آخر ڇڏي ڏني آهي ۽ اسان جو شعور وري اجاگر ٿيو آهي ۽ اسان جو لاڙو وري مھمان نواز ،امن ،صوفي ازم ، پيار محبت واري سنڌ واري ڪلچر ڏانھن ٿيو آهي ، پر گذريل ڪجھ ڏينهن اندر ٿينڌڙ هي افسوس ناڪ ۽ خوني واقعن اندر کي لوڏي ڇڏيو جئ کي جهوري وڌو ۽ ڪجھ ڏينھن اندر ٿينڌڙ خوني جھيڙن ۾ قتل ٿينڌڙ 30 کان مٿي پورهيت مند هاري مزدور سندهي جي داستان ٻڌي مون ت ڄڻ ٰ ٰ ٰ ٰ

شام فلسطين ۽ ڪشمير جو جھيڙو محسوس ڪيو ڇو جو اتان جو واقعوب ڪجھ ايئن ئي آهي ظالم جي هٿان مظلوم جو ڀري بازار م قتل ۽ لاشن جو ان جاء تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ هجڻ زخمين جو بيدردي سان تڙپڻ هوائن ۾ گولين جو گونجار ٿي گجڻ خزا جي هوائن ۾ خوشبوء بجاء بارود جي بوء اچڻ ء عالمي ادارا حڪومتي رٿون وزير مشيرن جو چپ هجڻ ٰ ٰ ٰ

شڪارپور جو واقعوب ڪجھ ان واقعن جي عڪاسي ڪري ٿو جتي شڪارپور ۾ ٿيندڙ خوني ويڙھ 14 حياتون کسي ورتيون 14 گھر ب اجاڙي ۽ ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا ۽ تعليم ۽ علم کان پاسيري رهنڌڙ شخصن جھالت جي انتھا پڻ ڪري ڇڏي ۔ ميدان ايئن پئي لڳو ڄڻ ت ڪا جنگ هجي ۽۽ اتي انسانن جو ن پر ڄڻ ت ڪو جھنگل م جانورن جو شڪار پئي لڳو جھڙي طريقي سان ماڻھو ماريا ۽ مريا پيا وڃن ۔ هن واقعن کي جنم ڏيندڙ وحشي صفت انسان کان شرم حيا بلڪل کسجي چڪو آهي جو 10 ماڻھو پنھنجي گھر جا مارائي 10 ماڻھو هن گھر جا مارائي ۽ پاڻ کي مڙس ماڻھو سڏرائيندا آهن پر ٻڏي  ب ڪو ن   ٿا مرن ۽۽ وري هر شي هٿان وڃائي پو۽ ڳالھين جي ميز تي اچن ۔جڏهن هر ڳالھ جھيڙي جو حل ڳالھيون آهن ت پوء ب هن خوني راند جو کيڏڻ هڪ جھالت جي عڪاسي ڪري ٿو ت علم سان گڏ شعور جي پڻ هت کوٽ آهي ۔

ٰ ٰ جديد اسلحه سان گڏ خوفناڪ قن ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ، علائقو ميدان جنگ هجڻ ،پوليس ،رينجرز جو ان جاء تي ن پھچڻ ۽ بعد پھچڻ فائرنگ جو شديد قسم جو آواز ٻڌي جاء وقوعا ت کسڪي نڪرڻ ، حڪومتي توڙي پوليس اداري پاران  ميڍيا کي ان واقعي کان مڪمل لاعلم رکڻ ۽ موبائل فون بند ڪرڻ ، انساني جانين جو ضايع ٿيڻ ٻ بيدردي جي انتھا سان گڏ زخمين جو تڙپڻ ، عورتن ۽ ٻارڙن جا ڪيھاٽ ريھون هجڻ ٰٰ  ٰ

ھي ڪو فلسطين شام يا ڪشمير جڳ واقعو ن هيو ها شڪارپور ۾۾ ٿينڌڙ هڪ خوني لھر جو واقعي جا منظر هيا جنھن هڪ پل جي لھر م ڪيتريون ئي جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون ۔ پر هن ايڏي وڏي سانحي هڪ المئي هڪ درد ناڪ واقعي جو ن ت ڪنھن حڪومتي وزير افسوس جو اظھار ڪيو ن ئي وري چونڍيل نمائندن جو ڪو ضمير جاڳيو  ۔ ٰ ٰ ٰ  ڇو جو مريا ب غريب ت ماريا ب غريب ٰ ٰ ٰ ٰ ٰ ٰ  جھالت هٿا پورهيت ۽ غريب انسان جو قتل ٿيو ٰ ٰ ٰ  ن ڪي مشير جو پٽ مئو ن ڪنھن وزير جو ڀاء مئو جو ڪو تڪڙو ايڪشن ٿئي پوليس پھچي هنگامو ٿئي يا ميڍيا ۾ ٿرٿلو مچي ۔ اهي ويچارا مئاب سادا سوده سنڌي جيڪي خوش مرڪي ڪري نھارڻ تي سڀ رنجشون ختم ڪري هڪ ٿي وڃن ۽ جن هنن اٺن چارڻ ۽۽ ٽڪي جي حيثيت رکنڌڙن کي چونڍي ايوانن تائين پھچايو ۽ آخر ن هي فيض پاتو ت جن لا۽ ٺينگ ٽپا نچي ڪڏي اڳتي آيا جن لا۽ مئا سي ڪلھي ڪانڌي ب ن ٿيا ۔

هن واقعن جو گھڻي قدر ٻھراڙين ڪچي واري ۽ دور دراز ڳوٺن ۾ ٿيڻ جو هڪ سب  هي ڀ آهي ت بک بد حالي ذهني ڍپٽريشن تعليمي نظام ن هجڻ جھالت جو ڀرمار هجڻ ۽ مثصبت سوچ جو ن هجڻ ب آهي  پر اهڙي ماحول اهڙي معاشري کي جنم ڏيندڙ وڏيرا شاهي ۽ سرداري  نظام آهي جيڪو صدين کان سنڌ ۾ سنڌي  قوم کي پنھنجي غير اخلاقي ۽ غير انساني قانون ھيٺ غلام بڻايون ويٺو آهي ۔ شڪارپور جي طرح خانپور وارو واقعو ب درد ناڪ هيو جنھن لپيٽ ۾ 15 انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون ۽ اتي پڻ شڪارپور سانحي واري صورتحال رهي حالتون جنگ جو ميدان هوا م شولا خوف ۽ هراس پکيڙيل ۔ وڏيون دعويدار ۽ ٽريننگ يا آفتۡه پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز اهلڪارن  جو کسڪي ڀڄي نڪرڻ لاشن جو ڪرڻ زخمين جو تڙپڻ معمول رهيو پر اهو سڄو واقعو قانون لاڳو ڪنڌڙن جي ڪردار تي سواليه نشان رهيو ڇو جو هو اتي ڪافي دور فاصلي تي موجود هجي ڪري لڪاء ڏسندا رهيا پنھنجي جان بچائي غريب جانيون  ضايع ٿيندي ڏسندا رهيا ۽ عوام جي ٽيڪسن تي پلجنڌڙ هي اهلڪار ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بيھي اڳتي وڃڻ يا ن وڃڻ جو سوچيندا رهيا پر بارود جي پکيڙيل باھ ھوڏانھن انساني جانيون ضايع ڪري ڇڏيون هي عوامي رکوالا منظر تان غائب نظر آيا ۔ جديد اسلحو ،  قانوني اجازت هر معاونت هجڻ باوجود ب اهلڪارن جو اڳتي ن وڌڻ ۽ خاموش رهڻ   هڪ سواليه  نشان آهي ؟

سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ بچت هن اهلڪارن جي خاطي ۾ وڃي ٿي اڌ کان بچت هي واڳون ڳڙڪائي وڃن ٿا ۽  بار ويچارن بگن تي پورهيو ڪري سڄو ڏينھن لوڙي ڪمائينڌڙ عوام ٽئڪسن جا ٻوجھ کڻي ۽ هي نمونا هي اهلڪار وي وي آء پيز ، حڪومتي شخصيتن وزيرن ۽ مشيرن جي ٽنڍ والي ۽ سڪيورٽي ۾ چويھ ڪلاڪ رڌل نظر ايندا  هتي هي ب سوال پيدا ٿئي ٿو ت  عوام جي ٽئڪسن تي پگھارون وصول ڪنڌڙ هي ڍبل پوش اهلڪار عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو آهن ؟؟

هلندڙ……

جتي هن قبائلي جھيڙن ڳوٺن جا ڳوٺ ختم ڪيا ڪيترائي گھر اجاڙيا ۽ ويڙها ويران ڪيا اتي هن جي مڪمل معاونت مقامي سردار جاگيردار ۽ وڏيرا ڪندا رهيا جيڪي پنھنجي مفادن خاطر ٻن ڌرين کي وڙهائي پنھنجا مقانظام جو خاتمو آڻيندي يا تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندي ۔ بجاۡء ڪنھن وڏيرن سردارن ۽ جاگيرداردن يا اٿاريدارن خلاف ڪو ايڪشن کڻڻ بجاء وفاقي توڙي صوبائي  حڪومت سنڌ جي ڳوٺن ۾ داڙيلن جي وجھ ڄاڻائي ڳوٺن کي باهيون ڏيئي گھرن جاگھر ساڙائي مظلوم بي ڏوھ ماڻھن کي در بدر ۽۽ بي گھر ڪري مزاۡحمت ڪنڌڙن غريب پورهيت مندن کي سر عام ماري پوء آپريشن جي وجھ ڌاڙيلن جي موجودگي ڄاڻائي هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهي انھن مارجي ويلن کي ڏهن ڏهن ڪيسن ۾ گھربل ڄاڻائي پوء مقابلي جون دعوائون ڪن ٿا ۽ ڪيس جو فائل بنا ڪنھن اصل حقيقت جي لکڻ بجاء هٿ ٺوڪي رپورٽ ٺاهي بند ڪري ڇڏين ٿا ۽ انھن ڳوٺن مان نامعلوم هٿ ٺوڪيل هٿيارن جا ڪيس ظاهر ڪري وري ڪنھن نئين آپريشن جون تيارون ڪري وستي واھڻن ۾ رهنڌڙ اٻوجھ ماڻھن کي هيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪن ٿا ۽ آپريشن جي آڙ ۾ اصل جوبدارن کي قانون جي گرفت م آڻڻ بجاء ٻيلن کي باھيون ڏيئي گھر جلائي ميڍيا ٽاڪ بڻائن ٿا ۔ پر سوال هت اهو ب پيدا ٿو ٿئي  ت جيڪا قوم جيڪي غريب پورهيت ماڻھو پنھنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاء ڪشالا ڪري دور دور پيٽ گذرڻ ڪرڻ لاء مسافري جي زندگي گذاري 300 ڏھاڙي ڪمائن ٿا ۽ پنھنجو پيٽ ب ڏکن سان پالن ٿا ڪڏهن بک ڪڏهن ڍو ۔ جيڪو ماڻھو پنھنجي ٻچن کي اسڪول ۾ غربت سبب داخلا ن وٺي ڏئي ۽ ان جا ٻار پيرين اگھاڙي بدن تي ليڙون ليڙون ڪپڙا هجن اندر منجھ مئل خواهشون کڻي گھمن اهي ايڏا وڏا ڳرا جديد هٿيار ڪيئن ٿا وٺي سگھن ڪاڏانھن ٿا آڻي سگھن ؟

سنڌ جو عوام امير هوندي  ب غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي هن باشعور پڙهيل لکيل اڄ ڪلھ نوجوان هوٽلن چوراهن يا وري وڏيري جي اوطاق تي بيٺل نظر ايندو ڇوجو جيسيتائين هو ان در جون غلاميون ن ڏين تيسيتائين نوڪري جو آسرو ئي ن حڪومتي ارڪان اهي نوڪريون بجاء ڪنھن ميرٽ تي عام ماڻھو کي ڏيڻ بجاء وڏيري جي در تي اڇلائن جتان نوجوان نسل منٿون ڪري حاصل ڪري ۽ وڏيري جي حڪم تي سڄي زندگي پيو هلي ۔

سنڌي قوم کي پ پ پ غلامي بک بدحالي واري ۽۽ خودڪشي کانسواء ٻيو ڪو ڪجھ ب ناھي ڏنو ۔ هن قوم جي صدين کان سڃاڻپ  پڙهيل لکيل سڌريل امن پسند قوم کي رهي آهي ان قوم ان عوام کي هنن هٿن ۾مجبوري واري حالت ۾ هٿيار کڻائي سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪري ۽ تخت ۽ بخت جا مالڪ بڻجي عوام کي جھالت طرف ڌڪيلي انھن جي اصل سڃاڻپ کسي ورتي آهي ۔ هي اڄ جا ٻار جيڪي سڀاڻي جا سورما بڻجن ٿا انھن جي هٿن ۾ قلم بجاء بارود جھالت جي پڪي ۽ غلامي واري زندگي جي پڪي عڪاسي ڪري ٿو  ۔

اسين هن واقعن کان علم هوندي ب لاعلم لڳا ويٺا آهيون ۽ اسان جي ذهن ۾ اهي لفظ ڄميل آهن ت ٰ ٰ ٰ  منھنجو ڇا وڃي ٰ ٰ ٰ۔ اسين اهڙو ماحول پيدا ڪنڌڙن جي سڃاڻپ رکندي ب لاچار ۽ بيوس بڻيل آهيو ڇو جو اسان م اتحاد ۽ ايڪو ناهي جنھنجي ڪري اسين هن وقت هر ڳالھ ۾ پوئتي ٿا نظر اچون ۽ اسين اڃا ان جھدوجھد جو حصو ن بڻجي سگھيا آهيون جيڪا وقٿ جي ضرورت بڻجي آئي آهي ۔ ٻيو ت عوام جو ب ارواح ڪافي حد تائين سياسي جماعتن تان کڄي ويو آ هي هن وقت هڪ اتحاد جي ضرورت آهي جيڪو پڙهيل لکيل نوجوان قيادت جي شڪل ۾ هجي ۔

اچو ت پاڻ سڀ گڏجي هن اڄوڪي وڏيراشاهي سرداري ۽ غلامي واري نظام کان کلي بغاوت جو اعلان ڪري سماج کي سڌاري طرف آڻيون ۽ اهڙن عناصرن خلاف ڪڙڪي پئون ۔ اچو تت ان نظام خلاف متحد ٿيون جنھن نظام اسان کي سڃاڻپ کسي جھالت ۽ غلامي واري زندگي گذارڻ تي هن عوام کي مجبور ڪيو ۔ جنھن نظام بھار جي موسم بارود جي بوء چکائي ۔ جنھن نظام قلم ڪتاب کڻڻ واري عمر م هٿيارن کڻڻ سيکاريو ۔ جنھن نظام اسان جي شعور امن ۽ خوشين جو قتل ڪيو ۔ جنھن نظام اسان جي نسلن جا نسل پنھنجي رسمن جي ور چاڙهيا ۔ اچو ت گڏجي سنڌ ڌرتي کي اهڙن سازشن ۽ سازشون ڪنڌڙن کان پاڪ بڻايون ۽ سنڌ جي ڌرتي کي امن جي ڌرتي واري پھچان واپس ورائي مھمان نوازي امن صوفي ازم ۽ محبت واري ڌرتي واري پھچان واپس ورائي پراڻي ريت وري قائم ڪيون ۔ اچو ت گڏجي علم جي دشمنن خلاف هڪ آواز بڻجي اسڪولن اندر علم جا ڏيئا روشن ڪري جھالت جو انت آڻيون ۽ مستقبل سنواريون ۔ اڄ سنڌ کي اهڙن عناصرن اهڙن واقعن کان بچائڻ لاء هڪ اتحاد جي ضرورت آهي ۽ اهي اوهان گڏجي ٺاهي سگھو ٿا جيڪو وقت جي ضرورت آهي يا ت گڏجي اتحاد ٺاهيو يا سنڌ لاء جاکوڙيندڙ نوجوان  ۽ قومپرست قيادت  سان ملي ڪري جھدوجھد م شامل ٿيو وقت جي اذيتن کان ن ڊڄو وقت جون مشڪلاتون اذيتون اوهان کي سڀاڻي جو روشن مستقبل ڏيئي سگھن ٿيون ۔

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *