سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تڪراري اسڪريننگ ٽيسٽ ؛نسيم بخاري

سنڌ ۾ بيروزگار نوجوانن جو تمام وڏو انگ آهي، ان ۾ گهڻائي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوانن جي آهي جن کي ڳڀي جي ڳولا لاءِ زندگيءَ جي تلخ ترين تجربن مان گذرڻو پوي ٿو. تازو جڏهن ٻه اڍائي هفتا اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽو امتحان بابت اسڪريننگ ٽيسٽ 28 ڊسمبر 2014ع تي وٺڻ جو اوچتو اعلان ڪيو ويو ته سوين سوال اڀري آيا ۽ ماڻهن پڇڻ شروع ڪيو ته اها ڪوشش نوجوانن جي ڪاميابين جا دڳ/ رستا کوليندي يا وري حڪمرانن پنهنجي من ۾ ڪا ٻي رٿا سوچي ڇڏي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسڪريننگ ٽيسٽ جو سڀ کان پهريون اعلان 2013ع ۾ ڪيو هو، جيڪو لڳ ڀڳ وقت اچڻ تي واپس ورتو ويو، جنهن جي ڪري سالن کان تياري ڪندڙ اهل نوجوانن کي مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو،.

ڪجهه عرصي کانپوءِ وري اي ايس آءِ (BS-09) جي ڀرتين جي سلسلي ۾ 2014ع اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن جي امتحاني پيپر جي نوعيت صحيح هئڻ ڪري ڪافي شاگرد پاس ٿيا ۽ جيڪڏهن ڪي ڪميون ڪوتاهيون مئنيجمينٽ توڙي ماحول جي حوالي سان هيون به ته اُهي درگذر ٿيون پر تازو اسڪريننگ ٽيسٽ جي حوالي سان جيڪي تلخ حقيقتون سامهون آيون آهن، تن حڪمرانن جي نيتن ۽ نااهلي جا مڪمل پورا پڌرا ڪيا آهن. جڏهن ته اُها به ڌيان ڇڪائيندڙ سچائي آهي ته سنڌ صوبي کانسواءِ پاڪستان جي باقي صوبن ۾ ڪٿي اسڪريننگ ٽيسٽ جو تصور ناهي. ان کان علاوه پاڪستان جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن به ڪڏهن به اهڙي قسم جي اسڪريننگ ٽيسٽ چٽاڀيٽي (سي ايس ايس) جي امتحان لاءِ نه ورتي آهي. جڏهن ته سي ايس ايس جي امتحان ۾ هر سال 10 هزارن کان به وڌيڪ شاگرد حصو وٺن ٿا پر اُهي ڪڏهن به اسڪريننگ جهڙي ٽيسٽ جي تجربي مان نه گذريا آهن.

تازو اسڪريننگ ٽيسٽ بابت تصور اهو پئي ڪيو ويو ته اُتي اهل نوجوانن جي نوڪرين لاءِ چونڊ جي سلسلي ۾ فرض شناسي ۽ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو ويندو پر جهڙي نوعيت جو پرچو ڪڍيو ويو، ان مان اها ڳالهه پڌري پٽ ۽ چٽيءَ ريت محسوس ٿي رهي هئي ته حڪومت انتهائي چالاڪيءَ سان پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي ڌوڪو ڏئي، پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جا دڳ رستا ڳولهڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو هو. اُهو ئي سبب آهي ته 90 منٽن ۾ 100 سوالن وارو پيپر ڏنو ويو، جنهن ۾ 100 مارڪون رکيل هيون ۽ ڪاميابي 50 مارڪن کڻڻ سان مشروط ڪئي وئي هئي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته نوڪرين جي حوالي سان اين ٽي ايس (NTS) جيڪي ٽيسٽون وٺي چڪي آهي يا وٺي رهي آهي، تن ۾ اُميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون به رکيون ويون آهن پر ان جي پرچي جي نوعيت قابل قبول هئڻ سبب ۽ طئه ٿيل سليبس مطابق هئڻ ڪري ڪا دانهن ڪوڪ نه ٿي آهي، ڪن پرچن ۾ ته (NTS) 45 يا 40 مارڪن تي به اُميدوارن کي پاس ڪيو آهي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته (اين ٽي ايس) ميرٽ لسٽ طئه ڪرڻ جي حوالي سان اُميدوارن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪن آسائشن واري گنجائش تي عمل ڪيو آهي پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسڪريننگ ٽيسٽ واري تازي ڪارنامي ۾ جيڪا هوشياري ۽ حڪمت عملي ڏيکاري آهي، تنهن مان اهو تاثر مليو آهي ته سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي اهڙا ڪرتب ڏيکاريا آهن! جن نوجوانن جي دماغن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل اسڪريننگ ٽيسٽ نومبر 2014ع ۾ ٿيڻي هئي، جنهن لاءِ 6 مهينا اڳ اعلان ڪيو ويو هو پر اُها نومبر ۾ نه ورتي وئي، جنهن لاءِ شاگردن تمام گهڻي محنت سان تياري ڪئي، جن لوڊشيڊنگ، ڪتابن جي اڻهوند ۽ غربت باوجود همٿ نه هاري ۽ حُصلي سان اهليت ۽ قابليت جي ڊوڙ لاءِ وکون کڻڻدا رهيا. نومبر ۾ ٽيسٽ نه ٿيڻ ۽ نئين ڪنهن تاريخ جي طئه نه ٿيڻ، انهن ۾ سخت اداسي پکيڙي ۽ انهن جي مايوسي سنڌ سرڪار پاران 16 ۽ 17 گريڊ وارين نوڪرين جي سڌي ڀرتي وارن ارادن ويتر وڌائي ڇڏي. نوجوان ذهني ۽ نفسياتي ٻڏتر جو شڪار هئا ته انهن مٿان ٻن هفتن جي وٿي کانپوءِ اسڪريننگ ٽيسٽ وٺڻ واري خبر وڄ جيان ڪڙڪي ۽ توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته تڙ تڪڙ ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن ان امتحان کي ڪيئن منهن ڏنو هوندو. ان جي باوجود جاري ٿيل پرچي جيڪي ڦاٽ ڦاڙيا، انهن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن جو هيٺيان وچور (SPSC)جا وکا وائکا ڪري رهيا آهن.

ڪميشن جي امتحان ۾ لڳ ڀڳ (20) سوالن جا جواب غلط ڄاڻايا ويا آهن. ان حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جو ڪردار نهايت ساراهه جوڳو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ڪيترائي سوال غلط لکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سواليه پيپر ۾ ڏنل هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته 1947ع ۾ ڪنهن جي رهنمائي هيٺ سروسز رول جوڙيا ويا، جنهن جو صحيح جواب آپشن سي يعني چوڌري محمد علي ڄاڻايل آهي. جڏهن ته سول سروسز رول 1947ع نه پر فيبروري 1948ع ۾ جوڙيا ويا، تنهن ڪري اهو سوال غلط آهي. هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪهڙي قانون تحت ايسٽ انڊيا ڪمپني جا معاملا برطانوي اختيارين جي هٿ ۾ آيا، جنهن جو جواب اي يعني پٽس انڊيا ايڪٽ ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ليکڪ گل شهزاد سرور پنهنجي ڪتاب ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858ع ۾ ڄاڻايو آهي ۽ مشهور بوڪ فريدي سيريز جي پهرين ايڊيشن 2008ع صفحي نمبر 250 تي به گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ لکيل آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته سيمو گراف ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جو جواب ڊي يعني زلزلي جو مرڪز ڳولهڻ ڄاڻايل آهي. جهانگير ورلڊ ٽائيمز جي صفحي نمبر 49 تي ليکڪ ميان شفيق لکي ٿو ته سيمو گراف هڪ ڊوائيس آهي، جيڪا زلزلي جي ماپي ۽ زلزلي مان پيدا ٿيندڙ سيسمڪ لهرن ۽ زمين جي لرزش کي ماپڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ به ساڳئي معنيٰ آهي. ان ڪري جوابي ڪي وارو جواب غلط آهي. جڏهن ته سوال نمبر 65 ۾ پڇيو ويو آهي ته آئين ۾ ڪهڙي ترميم جو تعلق شريعت بل سان آهي. ان سوال جي جواب لاءِ 11، 8، 6 ۽ 12 ترميمن کي آپشن طور ڏنو ويو ۽ درست جواب جاري ڪيل ڪيز ۾ 11 هين ترميم کي درست قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته شريعت بل جو تعلق آئين جي 9 هين ترميم سان رهيو آهي. 11 هين ترميم جو تعلق عورتن کي اسيمبلين ۾ خصوصي نمائندگي ڏيڻ سان آهي. اهڙي طرح سنڌ پبلڪ سروس ڪميش ان سوال جو جواب وارو آپشن پيپر ۾ شامل ئي ناهي ڪيو. جڏهن ته سوال نمبر 82 ۾ پڇيو ويو آهي ته هيٺ ڏنل ڪهڙن آپشنز مان انساني جسم جي رفليڪس ايڪشن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان درست آهي. سوال جي جواب ۾ ڏنل چئن آپسنز ۾ (1) سينٽرل نروس سسٽم (2) موٽر نسروس (3) سينسري نروس (4) سيم پيٿيٽڪ نروس سسٽم شامل هئا. جن مان درست سينٽرل سسٽم کي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان سوال جو صحيح جواب سيم پيٿيٽڪ نروس سسٽم آهي. سينٽرل نروس سسٽم جواب ان ڪري صحيح ناهي جو سينٽرل نروس سسٽم جسم جي سڄن رڳن جي سرشٽي جو نالو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو ته 2013ع ۾ سيڪيولر ڊيبٽ ڪيترو هو، جو جواب بي يعني 2.6 بلين ڄاڻايل آهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ پاڪستان اڪنامڪ سروي مطابق 2013-14 جي باب نمبر 14 ۽ صفحي نمبر 16 تي اهو لکيل آهي ته سيڪيولر ڊبيٽ 480 بلين آهي. اهڙي ريت اهو به جواب غلط لکيو ويو آهي. ٻئي سوال ۾ ڊوپلر ايم آر آءِ ۾ تازو ڪيل ايڊوانسمينٽ جو جواب يعني سي سائونڊ ويوز (آواز جو لهرون) ڄاڻايل آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ان جو جواب سائونڊ ويوز نه پر اليڪٽرو ميگنيٽڪ ويوز آهي. هڪ سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا سندر بن بنگلاديش ۾ آهي، جنهن جو صرف 30 سيڪڙو حصو انڊيا ۾ اچي ٿو. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته پاڪستان کي تازو ڪنهن جي آبزور جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن جو جواب سي يعني سنگهائي ڪو آپريشن ڄاڻايل آهي پر اهو 2005ع ۾ يعني 10 سال اڳ ڏنو ويو هيو. سوال ۾ لفظ تازو لکيل هجڻ ڪري اُميدوارن کي مونجهارو ٿيو. ٻئي سوال ۾ رني ڪوٽ جي اندر موجود هڪ ڪوٽ جو نالو پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب بي يعني شير ڳڙهه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته آپشن اي ميري ڪوٽ ۽ آپشن بي شير ڳڙهه ٻئي درست جواب آهن، هڪ ٻئي سوال ۾ گلٽڪسي جو نالو نه پر هڪ نمونو آهي، اها ملڪي وي (ڪهڪشان) آهي، جيڪا اسپائرل جهڙي آهي پر آپشن ۾ بي ملڪي وي کي جوابي ڪي ۾ غلط قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ صحيح آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪمرشل ايئر ڪرافٽ خلا جي ڪهڙي حصي ۾ اڏامي ٿو، جنهن جو جواب سي يعني ٽرو پواسفيئر ڄاڻايل آهي. ان جي ابتڙ ليکڪ سرفراز احمد باجوا جي ڪتاب ماڊرن فزيڪل جاگرافيائي جي پيج نمبر 157 ۾ مائڪرو سافٽ انڪارٽا انسائيڪلو پيڊيا 2012ع ايڊيشن مطابق جهازو ٽروپو اسفيئر نه پر اسٽار ٽو اسفيئر ۾ اڏامي ٿو، تنهن ڪري جوابي ڪي ۾ ڏنل اهو جواب پڻ غلط آهي. هڪ ٻئي سوال ۾ پڇيو ويو آهي ته گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي سڀ کان وڏي خاصيت ڪهڙي هئي، جنهن جو جواب ڊي يعني صوبائي خودمختياري لکيو ويو آهي، جيڪو حقيقت گهٽ موقف وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ان جو جواب اي يعني مرڪزي حڪومت ۽ ڊي يعني صوبائي خودمختياري هئڻ گهرجي. هڪ ٻيو سوال جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته سنڌ ابيڪس (جابلو ٻڪري) جو الو ڇا آهي. حقيقت ۾ اهو سوال ڪنهن به عام معلوماتي ڪتاب جو حصو ناهي، تنهن ڪري ان قسم جي سوالن کي پيپر ۾ شامل ڪرڻ اُميدوارن کي صرف منجهائڻ آهي.

جڏهن ته سليبس ۾ پڻ مڪمل تبديلي ڪئي وئي. طئه اهو ٿيل هيو ته امتحان جو 65 سيڪڙو جنرل ناليج (ڪرنٽ افيئرز، پاڪستان افيئرز ۽ ايورڊي سائنس) هوندو ۽ جڏهن ته باقي انگيرزي ۽ اسلاميات جو سوال شامل ڪيا ويندا پر ايس پي ايس سي طرفان ورتل ٽيسٽ جو اطلاع صرف هفتو اڳ ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ نيون سلپون تيار ڪيون ويون، جنهن ۾ صرف اڻ چٽي طرح انگريزي، جنرل ۽ جنرل ناليج لکيا ويا. امتحان جي پيپر مان اسلاميات کي مڪمل طور خارج ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان اسٽڊي جا به صرف 4-5 سوال ڏنا ويا. اهڙي ريت ايس پي ايس سي طرفان جاري ڪيل شروعاتي سليبس تحت تياري ڪندڙ اُميدوارن کي ٽيسٽ جي طريقه ڪار تبديل ٿيڻ سان انتهائي گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون.

مٿي ڪيل نشاندهيون جن نتيجن کي نروار ڪيو آهي، سي چٽيءَ ريت چئي رهيا آهن ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن تاريخي ڌانڌلا ڪيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو تڪراري پرچي جي خلاف سڄي سنڌ جا متاثر ۽ ڪامياب اُميدوار سراپا احتجاج بڻيل آهن. ڪامياب اُميدوارن کي گهٽ مارڪن ملڻ ۽ فيل اُميدوارن کي پاڻ سان ٿيل نسوري ناحق تي توائي، ڪاوڙ ۽ بڇان آهي. ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنهن به ڪوتاهي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي وري ان ڪا اهڙي لچڪ ڏيکاري آهي، جنهن سان تڪراري پرچي بابت پيدا ٿيل خدشن، انديشن، تحفظات توڙي اعتراضن جي حوالي سان ڪنهن گنجائش جو اهڃاڻ ڏسڻ ۾ ايندو هجي. ان سڄي صورتحال نوجوان اُميدوارن کي سخت ٻڏتر ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ اُهي مستقبل جي حوالي سان مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ جو شڪار آهن، جنهن جي ازالي لاءِ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي ڪو تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن نه ته ٻي صورت ۾ اُهي نوجوان ردعمل ۾ جيڪا واٽ وٺندا اُها سرڪار کي ايڏي مهانگي پئجي سگهي ٿي، جنهن جو ڪو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي.

ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ساک کي بچائڻ ۽ شفافيت توڙي انصاف واري احساس کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻيهر اسڪريننگ ٽيسٽ جو  اعلان ڪري، تازن نتيجن بابت پيدا ٿيل اعتراضن کي مان ڏيندي رد ڪيو وڃي ۽ اُميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ طئه ٿيل مارڪن کي به گهٽايو وڃي، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پڪ سان ان جا مثبت ۽ صحتمند نتيجا سامهون ايندا پوءِ ڪنهن کي لُڙ ڪرڻ يا ڌمچر هڻڻ جو جواز به نه ملندو. ٻي صورت ۾ جيڪي خدشا يا سوال اٿاريا ويا آهن ۽ جيڪي نشاندهيون ڪيون ويون آهن انهن بابت هڪ هڪ شيءِ جي (SPSC) کي وضاحت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجو پاڻ کي غير جانبدار بڻائڻو پوندو جنهن لاءِ هن هنن سٽن لکجڻ تائين نه ڪي ڪا ڀرپور وضاحتي ۽ تسلي بخش پريس پڌرائي جاري ڪئي نه وري هن جي ڪنهن نمائندي جو ڪو دليلن سان ڀرپور وزنائتو موقف سامهون آيو آهي. ان ڪري اها خاموشي، اُهو هٺ، اُها هوڏ ۽ اها لاپرواهي حڪمرانن جيان (SPSC) جي پيٽ ڀرائي واري گواهي ڏئي رهي آهي، جيڪو رويو، رجحان ۽ تاثر ڪنهن به صورت ۾ درست ۽ قبولڻ جوڳو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *