سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جو معيار؛ شيرين بلوچ

???????????????????????????????معاشري جي ترقي قومن توڙي ملڪن جي ترقي جو راز تعليم ئي آهي، جتي تعليم ناهي هوندي اتي جهالت جنم وٺندي آهي، ۽ جتي تعليم هوندي آهي اتي انساني شعور برابري، ترقي ٿيندي آهي ۽ اهي ئي ملڪ ۽ قومون ترقي ڪري سگهنديون آهن جن وٽ تعليم جو اعليٰ معيار هوندو آهي. سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم تي سرڪار جو گهٽ ڌيان هجڻ جي ڪري هزارين اسڪول بند پيل آهن. تعليم انسان جي ٽئين اک آهي، سنڌ ۾ انسان جي انهيءَ ٽئين اک کي ڄڻ ته ڪڍڻ جي سازش اڃا تائين جاري آهي. هونءَ ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو انگ وڌڻ سبب هاڻ ڪجهه نه ڪجهه تعليم ۾ بهتري اچي وئي آهي، پر خاص طور تي ٻهراڙين ۾ سرڪار پاران اهڙيون ڪي خاص سهولتون نه هجڻ سبب نياڻيون تعليم واري زيور کان رهجيو وڃن ٿيون. تعليم نه هجڻ سبب سنڌ جي عورت مردن جي معاشري ۾ ڄڻ ته پوئتي رهيل آهي. ان ڪري ضروري آهي ته هن جديد سائنسي دور ۾ مردن جيان نياڻيون به جديد تعليم حاصل ڪري معاشري جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. سنڌ جي نياڻي کي جاگيرداراڻو سماج ترقي پذير دور کان پري رکڻ جي سازش ۾ اڃا تائين رڌل آهي. اسيمبلين اندر قانونسازي هجڻ باوجود نياڻين جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي جو ڪو به داد فرياد نه ٿو ٿئي. سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا اهو ڪم نه ٿا ڪن جيڪو سندن کي ڪرڻ گهرجي. منرل واٽر جا حيراڪ وڏيرا ۽ اهي نام نهاد اين جي اوز پڻ صرف فوٽو سيشن کان سواءِ ڪا به عملي طور تي سنڌ جي عورت لاءِ جدوجهد نه ٿيون ڪن. سنڌ جي عورت کي مرداڻي سماج اڄ به غلام سمجهي ٿو. پر سلام آهي انهن باشعور والدين کي جيڪي پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏئي تعليم جي شعور کان واقف ڪن ٿا. نه ته جيڪا سنڌ ۾ سنڌي عورت سان ٻه اکيائي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن تعليم نه هجي ها ته سنڌي نياڻيون هن ظالماڻي جاگيرداراڻي نظام سبب اڄ به پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ها. تعليم جو روشن ڏيئو اسان نياڻين جيڪا روشني ڏئي ٿو انهي روشنيءَ لاش مان اسان پڻ هن معاشري جي بهتري لاءِ ڪم آڻيون ٿيون. تعليم سبب انسان کي جيڪو گهر کان وٺي دنيا تائين اعليٰ شعور ۽ مقام ۽ ڄاڻ ملي ٿي اها ڄاڻ ۽ شعور ئي قومن ۽ ملڪن جي ترقي جو راز آهي. سڄي دنيا جي اندر ترقي يافتا ملڪن ۾ تعليم جي بجيٽ وڌ کان وڌ رکي وڃي ٿي. پر بدقسمتي جو اسان وٽ تعليم کي اوليت نه ٿي ڏني وڃي ۽ خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي ته بلڪل ئي ڪنهن جو ڌيان ئي نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سنڌ اندر هزارين نياڻين جا اسڪول بند پيل آهن ۽ لکين سنڌ جون نياڻيون چاهيندي به نه ٿيون پڙهي سگهن. پر جتي جتي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نياڻين جي تعليم جي سهولت مليل آهي اتي پڻ نياڻين جي تعليم تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو لکين سنڌ جون نياڻيون هر سال تعليم جي زيور کان رهجي وڃن ٿيون. تعليم هجڻ جي ڪري سڄي سنڌ اندر عورت کي مرداڻو معاشرو بيگاري ڪئمپ جيان استعمال ڪري ٿو. پر جيڪڏهن هڪ نياڻي تعليم يافتا هوندي ته اها پڙهيل لکيل نياڻي ان گهر کي سنوارڻ ۾ اڃا به وڌيڪ ڪردار ادا ڪندي سنڌ ۾ نياڻين کي ڊيڄارڻ لاءِ کوڙ سارا اهڙا واقعا سامهون آيا آهن. جن سان عام ماڻهو جو هيانءُ ڏري پوي ٿو. نياڻين مٿان تيزاب هارڻ، نياڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ، مرداڻن جهيڙن ۾ نياڻين کي چٽيءَ عيوض ڏيڻ، ۽ زبردستي نياڻين کي شاديون ڪرائڻ سان گڏ تمام گهڻيون اهڙيون نا انصافيون ڪيون وڃن ٿيون جن تي ڪو به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. پر شهرن اندر نياڻين سان اهڙو ظلم ۽ ورتا نه ٿو ٿئي جهڙو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي رهيو آهي، شهرن ۾ نياڻين جي تعليم تي ڪي به پهرا نه آهن ۽ شهرن جون نياڻيون پڙهي ڪري معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون پر اسان جي ٻهراڙيءَ جون نياڻيون رهجي وڃن ٿيون. ان جو سبب اهو آهي ته شهرن جي اندر نياڻين جي تعليم کي اوليت ڏني وڃي ٿي. ۽ خاص طور تي تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪل ڊگريون ۽ هنر به نياڻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪن ٿا. نياڻين کي سياسي، ادب، شاعري سان گڏ پٺتي پيل سماج جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سنڌ جي نياڻي کي پنهنجا والدين سپورٽ ڪندا. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ٻهراڙين ۽ خاص طور تي ڳوٺن اندر نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي ته جيئن سنڌ جي نياڻي به اعليٰ تعليم حاصل ڪري معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *