سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين ڏانهن: اصغر ملاح

حصو ٻيو ۽ آخري

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم بعد نئين جاچ جو حڪم ڏئي ٻيهر کاتا رکڻ انهن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ ان جعلسازي ڪرڻ جي مختلف ڪردارن اي سي مختيارڪار ۽ تپيدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي. پر وريو ڪجهه به نه آهي افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته. سموري جعلسازي ۾ ملوث ڪردار ساڳين جاين تي وري مقرر ٿيل آهن سنڌ حڪومت نه رڳو ڪوهستان جي غريب جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي پر ان سان گڏ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪئي آهي دادو ڊپٽي ڪمشنر جي بي ڌياني روينيو کاتو رشوت جو ڳڙهه بڻجي وئي: شهري جائز ڪمن لاءِ در بدر دادو جو روينيو کاتي جي تپيدارن پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا جيڪي ايجنٽ داخل فردن ۽ روينيو جي ٻين جائز ڪمن جي مند ۾ رشوت وٺي تپيدارن کي پهچائن ٿا سٽي سروير ۽ رجسٽرار آفيس ۾ جائز ڪمن تي عوام کان سرعام بنا ڊپ ڊاء جي رشوت وصولي ڪئي وڃي ٿي تصديق لاء سرٽيفڪيٽ سميت عام مختيار نامي ۽ پلاٽ جڳهين جي دستاويز جا سچا تقل اڻ سروي ايراضي ۽ ٻين جائز ڪمن لاء سرڪاري آفيس کان علاوه عوام کان غير قانوني هزارين روپيه بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي رشوت وصول ڪري رهيا آهن شهرين جو الزام دادو سب رجسٽرار آفيس ۽ سٽي سروير دادو ۽ ٻين ملي بڳت ڪري سالن کان مختلف ايجنٽ ذريعي مختلف ڪمن جا ريٽ مقرر ڪري هيٺان کان مٿي تائين رشوت ڏئي سالن کان ٻنهي هٿن سان عوام کي لٽي رهيا آهن رشوت وصولي خلاف وقت به وقت عوام سجاڳ ڌرين پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪري دانهيو آهي ته رشوت وصولي سبب هي کاتو سڀني کاتن کان وڌيڪ عوام لاء آزار بنجي ويو آهي ڳريون رشوتون وصول ڪري ڪوڙيون رجسٽريون ڪري رجسٽر ۾ داخل ڪري ڪک پٽي مان لک پتي بڻجي ويا آهن جن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي عوام دانهيو آهي ته دادو سب رجسٽرار آفيس ۾ جائز ڪم بغير رشوت وصولي بنا ناممڪن آهن رشوت نه ڏيندڙ ماڻهن کي مختلف بهانا بنائي ميهنن جا مينا آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو رشوت وصولي بعد ناجائز ڪم به جائز ڪري ڏنو وڃي ٿو جنهن سبب مختلف هنڌن کان جائز ڪمن لاء ايندڙ بي پهچ عوام سخت پريشان ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن غريب بي پهچ عوام جي دادرسي ٿيندي نظر نه ٿي اچي جيسيتائين ذميوارن، ڪوتاهي ڪندڙ ڪامورن کي سزائون نه ڏنيو ويندون تيسيتائين ڪامورا لاپرواهي ڪندا رهندا عوام جو مطالبو رهيو آهي ته سالن کان مقرر سٽي سروير رجسٽرار ۽ روينيو عملي خلاف اعلي! سطحي جائچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اهل ايماندار عملو مقرر ڪري عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي.

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *