سنڌ واسي ڪنهن در دانهن: اصغر ملاح

دنيا جي گولي تي جتي اسان جي سنڌ آهي دنيا ۾ ان کي نمايان حيثيت حاصل آهي جيڪا قدرتي خزانن تيل. گيس، ڪوئلي سميت قدرتي پٿرن، سون ٽرامي ۽ ٻين قدرتي وسيلن خزانن سان مالا مال آهي جيترا قدرتي وسيلا خزانه اسان جي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪا دنيا جي ڪنهن ٻئي خطي ۾ هجن هان ته اهو خطو دنيا جي ترقي يافته خطن ۾ ڳڻجي هان ۽ هتان جو عوام ترقي خوشحالي ۽ امن واري زندگي بصر ڪن هان پر اسان جي سنڌ جي عوام جي بدقسمتي رهي آهي اڌ صدي گذرڻ باوجود سنڌ ترقي جي سفر ۾ دنيا کان گهڻو پوئتي رهجي وئي آهي. سنڌ جو عوام ترقي خوشحالي بجاءِ بک بدحالي مفلسي بيروزگاري ۽ ڏکن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي اميرسنڌ جو عوام ماني جي ڳڀي لاءِ سڪي رهيو آهي سنڌ جا نوجوان ڌرتي جا وارث ۽ مالڪ آهن جيڪي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن هن ترقي يافته دور ۾ به بک، بدحالي، بيروزگاري سبب تعليم يافته نوجوان خودڪشون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ قدرت جي ڪهڙي نعمت آهي جيڪا سنڌ ۾ ناهي پر پوءِ به سنڌ جا رهواسي زهر ڀري زندگي بسر ڪري رهيا آهن سنڌ صوبو جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان 140915 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، جنهن جي آبادي پوري پاڪستان جي آبادي جي 23 سيڪڙو برابر ۽ پاڪستان جي 17.7 سيڪڙو زمين والاري ٿو ۽ جنهن جي پوکي لائق زمين 5.7 ملين هيڪٽر آهي. سنڌ پوري پاڪستان جي انڪم ٽيڪس جو 70 سيڪڙو ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 62 سيڪڙو حصو ڏيندڙ صوبو آهي. ملڪ جي سمورين آئل فيلڊس جو 60 سيڪڙو ۽ گئس فيلڊس جو 44 سيڪڙو سنڌ ۾ آهن. ان کان علاوه پوري پاڪستان جي 56 سيڪڙو تيل ۽ 37 سيڪڙو گئس جي روزاني جي حساب سان پيداوار پڻ سنڌ صوبي ۾ آهي. سمورا انگ اکر ٻڌائڻ جو مقصد صرف ايترو آهي ته ايتري امير سنڌ جي رهواسين جي جيڪا حالت اسان اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي ٻڌنڌا۽ ڏسندا آهيون پرنٽ ميڊيا وسلي پڙهندا آهيون تن کي پنهنجي اکين سان ڏسون ٿا ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿاسنڌ جي عوام جو. ڪو والي واهر ناهي، ٻار آهن ته اسڪول ناهن، جي اسڪول آهن ته ماستر ناهن، بيماري لاءِ ڪو بنيادي صحت گهر ناهي، جي ڪٿي ڪو صحت گهر آهي ته اتي ڊاڪٽر ناهي، غريبن جي صحت سيکڙاٽ ڪپائونڊرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي ٿر ۾معصوم گلن جهڙا ٻار فوت ٿي رهيا آهن شاهوڪار سنڌ جا معصوم ماڻهو ڪنهن بددعا جهڙي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن الله پاڪ انسان ذات کي ڪيترن انمول نعمتن سان نوازيو آهي انسان ڪا نه ڪا نئين دنيا دريافت ڪرڻ يا ڪنهن نه ڪنهن معاملي ۾ پنهنجي تجسس جي تسڪين خاطر نوان نوان تجربا ڪندو رهندو آهي نوجوانن ۾ ڪا نئين دنيا دريافت ڪرڻ ۽ ڪا نئين ڳالهه ڪرڻ جي خواهش عروج تي هوندي آهي ڪجهه نوجوان انهن خواهشن تي عملي ڪندي تعليم حاصل ڪري ڪاميابي ۽ ڪامراني طرف وڃڻ چاهيندا آهن پر غربت سبب غريب بي پهچ هاري مزدور جو نوجوان پٽ لاءِ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ سندن وس جي ڳالهه نه آهي پنهنجا نواز پاليسي سبب غريب نوجوان سرڪاري نوڪرين کان محروم ٿي ويا آهن اڄ جو سنڌ جو نوجوان تمام گهڻو مشڪلاتن جو شڪار آهي نوجوان بيروزگاري مفلسي ۽ غربت جي حالت ۾ نظر اچي ٿو غربت سبب انسان جي ڪردار تي به خراب اثڙ پوندا آهن غربت جو هڪ ٻيو روشن پاسو به آهي دنيا ۾ بيشمار مثال به ٿي گذريا آهن غربت انسان ۾ همت جرئت پيدا ڪري ان کان عظيم ڪم به ڪرايا آهن غربت انسانن ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به پيدا ڪندي جن ماڻهن تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ پوري دنيا ۾ عزت ڪمائي جڏهن ته انهن ماڻهن جي پرورش غريب گهراڻن ۾ ٿي آهي اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي تعليم سان گڏو گڏ فني هنر جهڙوڪ آٽو اليڪٽريشن، ويلڊنگ، ڪمپيوٽر، سميت ٻيا انمول هنر سکي ڊاڪٽرن، انجينيئرن کان وڌيڪ ڪمائي حاصل ڪري سگهن ٿا هنر نه رڳو سنڌ ۾ پر دنيا جي هر ملڪ ۾ گهرج آهي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي سبب دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي گهرج وڌي رهي آهي نوجوانن کي هنر جي سکيا وٺڻ گهرجي ڇو ته هنر مند هٿ ڪڏهن به واندا نه ويهندا آهن محنت ۾ ئي عظمت آهي محنت سان ئي قومن ترقي ڪئي آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي سنڌ جا بي روزگار تعليم يافت نوجوانن جو لاڙو عام طرح سان منشيات طرف آهي. نوجوان تعلييم درسگاهن بجاءِ ميخانن جو منهن ڪيو آهي جنهن سبب هزارين نوجوانن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي نوجوان نسل منشيات، چرس شراب آفيم .ڀنگ ٺري ۽ نشيدار سوپارين کي استعمال ڪري پنهنجو پاڻ کي موت جي منهن ۾ اڇلائي رهيو آهي منشيات واپرائڻ سبب گلن جهڙا معصوم نوجوان مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي وک وک تي منشيات جو سري عام وڪرو جاري آهي هاڻي ته اهيو رواج بڻجي ويو آهي ته، شادين مرادين ۾ ٻين خوشي وارن موقعن تي ته نوجوان پاران شراب ٺرو پيئڻ جون محفلون منعقد ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ مردن کان پوءِ عورتون پڻ منشيات شراب واپرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن ۾ غريب عورتون معصوم ٻار به شامل آهن منشيات ۽شراب جا عادي بڻجي چڪا آهن جن جو انگ خطرناڪ حد تائين تيزي سان وڌي رهيو آهي نشيدار شين جي استعمال سبب لاتعداد دادو جا نوجوان آچر سولنگي رهواسي ايگريڪلچر ورڪشاپ محلا رمضان ڇڇر غريب آباد محلا حاجن چارڻ سبزي منڊي محلا منو سولنگي ورڪشاپ محلا گڊو شيخ شاهاڻي محلا دادو رجب سيال پوليس هيڊڪواٽر محلا دادو پاندي ملاح ملاح چونڪ دادو بدرو سيال چاندني چونڪ محلا دادو نبن سيال چاندني چونڪ محلا غلام بني ملاح عرف گودو ملاح چونڪ دادو استاد مانو عباسي غريب آباد محلا دادو شايد سومرو ملاح چونڪ دادو ايوب مگسي نوراني چونڪ دادو الهبچايو ٻرڙو ٻرڙا محلا دادو صالح جمالي دوراڻي جمالي دادو سڪندر لاکو مزدورا آباد محلا دادو نياز چارڻ بٺ محلا دادو بشير پنهور غريب آباد محلا وزير سولنگي سونارا محلا عمرن ڪاٺياڙي محلا بصر سولنگي سيال ناڪو محلا دادو فتح محمد کوکر غريب آباد محلا دادو اشرف پنهور نوراني چونڪ محلا خالد سيال غريب آباد پهلوان لغاري مزورا آباد مسڪين شاهه صابر شاهه پپو شاهه سورج آباد محلا ارباب سولنگي پير محمد مراد محلا دادو اڪبر پنهور سونارا محلا دادو ممتاز جتوئي بابو جمالي دوداڻي جمالي علي نواز سهتو هاشم لنڊ ابراهيم سومرو سڪندر سهاڳ محمد حسين ملاح ۽ ٻيا سوين گڀرو نوجوان شراب منشيات واپرائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن منشيات ۽ شراب واپرائيندڙ نوجوان پنهنجي اصل طبي عمر پوري نه ڪري سگهيا آهن فوتين ۾ ڪيترائي پنهنجي خاندانن ۾ اڪيلا وارث هجڻ سبب سندن خاندان معصوم گلن جهڙا ٻار اڄ مفلسي دربدري واري زندگي گذراڻ تي مجبور آهن پوءُ به انتظاميا منشيات ۽ شراب جا اڏا بند ڪرائڻ کان لاچار آهي عوام کي احتجاج ڪندي وقت به وقت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان چوندي ڏٺو ويو آهي ته پوليس جو اهو رنگ رهيو آهي ڪنهن بيگناهه انسان کي خوني قرار ڏيئي ته به سندس مرضي چور کي ساڌ ۽ ساڌ کي چور قرار ڏين ته به سندن مرضي آهي پوليس اسٽيشن جيڪي مظلومن لاءَ پناهه گاهه هئڻ   گهرجن پر جيڪڏهن ڪو بي گناهه انسان هڪ رات ٿاڻي تي سرڪاري مهمان ٿي وڃي ٿو ته جيڪو ان جو حشر ٿيندو آهي. جنهن جو تصور ڪرڻ سان شريف انسان کي بت ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وڃي ٿي اهي بي رحم پوليس آفيسر اڪثر بي گناهه انسانن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس مڙهي بعد ۾ سفارش يا پئسن عيوض آزاد ڪري ڇڏيندا آهن جيڪا سڀني کي خبر آهي عوام دانهيو آهي ته سنڌ جي عوام جو سڀني کان وڏو مسئلو پوليس آهي جيڪڏهن پوليس صحيح ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه صحيح ٿي سگهي ٿو ٿاڻن ۾ خرچ پورا ڪرڻ لاءَ ٿاڻي جي سربراهه ۽ وڏي منشي جي ذميواري هوندي آهي هاڻي ته عورتن جي ٿاڻن جون سربراهه به ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تي لهي پيون آهن پوءَ اتي به انصاف ئين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٿاڻن ۾ سواءِ اهم سرڪاري دستاويز فراهم ڪرڻ جي باقي حڪومت ڪا اسٽيشنري فراهم نٿي ڪري

ٿاڻي ۾ موجوده گاڏين جي مرمت ڊيزل ۽ پيٽرول پورو ڪرڻ ٿاڻيدارن جي ذميواري هوندي آهي جڏهن ٿاڻن مان ڪا رقم ئي مختص نه ٿيندي ته اهي خرچن کي عوام ڏوهارين منشيات فروشن .فحاشي اڏن. جوئا جي اڏن تان غير قانوني وصولي ڪري ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ٿيون.تڏهن خرابيون پيدا ٿين ٿيون جاچ تحقيق يا حادثي واري جاءِ جو دورو به پوليس کي پنهنجي خرچ تي پورو ڪرڻو هوندو آهن. رشوت خور بي رحم پوليس آفيسر ڪيس جي مدعي کي پابند ڪندا آهن پوءِ ڀلي مدعي وڃي گهر کپائي. پوليس جو پيٽ ڀرڻو اٿس. منشيات شراب مين پڙي ۽ گٽڪي جي وبا پوليس جي ڪري ئي پکڙيل آهي.انهي آمدني ۾ شريڪ هوندا آهن منشيات جي وبا جي ڪري نوجوانن جي وات ۾ ڪينسر آنڊي جي بيماري ۽ ٻيون پيٽ جو بيماريون تيزي سان وڌي رهيو آهن ان جو ذميوار ڪير آهي. جيڪر ڪو حق سچ لکي ٿو کيس نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا. حق ۽ سچ لکڻ تي پوليس صحافين مٿا تي ڏمرجي پئي ٿي ۽ ڪيترن ئي صحافين کي بليڪ ميل ڪري سندن عزيزن پٽن نياڻن کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مجبور ڪيو ويندو آهي ته اهو حق سچ نه لکن.سنڌ جي عوام کي پوليس جي ڪارڪردگي تي وقت به وقت ڳڻتي ظاهر ڪري وس وارن کان مطالبو ڪندا رهيا آهن پر وريو ڪجهه به نه آهي ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳه واري ڪار لڳي پئي آهي عوام جو مطالبو رهيو آهي ته نوجوان نسل تباهي جي ذميوار ماڻهن خلاف بنا فرق جي قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي منشيات جا اڏا بند ڪرايا وڃن منشيات جي آذار کي ختم ڪرڻ لاءِ يا روڪڻ لاءِ هر دور ۾ اڄ تائين نشاندهي ڪئي آهي پر ضلعي انتظاميا پوليس منشيات جي وڪري کي بند ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي ڇو ته منشايت فروشن موت جي سوداگرن کي مقامي پوليس جو آشيرواد حاصل هئڻ جا الزام آهن جنهن ڪري موت جا سوداگر اڃا تائين قانون جي پڪڙ کان اجا بڻيل آهن ۽ سرڪار کي بدنام ڪري داغ لڳائي رهيا آهن جن خلاف قانوني ڪاروائي ناممڪن بڻيل آهي پر افسوس ته انتظاميه پوليس ايڪسائيز پوليس، اسپيشل برانچ جي نااهلي غفلت ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني تي آهي جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا منشيات جا سوداگر جيڪي ديدا دليري سان سري عام مشيات وڪرو ڪري نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهيا آهن، عوام دانهيو آهي ته اوهان سياستدانن جو حال ڏٺو آهي، انهن غريب ماڻهن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اها خبر اوهان کي اوهان جي شهرن، علائقن ۽ ڳوٺن جي حالت ڏسي پوندي. سنڌ جي سياستدانن کي صرف چونڊن دوران سنڌ جي غريب ماڻهن کان ووٽ وٺڻو آهي ۽ ايوانن ۾ پهچڻو آهي، پوءِ ننڊ ڪرڻي ۽ غريب اهوئي ساڳيو ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ هوندو آهي باقي هر دور ۾ هن وقت تائين حڪمرانن پارٽي جي ماڻهن انهن مسئلن جي آڙ ۾ سياسي ۽ ذاتي فائدا حاصل ڪري پنهنجو وقت پورو ڪيو آهي سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته منشيات جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي عوام جي حڪومت ۾ عوام سان ناانصافين جو ازالو ڪيو ُوڃي سنڌ جي عوام هر دور ۾ سياستدانن ۽ ڪامورن آڏو دانهون ڪوڪون ڪرڻ سميت احتجاج ڪري نشاندهيون به ڪيون آهن نشاندهي ٿيڻ باوجود مسئلن جي خاتمي لاءِ جيڪو ٿيڻ گهرجي اهو نه ٿيو آهي جيڪر ٿيو به آهي ته اٽي ۾ لوڻ برابر ٿيو آهي جائز مسئلن جي حل ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هر طبقي جي ماڻهو کي تبديلي جو ڪوشش لاءِ اڳتي اچڻو پوندو

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *