سنڌ کي جمهوريت ڇا ڏنو؟ ؛عاجز جمالي

سنڌ ۾ مارشل لا جو مطالبو ڏاڍي عجيب مشڪري آهي. ڄڻ باقي ملڪ ۾ کير جون نديون وهي رهيون هُجن. ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ مارشل لا جو مطالبو يقيني طور تي غير جمهوري هوندو پر ساڳئي وقت ماڻهو اِهو سوال اٿارين ٿا ته سنڌ کي جمهوريت ڇا ڏنو؟ سنڌ کي سنڌ اسيمبلي ڇا ڏيئي سگهي آهي. سنڌ ۾ چونڊيل سرڪار جو ڪردار ڇا آهي؟ سنڌ کي پيپلزپارٽيءَ جي حڪمرانن ڪٿي آڻي بيهاريو آهي؟ هنن سڀني سوالن جو سڌيءَ ريت واسطو حڪمرانيءَ سان آهي ۽ سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ سبب گذريل ڇهن سالن کان پيپلز پارٽيءَ جي ساک جو بيراميٽر هيٺ ڪِري رهيو آهي. 2008ع کان وٺي 2015ع تائين سنڌ ۾ بدانتظاميءَ جا اعليٰ رڪارڊ قائم ٿيڻ سبب هڪ وڏي خلا پيدا ٿي رهي آهي، پر ان خلا کي ڀرڻ لاءِ ماڻهو وري آمريت لاءِ رستو صاف ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ مارشل لا جو مطالبو اصل ۾ سڀ کان پهرين ايم ڪيو ايم جو هو، هاڻي وري سنڌ جا ٻه اڳوڻا وڏا وزير ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي پڻ مارشل لا کي پُڪاري رهيا آهن. ٻئي ايم ڪيو ايم سان ويجهڙائپ چاهي رهيا آهن. سندن من ۾ اصل ۾ اقتدار جي منزل آهي، هُو سمجهن ٿا ته شايد ايم ڪيو ايم سان گڏ بيهي هو اقتدار جي مسند تائين پهچي سگهن ٿا. ان ۾ سندن خواب اِهو ئي هوندو ته سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار ختم ٿي ويندي، بي اعتمادي جي رٿ ايندي، سا ڪامياب ٿي ويندي. ان کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جا ڪجهه لوٽا ايم ڪيو ايم ۽ ساڻن گڏجي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهيندا. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ارباب غلام رحيم، لياقت جتوئي ۽ ايم ڪيو ايم گڏيل طور تي وثوق سان اِهو چئي رهيا آهن ته سنڌ سرڪار جلد ختم ٿيڻ واري آهي. ڏٺو وڃي ته پارلياماني جمهوري نظام ۾ بي اعتمادي وسيلي اسيمبليءَ ذريعي سرڪار ختم ڪرائڻ غلط ناهي. ايوان اندر جيڪڏهن ڪنهن ڌر وٽ اڪثريت هُجي ته هو قائد ايوان چونڊي پنهنجي نئين سرڪار ٺاهي سگهي ٿي پر ان بدران جيڪڏهن لولي لنگڙي چونڊيل سرڪار کي ختم ڪري ڪو مارشل لا يا آمريت جو مطالبو ڪري ٿو ته اُهو مطالبو غير جمهوري چورائبو ۽ خاص ڪري اهڙو مطالبو اُهي ڌريون ڪن، جيڪي سڄو عرصو پاڻ به سرڪار ۾ رهيون هُجن يا اڻ سڌيءَ ريت سرڪار جو حصو هُجن. ايم ڪيو ايم اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سرڪار جو حصو آهي. ان ۾ گورنر جي موجودگي سڀ کان وڏو مثال آهي. سنڌ ۾ سندن گورنر ڪنهن هم آهنگيءَ کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. سندن هم آهنگي جيڪا هڪ ئي وقت سنڌ سرڪار سان به آهي ته وفاقي سرڪار سان به. ان ماحول ۾ سندس پاران مارشل لا جو مطالبو اِهو ثابت ڪري پيو ته هو ايوان اندر تبديلي نه ٿي آڻي سگهي پر سنڌ ۾ مارشل لا جي مطالبي لاءِ کيس سنڌي ڳالهائيندڙ اتحادين جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي. ان لاءِ ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي پاڻ کي اهڙي خدمت لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ مارشل لا جو مطالبو ڊڪٽيٽر جنرل ريٽائرڊ مشرف سان سياسي اڳواڻن جي ملاقاتن کانپوءِ سامهون آيو آهي. ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ مشرف دور جو وڏو وزير رهيو ۽ لياقت جتوئي ساڳي دور ۾ وفاقي وزير رهيو. ان سرڪار جي ايم ڪيو ايم سڀ کان وڏي اتحادي ڌر رهي. سنڌ ۾ هميشه ايم ڪيو ايم جو حڪم ئي هليو. ان جي سامهون ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي جي مشرف آڏو ثانوي حيثيت رهي. مان ان دور ۾ ٿيل واقعن جا تفصيل بيان ڪونه ڪندس، سڀ ڪنهن کي ياد هوندا پر مزيدار ڳالهه اڄڪلهه اِها آهي جو سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود هي ٻئي وڏا وزير مسلم ليگ (ن) جي نالي تي اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيا.

لياقت جتوئي مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي آهي ۽ ارباب غلام رحيم مسلم ليگ (ن) جو ايم پي اي سڏرائي رهيو آهي. وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي سرڪار آهي. هاڻي جيتوڻيڪ هي ٻئي همراهه مسلم ليگ (ن) کان پاسيرا آهن پر سنڌ ۾ مارشل لا وفاق سرڪار ڊاهڻ جو پهريون قدم ثابت ٿي ويندي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ ٻنهي کي ڍير ٿيڻو پوندو. ان سڄي منصوبي پٺيان دماغ اُهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو ڌرڻن پٺيان آهي. ٻي ڳالهه اها ته مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿي رهيون آهن. سينيٽ جي چونڊ اصل ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جو مُلهه وڌائي ڇڏيندي آهي. ڪو هڪڙو سينيٽر جيڪو ڪنهن پارٽيءَ جو نه هُجي، اُهو ڪروڙين روپيا خرچ ڪندو آهي. ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهو سينيٽ چونڊ ۾ پاڻ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ به پيش ڪندا هُجن. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ سياست، اسيمبليون، سرڪارون، وزارتون سڀ جو سڀ ڪاروبار ته آهي. هي عوام جا چونڊيل نمائندا اسيمبليءَ ۾ پهچي ”بزنس“ شروع ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو عام ماڻهو اِهو سوال ڪري ٿو ته سنڌ کي جمهوريت ۽ پيپلزپارٽيءَ ڇا ڏنو؟

سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي نالائقي جو ان کان وڏو مثال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته جو هڪ خاتون ايم پي اي ۽ سندس مڙس جي ذاتي جهڳڙي ۾ پارٽي ملوث ٿي وئي. زبردستي خاتون کان استعيفيٰ ورتي وئي ۽ قسمت جو خانو کُلي ويو لياقت جتوئي جو پر لياقت جتوئي ڏانهن مسلم ليگ (ن) جو رويو ڇا هوندو- هو نواز ليگي قيادت خلاف ڪيترائي ڀيرا ڳالهائي چُڪو آهي- پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سرڪار جي بدانتظامي جا ايترا ته رڪارڊ آهن، جيڪي شايد ڪير به ٽوڙي نه سگهي. مثال تازو ڪمند جي آبادگارن ۽ زميندارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ارباب غلام رحيم ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي آبادگارن جي نمائندگي ڪرڻ لڳا. بنيادي طور سرڪار ڪمزور گرفت سبب ڪمند جي اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي ۽ مٿان وري سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ڪمند جي مسئلي تي مسلسل ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، تڏهن ئي ماڻهو اهو سوال ڪن ٿا ته آخر سنڌ اسيمبليءَ سنڌ جي عوام جي درد جو درمان نه ٿي بڻجي ته پوءِ عوام جو جمهوريت تي ڪيئن اعتماد ٿيندو؟ عوام آڏو جمهوري نظام جو تصور ڌنڌلو بڻجي رهيو آهي.

فلسفي ۾ جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ جمهوريت ئي هڪ مستحڪم سياسي نظام آهي پر سنڌ ۾ بدانتظامي، ڪرپشن، بدامني، لٽ مار، اقرباپروري، بداعمالي، تعليم، صحت، زراعت سميت سماجي شعبن ۾ تباهي. سنڌي ماڻهو سوال ٿو ڪري ڇا جمهوريت اها آهي؟ سچ ته اها جمهوريت ناهي، اها پاڪستان برانڊ جمهوريت آهي، جتي رياست عوام بدران حڪمرانن جي خدمت جو ذريعو بڻيل آهي. سنڌ جو هڪڙو ئي وزير هر درد جو درمان بڻيل آهي ۽ صرف اخباري وضاحتن کي ئي سنڌ جي خدمت تصور ڪيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ سنڌ جا سُور ايترا ته وڌي ويا آهن، جو هاڻي حڪمرانن جون وضاحتون بي معنيٰ بڻجي رهيون آهن. گذريل ڇهن سالن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪا نئين ويزن ته پري جي ڳالهه، ڪو هڪ به شعبو ٺيڪ نه ڪري سگهي آهي. ها اهو ضرور آهي ته هاڻوڪي سرڪار ۾ پيپلز پارٽي جي ماڻهن پاڻ کي ڏاڍو سنواريو آهي. هڪ شوروم مالڪ ٻڌائي ٿو ته ”صاحب هاڻي اندرئين سنڌ جا خريدار ڪارن بدران وڏين گاڏين کي ترجيح ڏين ٿا. لينڊ ڪروزر، ڊبل ڪيبن سميت وڏين گاڏين جي گهرج وڌي رهي آهي.“ وڏيرا ڏسن ٿا ته ڪار ته هاڻي هر ڪنهن وٽ هوندي آهي،

سو گاڏي اهڙي شان واري هُجي جو هر ڪنهن کي خبر پوي. هڪ وزير موصوف بابت معلوم ٿيو آهي ته ”هُن وڏي پوسٽنگ لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جي گاڏيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.“ سنڌ ۾ ”تپيدار“ جي بدلي لکين روپين ۾ ٿئي ٿي. پرائمري ماستر لکين روپين جي رشوت عيوض ”ماستر“ ٿو بڻجي. پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار ۾ “ڀنگي“ به لک لک روپيا ڏئي ڀرتي ٿيا آهن پر انهن سڀني ”ڪارستانين“ کي هو ”جمهوريت“ سڏين ٿا ۽ هو چون ٿا ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“ جنهن جو هاڻي سنڌي ماڻهو ابتو مطلب ڪڍن ٿا ۽ اهو چون ٿا ته ”ها واقعي جمهوريت بهترين انتقام آهي“ جنهن سنڌي ماڻهن کي زبردست صلو ڏنو آهي. هو چون ٿا ته اسين جمهوريت جا چيمپئن آهيون. ها اوهين هوندا!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *