سنڌ ۾ ٿيل ترقي ڪٿي آهي…؟: تنيو سڪندر

سنڌ جي حاڪم جوبيان اخبار ۾ پڙهيم، جنهن ۾ فرمايل هو، ته جنهن کي سنڌ ۾ ترقي نظر نه ٿي اچي سو اکين جو وڃي آپريشن ڪرائي، مون کي به ترقي نظر ۾ نه پئي ڏسڻ ۾ اچي سو سائينءَ جي ڏنل صلاح موجب ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتال آل ابراهيم ميمڻ ڳوٺ ڪراچي وڃي آپريشن ڪرايم ته خبر پئي ته ترقي ڪيئن ٿي آهي ۽ ڪيتري ٿي آهي.

آکين جي آپريشن کانپوءِ ديد گهڻي چٽي ٿي، پر پوءِ به ترقي ڏسڻ ۾ نه آيم، سمورا شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، لاڙڪاڻي جهڙي شهر جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو مقدس ترين شهر چيو ويندو آهي ان جو هڪ روڊ به قابل تعريف نه آهي جو ٻين صوبن کي ٻڌائي سگهجي ته V.I.P روڊ ته اچي ڏسي وڃو. ان وي آءِ پي روڊ تي به کڏون کوٻا کوٽيل آهن، باقراڻي روڊ کي تعمير ٿئي ٻه سال به مس ٿيا آهن، پر سمورو روڊ اکڙي چڪو آهي، انگريز جي نالي واري جائلس بازار ۽ مسٽر سئيو نالي واري بازار پڻ ٽٽل ڏسڻ ۾ آئي. سڄي مارڪيٽ ڪلهوڙن جي دور ۾ گهاڙ واهه کوٽايل ڀرسان قافلن جي ترسڻ جي جاءِ کي قافلا سراءِ سڏيو وڃبو هيو. ان سراءِ جي گهٽين کي سوڙهو ڪري ڇڏيو ويو آهي جو هاڻي جيڪڏهن ماڻهو مري ٿو ته لاش کٽ تي به کڻي ٻاهر نٿو ڪڍي سگهجي ۽ ڏوليءَ ۾ لڙڪائي ميت کي مقام ڏي موڪلجي ٿو.

اهڙي طرح گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو سالن کان صهي نه ٿي سگهيو آهي، مينهن پوڻ جي ته ڳالهه ئي نه ٿي ڪجي، پر روزانو جيڪو پاڻي نيڪال ٿئي ٿو سو به نڪري نه ٿو سگهي. گهر جي اڱڻن ۾ ڪني پاڻيءَ ۾ پير پُسيل پيا آهن، اهڙي صورتحال هر هڪ ننڍي وڏي شهر جي ئي آهي. سوچيان ٿو اجايو آپريشن ڪرائي آيم، فرق ته ڏسڻ ۾ ڪوبه نه آيو. ان ڪري منهنجي سنڌين کي صلاح آهي ته بابا متان اوهان به وڃي آپريشن ڪرايو پر ڏسڻ ۾ اهو ئي ايندو جيڪو انهن اکين سان اڄ ڏسي رهيا آهيو.

ٻي خبر به پڙهيم ته نوڪرين تي بندش سپريم ڪورٽ وڌي آهي، جيڪا جلدي لهڻ واري آهي ۽ پوءِ نوڪريون پارٽيءَ جي جيالن ڪارڪنن کي ڏنيون وينديون. ان جو مطلب ته ڇا جي ميرٽ، ڇا جو غير پارٽي جو هجڻ، ناني پئي ٿي رڌي ۽ ڏهٽن ۾ پئي ورهائي.

خدارا حاڪمئو اکيون اوهان کوليو، بي روزگاري سڀني سنڌين جي گهرن ۾ڪاهي پيل آهي. اوهان صرف پنهنجا ڪارڪن پنهنجي وزيرن۽ ميمرن جيان آسودا ڪندا ته پوءِ باقي ڪروڙن ۾ اسان جهڙي خلق ڪيڏانهن ويندي. اوهان جي صرف هڪ وزير صاحب تي الزام لڳا آهن ته هن پير صاحب تيرنهن هزار نوڪريون کپايون آهن، ڀٽي صاحب غير سنڌين کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ”سنڌي لينگويج ٽيچر“ S.L.T ڀرتي ڪيا هئا. جيڪا پاليسي اڄ به جاري آهي پر ڪوبه غير سنڌي، سنڌي پڙهايو لکايو نه ويو آهي. پر هن ڀوتار اهي نوڪريون به سنڌي پڙهائيندڙ ماستر کي ڏيڻ بجاءِ بنگالي، برمي، گلگتين کي ڏئي ڇڏيون، جن کي سنڌي پڙهڻ لکڻ ته پري رهيو پر کين ڳالهائڻ به ڪونه پيو اچي، سو سنڌين جي ترقي اهڙي طرح ٿيندي رهندي ته پوءِ واهه واهه ڇونه ڪبي.

وري ٿورو مٿي ٿا هلئون، مرڪز مهربان وارن ڏانهن، جن، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر چواڻي ته صرف پنهنجا مرڪز مضبوط پئي ڪرايا آهن، ڪنهن به مرڪزي کاتي کي ڏسو ايئر فورس، ڪسٽم، پي آءِ اي، نيب، فارين سروسز، ايف آءِ اي، سفارتڪاري، رانديون، ڪيترا نالا کڻجن سڀني ۾ سنڌين سان ساڙ ۽ حسد روا رکيو ويو آهي. وري چيو ٿو وڃي ته سنڌين ۾ قابليت ڪين آهي. بابا مڃيوسين ته اسين ڪورا ڄٽ آهيون پر اسان کي علم ۽ عقل ڏيڻ به ته اوهان جي ذميوارين ۾به ته آهي. هن ملڪ جا اسين به شهري آهيون، اسان کي ٽيڪنيڪل تعليم ڏيڻ اوهان جي مٿان فرض آهي، اسان کي جهاز هلائڻ سيکاريو، اسان کي ريلون، آڳبوٽ هلائڻ لاءِ ادارن ۾ موڪليو، جڏهن تربيت ڏيندئو ته سکنداسين، گهر ويٺي ته پوءِ جاهل، چور نه بڻباسين ته ڇا ڪنداسين.!

مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته چائنا ۾ ٻارڙن کي پرائمري تعليم پڙهائي ويندي آهي، پر کين هنري سکيا به ڏني ويندي آهي، رانديڪا، موبائل سيٽ ڳنڍڻ جوڙڻ، ٽاڪا هڻڻ کين سيکاريا ٿا وڃن ته جيئن اڳتي هلي هي اليڪٽرانڪ شيون ٺاهي سگهن، اهڙي طرح هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي تربيت ڏين ٿا. پر هتي صرف اسان جو وڏو ڀاءُ ئي هر ڪم کي سنڀالڻ وارو سمجهيو ويو آهي. سمورا بار هو ئي کڻي رهيو آهي. اسان کيس چئون ٿا ته ادا وڏا، ڪجهه ڪم اسان جي حوالي به ڪر ته ڪاوڙجي ٿو پوي ته اوهان نڪما آهيو، اوهان هنن شين کي هٿ ئي نه لايو.

ڪالهه خبر پڙهيم ته هڪ سنڌي نوجوان موبائل بيٽريءَ کي منٽن ۾ چارج ڪرڻ وارو چارجر تيار ڪيو آهي، ٿيڻ ته هيئن گهربو هيو جو ان کي پنهنجي ملڪ ۾ سهولتون ڏجن ها ته هو ان کي عام ڪري ها، پر ننڍي ڀاءُ هئڻ ڪري وڏي ڀاءُ هتي ويهڻ ئي نه ڏنس۽ هڪ ٻاهرئين ملڪ کيس آفر ڪيو ته هيڏانهن هليو اچ، تنهنجو قدر اسان وٽ آهي ۽ هو هاڻي ٻاهر هليو ويو آهي.

سو هتي نه گهٽ گهوٽ ۾ آهي نه ئي ڪمي ڪنوار ۾ آهي جهڙي پني تهڙي ڇالي آهي نه سنڌ جي سرڪار نه ئي مرڪز واري وڏي سرڪار سنڌين جي ڏکن تي ڪو پهو رکڻ لاءِ تيار آهي. ڏسئون ته سڀ ڪجهه ٿا، اجايو اسان کي اکين جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ چيو ٿو وڃي.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *