سنڌ جي ڏڪاريل سياست ؛عاجز جمالي

سنڌ جي سياسي تاريخ جي ٻن اهم ڪردارن جون هڪ هفتي ۾ ٻه ورسيون گذري ويون. ٻنهي جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بشير خان قريشي سياست جي درياهه جا ٻه اُهي ڪنارا آهن، جيڪي ڪڏهن به شايد ملي نه سگهن ۽ نه ٻنهي جي ڪا ڀيٽ ڪري سگهون ٿا. پر ٻنهي جي سياست سنڌ جي عوام تي گهرا اثر ڇڏيا. ڀُٽو پاڪستان کي بچائڻ جو فلسفو ڏنو ۽ بشير خان قريشيءَ سنڌو ديش جي ڳالهه ڪئي. پاڪستان کپي ۽ نه کپي، ٻه الڳ الڳ انتهائون آهن. ٻنهي جي سياست ۾ به ايترو ئي ٽڪراءُ آهي جيترو پاڪستان ۽ سنڌو ديش ۾ ٽڪراءُ آهي. پر ڀُٽو ۽ بشير خان ٻئي لاڙڪاڻي جي خمير مان ڄاول هُئا. ٻنهي جي قتل ۾ رياست ۽ اسٽبلشمينٽ جو هٿ آهي. ٻئي سنڌي هئا، ٻنهي جا لکين چاهيندڙ آهن ۽ اپريل جي پهرين هفتي ۾ ٻنهي جون ورسيون گذري ويون. ڀُٽو جي ورسي هن ڀيري سرڪاري اعزاز سان ائين گذري وئي، جيئن عام سرڪاري تقريبون، فيسٽيول، ڪتابن جي مهورت جون تقريبون گذري وينديون آهن. سرڪار بارش جي بهاني ۾ ڀُٽي جي ورسي جو جلسو ملتوي ڪري خوفزده هجڻ جو ثبوت ڏنو.

۽ بشير خان قريشي جي ٽين ورسي به ماٺ ۾ ئي گذري وئي. رتوديرو ۾ بشير خان جي ورسي تي ڪارڪن گڏ ٿيا، پر هي ڪو لکن جو جلسو ڪونه هو، جيڏو وڏو بشير خان هو، ايڏو وڏو پروگرام نظر ڪونه آيو. ڪراچي ۾ ڪجهه دوستن پريس ڪلب اڳيان ميڻ بتيون ٻاري بشير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اُتي ڪجهه سڄاڻ دوست موجود هئا، مون کين چيو ته ڇا بشير خان قريشي جي ورسي تي سؤ ماڻهو به گڏ نه ٿا ٿي سگهن جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ بشير خان قريشيءَ تي ڳالهائي سگهن.

مون کي اڪثر دوست روڪيندا به آهن ته سنڌي سماج مان سهپ ۽ رواداري ختم ٿيندي پئي وڃي، ڪير به تنقيد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، ان ڪري ڇڏي ڏيو هر ڪنهن جي مرضي. منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي پڙهيل لکيل دوستن جو ڪن لاٽار ڪرڻ وارو رويو به ٺيڪ ناهي. سنڌي سماج ۾ اٿندڙ سوالن تي ڳالهائبو ڪونه ته سڌارو ڪيئن ايندو؟

منهنجي سوچ مطابق ذوالفقار علي ڀُٽو جي ورسي تي عوامي ميڙاڪو نه ٿيڻ ۽ بشير خان جي ورسي ماٺ ۾ گذري وڃڻ سنڌ ۾ سياسي ڏڪار، نظرياتي زوال، سياست کان مايوسي، جمهوريت پسندي ۽ قومپرستي جي نظرين جي حامين لاءِ سوچڻ جو مقام آهي، جو اڄ هو پنهنجي ڪارڪنن کي به جواب ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ناهن.

ائين ته نه هوندو جو جنرل ضياءَ جي آمريت جو مقابلو ڪندڙ سنڌ جي عوام اُنهيءَ ذوالفقار علي ڀُٽو کي وساري ڇڏيو هُجي، جنهن جي ورسي تي مارشل لائي پابندين باوجود لکين ماڻهو ڳڙهي خدا بخش پهچي ڀُٽو جي مزار تي گُل ڇٽيندا هُئا.  ۽ اهي نعرا هڻندا هُئا ته ’ڪل ڀي ڀُٽو زندهه ٿا، آج ڀي ڀُٽو زندهه هي‘. پر 2015 ۾ نئون ديرو هائوس ۾ وزيرن، مشيرن، وي آءِ پيز جي تقريب ۾ زبردستي گهڙي ويل ڪارڪنن کي ٽنگو ٽالي ڪري سيڪيورٽي وارن ٻاهر اُڇلايو. هي ڪهڙي پيپلز پارٽيءَ جو ڪلچر آهي جو جيالن سان جنهن ۾ اهڙو حشر ٿي رهيو هُجي. نئون ديرو ۾ خاص شرٽون پاتل نوجوانن جي شرٽن تي لفظ خدمتگار لکيل هُجي، جان نثار الائي ڪيئن خدمتگار بڻجي ويا. يعني جيڪي ڪارڪن جانين جو نذرانو ڏيندا هُئا، انهن کي صرف خدمت جي جذبي سان سرشار ٿيڻ جو رستو ڏيکاريو ويو هو. جنهن ۾ اهڙي جذبي جي کوٽ هوندي يا جان نثاري هوندي ته اهو پوءِ ٽنگوٽالي ئي ٿي سگهي ٿو.

هي ڪو بدليل بدليل جهان لڳي رهيو هو. ڳڙهي خدا بخش جي خوبصورت مزار جي تاريخي عمارت، چٽسالي، اڏاوت جو شاندار مظهر، پر اهو ياد رکڻ جو سبق آهي ته هنن مزارن ۾ جيڪي نظرياتي ماڻهو دفن ٿيل آهن، انهن ڪو سياسي فلسفو ڏنو آهي، آمريت خلاف ڪا جنگ وڙهي هُئي، دهشتگردن خلاف ڪو پيغام به ڏنو هئو، عالمي سامراج کي چئلينج به ڪيو هو. مان هر سال ان خوف جو اظهار ڪندو آهيان ته ايئن نه ٿئي ته اسان وٽ ذوالفقار ڀُٽو ۽ بينظير ڀٽو جون مزارون صوفين جي مزارن وانگر عوام کي آجپي جو درس ڏيڻ بدران مجاورن لاءِ پيسا ڪمائڻ جون پيتيون، اوقاف لاءِ ميلا هڻندڙ جڳهه ۽ عوام لاءِ صرف عقيدت ۽ پوڄا تائين رهجي نه وڃن. اسان جيڪو حال شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شاهه عنايت جي مزارن جو ڪيو، شايد سؤ سالن کان پوءِ ڀُٽو ۽ بشير خان جي مزار جو به اسين اهڙو ئي حال ڪنداسين.

مون کي حيرت آهي ته بشير خان جي وڇوڙي کي صرف ٽي سال گذريا آهن، منهنجي ذهن تي اڄ به بندر روڊ تي ٿيل فريڊم مارچ جي ريلي ۾ سندس آخري لکيل تقرير گونجي رهي آهي، ۽ تقرير جي پُڄاڻي تي سندس اهي پُرجوش نعرا، ’هيءَ سنڌ گهري ٿي آزادي‘، پر ڇا آزادي جا متوالا ٽن سالن ۾ پنهنجي وڏي کي وساري ويٺا.

ماٺ ڪيان ته مشرڪ، ڪُڇان ته ڪافر.

جي مان ڪوڙ لکندو هُجان، تنقيد براءِ تنقيد ڪندو هُجان ته پيپلز پارٽي ۽ جسقم جا دوست ڀلي مون کي ڦاهي تي چاڙهين، پر منهنجي لفظن ۾ لڪل درد اوهان کي محسوس ٿئي ٿو، منهنجي تنقيد جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ لاءِ مجبور ڪري ته پوءِ سنڌ جون ٻئي وڏيون پارٽيون پنهنجي اندر ۾ ضرور جهاتي پائي ڏسن. اهو ضرور سوچيو ته بشير قريشي اوهان کي ڪيڏي وڏي پارٽي ڏيئي ويو هو، سندس وڇوڙي جي ٽن سالن ۾ اوهان ڪٿي بيٺا آهيو؟

اوهان پنهنجي اندر ۾جهاتي پائي پاڻ کان اهو سوال ضرور پُڇو ته 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو اوهان کي جيڪا پيپلز پارٽي ڏيئي ويو هو، اُها اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ ذوالفقار علي ڀُٽو کان پوءِ به اوهان وٽ هي چوٿين سرڪار آهي. ڇا ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀٽو جي عاليشان مزار ٺهرائي اوهان انهن واعدن جي تڪميل ڪري ڇڏي، جيڪي واعدا ڀُٽو ۽ بينظير ڪري ويا هُئا؟

هاڻي ته ماڻهو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو به وساري ويٺا آهن. هاڻي ته عوام کي نه روٽي گهرجي، نه مڪان گهرجي ۽ نه ڪپڙو گهرجي، عوام کي صرف عزت سان جياپو ملي، سندن زندگيون محفوظ رهن ته به وڏي ڳالهه آهي. اوهان جا سڀ ڪک پتي کرب پتي بڻجي ويا ۽ سنڌ جا هزارين زميندار ڪنگلا بڻجي ويا، آخر اهڙو ڇا ٿيو؟ سنڌ جي اقتصادي حالت بدتر کان بدتر ٿيندي پئي وڃي. سنڌ مان ڪنهن کي ڪو فائدو ٿيو آهي ته اهو ملڪ رياض اينڊ ڪمپني يا دفاعي رهائشي منصوبا يا لينڊ مافيا يا ڪرپٽ ماڻهن کي، باقي سنڌ جو عام ماڻهو صرف غربت جو مزو وٺي رهيو آهي. سياست ۾ زوال ۽ ڏڪار سبب سنڌ جي هر شعبي ۾ زوال آهي. ٿلهي ليکي سنڌ پٺ تي ڌڪجي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *