سنڌ نه سنبري سک: ليکڪ اطهر سنديلو

سنڌ هونءَ ته سڄي سورن ۾ آهي ۽ هزارين مرض اهڙا آهن جن جي درد جي دوا لاءِ ماڻهو در در ڀٽڪندا ٿا رهن. جيڪي مئل ڍور سمجھي جيري جاڳندي ڳئون کي ڳهڻ لاءِ ڪروڙين ڪينئا، ماڪوڙا گڏ ٿي حملو ڪيو هجي، ائين به ناهي ته مرضن جي شناخت ۽ انهن جي سببن جو پتو نه هجي، انهيءِ ڪري علاج ۾ مشڪلاتون ٿينديون هجن پر انڌن اونڌن ويڄن جي هوندي ڪنهن مريض جي صحتيابي جي اميد نٿي ڪري سگھجي، اهري طرح اڄ سنڌ جا ٻيٽ وڪڻڻ کان وٺي مڪاني ادارن ۾ ريگيولر بينادن تي ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ انهن مٿان جاچ بابت ٺهندڙ ڪاميٽين مٿان ڪاميٽين کي ڏسي اها اميد ئي نٿي جاڳي ته هي سنڌ جنهن ۾ پيءُ ماءُ جهڙو مقدس رشتو پنهنجن جگر جي ٽڪرن سان گڏ خودڪشيون ڪندا هجن، انهن کي وڪڻڻ لاءِ چوواٽي تي هوڪا ڏيندا هجن. سياسي، انتظامي ۽ معاشي ڀينگ ڏسجي ٿي يا ڪالهه سنڌ جي ماڻهن پاران کير وڪڻڻ واري کي حرام سمجھڻ واري سچي پچي حقيقت تي به اعتبار نٿو اچي، جڏهن عام سنڌي ماڻهو پنهنجي سامهون ڪنهن ”بينظير انڪم سپورٽ سينٽر“ تي پنهنجي ماءُ، ماسي يا اوڙي پاڙي واري ڪنهن ٻڌڙي عورت کي پوليس واري جا ڏنڊا کائيندي ڏسي ٿو ته هاڪاري تبديلي جي اميد جاڳڻ بجاءِ مايوسي جو ويس پهري نااميدي جي هڪ مستقل موسم جوڙي پئي ٿي. ”تبديلي“ اڄ جي سياسي سماچار جي هاڻ ”پراپرٽي“ بڻجي چڪي آهي ۽ ساڄي توڙي کاٻي ڌر جو فرق ميسارجي ”تاريخ جو موت“ جھڙا نظريا گھڙيندڙ عالمي سياسي منڊي ۾ چالو واپار کي ڏسي نٿو لڳي ته سنڌ يا پاڪستان ۾ تبديلي نالي ڪو اڏامندڙ امن جو پکي اچي آکيرو ڪندو……….. يا دهشتگردي ۽ ڪرپشن کي ڳنڍيندي انهيءِ ٻن مرضن جي خاتمي لاءِ صرف سنڌ لاٰءِ بضد نواز شريف ۽ چوڌري نثار جي سربراهي واري وفاقي سرڪار ۾ ڪا مناسب علاج ڪرڻ جي اهليت توڙي صداقت نظر نٿي اچي، تنهن هوندي به پيپلز پارٽي جي سيڪيولر مهانڊي کي ڪرپشن جي ڪوڙي الزام تحت ڪارو ڪرڻ وارو عمل ڪوٺيندڙ تجزيه نگارن تي اعتبار به ڪجي ته اينٽي ڪرپشن واري صوبائي خودمختيار اداري جا اڳوڻا توڙي هاڻوڪا اڇا چٽا اڳ ئي ڏسيون ويٺل حقيقت صحافي صرف هڪڙي ئي مڪاني ادارن ۾ مبينا طور ٿيندڙ سياسي ڪرپشن جو مثال پيش ڪن ٿا ته هر طرف کان ڪوڙو، ڪوڙو چوڻ جون صدائون بلند ٿي وڃن ٿيون. ٻئي طرف هر عام توڙي خاص شهري پنهنجي اکين اڳيان روڊن، رستن اسپتالن ويندي پنهنجي گھرن جي آڳرن ۾ نڪاسي جا تلاءُ روزانو ڏسي ٿو، روزانو مشاهدو ڪري ٿو ته جتي تعلقي سطع جي مڪاني ادارن کي به ماهوار بجيٽ ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هوندي، اهي صرف صفائي ۽ روشني جو انتظام به نه ڪري سگھن………..!!؟ يعني هر شهر جا روڊ رستا اکڙيا پيا هجن ۽ گندگي گھرن ۾ گھر ڪري الٽو شهرين جي صحت، جڳهن جي لاءِ نقصانڪار بڻيل هجن، اتي اهو ڪير اعتبار ڪندو ته ڪنهن هڪ تعلقي ميونپسل ۾ 25،30 کان وڌيڪ صرف مالهي هجن پر ڪو باغ، پارڪ، باغيچو نه هجي، ڪروڙين روپين جا ٺهيل ڊرينج نالا ابتا وهندا هجن……… ها ڏوڪري تعلقي جي ميونسپل به سنڌ جي ٻين بلدياتي ادارن کان انهي معاملي ۾ مختلف ناهي، اڃان به ٻه ڏاڪا مٿانهون هوندو. پر خاص ڳالهه اهڙين هزارن سون جي تعداد ۾ مبينا جعلي ڀرتين، ميونسپل پاران شهرين جي بڻيادي حقن بابت انتظامن کي ڏسندي عام شهري به اهو سمجھي يا پڇي سگھي ٿو ته اهي ڪروڙين روپيا ماهوار ۽ اهي هيڏا سارا وسيلا آخر وڃن ڪيڏانهن ٿا؟ ڏوڪري شهر لاءِ هڪ ڪروڙ روپين کان مٿي لڳايل اسٽريٽ لائٽون به ناڪاره بڻجي ويون آهن، شهر ۾ هر طرف گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن جنهن سبب ڪيترائي موضي مرض پيدا ٿي ويا آهن. ڏوڪري تعلقي ميونسپل جو ڪيس سنڌ جي ٻين بلدياتي ادارن کان وڌيڪ دلچسپ، سنگين ۽ ظاهر ظهور آهي جو انهيءِ تي نه لکڻ ڪنهن به پروفيشنل صحافي، رپورٽر، ليکڪ کي پنهنجي ئي اندر واري سان ناانصافي لڳندو. ڇو ته انهيءِ ڌاڙي ۾خود ڀاڳيو ئي چور نظر اچي ٿو. توڙي جو ڏوڪري ميونسپل اهڙو چهرو لڪائڻ لاءِ ماضي ۾ انهيءِ جي رڪارڊ کي پراسرار طور لڳندڙ باهين وارن واقعن ۽ اڄ سودو آفيس ۾ رڪارڊ جو هڪ پنو يا بوڪ به نه رکڻ واريون ڪوششون به ظاهر ظهور آهن پر سنڌ ۾ ڪرپشن کي دهشتگردي سان گڏي انهيءِ خلاف آپريشن ڪندڙ وفاقي حڪومت جي قدمن يا سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران سنڌ جون سون ورنيون ملڪيتون، ٻيٽ وڪڻڻ کان وٺي مڪاني ادارن جي اهڙي ڪرپشن جا پيرا لڪائڻ واري هاڻوڪي مهم ڏوڪري جي تعلقي جي عوام کي ڪو لاڀ پوندو يا ڪميٽين مٿان ڪميٽين ٺاهڻ واري سنت براقرار رکي ويندي ”تنهن بابت اڳواٽ ڪا اميد ته اجائي، پر پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ جي داد جو فرياد، ڪندڙ جو حق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *