سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ سياسي  پارٽي جا ٻه ٻه ڌڙا ..!: سعيد احمد مڱريو

سياست عوام جي مفادن جي لاءِ ڪئي ويندي آ ۽ سياسي پارٽي ٺاهڻ جو سبب به ايهو ئي هوندو آ ته عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ملڪي ليول تي يا علائقي ليول تي پر بدقسمتي سنڌ جي ايها رهي آ ته هتي ڪجه عرصي کان وٺي  ڪا مخلص سياسي پارٽي   سنڌ کي نه ملي آ ، جيڪا مخلص ٿي ڪري سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪري  پر ايئن نه آهي . هتي  افسوس سان چوڻون ٿو پوي ته هئن ته سنڌ گهڻن مسئلن مان گذري رهي آ پر ٻين  مسئلن  سان گڏو گڏ سياسي مسئلا به ان جي قمست ۾ لکيل آهن جتي هڪ سياسي  پارٽي  پيپلز پارٽي  جو هجڻ  ۽ ان پارٽي جو مسلسل سنڌ مٿان حڪومت ڪرڻ ئي سنڌي عوام جي مقدر ۾  ئي لکيل آهي يا ڪٿي سنڌي عوام جي مجبوري آ  ، پر ايهو به ڏسون ته سنڌي عوام  کي ڪا ٻئي چوائيس به نه آهي  ، جيڪڏهن ٻيون سياسي پارٽيون ننڍيون وڏيون آهن به ته انهن جي هيٺين ليول عوام تائين ڪا پنهنچ نه آهي جنهن جو سبب ايهو ئي آهي  ته عوام کي ٻئي ڪا سياسي پارٽي نظر ئي نه ٿي اچي  سنڌي عوام  ان جي حمايت ڪري  ۽ ان کي ووٽ ڏئي پر ايئن آهي نه ..!  سنڌ ۾ صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي آ جيڪا سنڌي عوام جي صوبي کان وٺي وفاق تائين ان جي نمائندگي ٿي ڪري جنهن کي سنڌي عوام جي ووٽ جي ڦل سپورٽ آ ، هاڻي سوال  ايهو ٿو پيدا ٿي ته آخر  سنڌ جي سياسي  سگهه کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آ .. ؟  اها ڪنهن کي به خبر نه آهي  ته آخر سنڌ جي قومي سياست کان و ٺي ملڪي سياست تائين سنڌ جي سياست کي مٽي سان ملائي ڪري ختم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌين کان سياسي شعور کي ختم ڪرڻ ۾ ٻن طبقن  جا هٿ آهن   هڪ اهو ملڪي طبقو جنهن کي اسان اسٽيبلشمينٽ چوندا آهيون  جنهن ڪڏهن به ايهو نه چاهيو آهي ته سنڌ جي اندر هڪ سياسي يا جا کوڙي سوچ مظبوط هجي جنهن سان سنڌي پنهنجا حق آساني سان وٺي سگهن ۽ سنڌين کي ڪو مڪمل اختيار ملي  ، ٻيو اهو طبقو آهي جيڪو سنڌ جو سرمائيدار وڏيرو ،  جيئن ڏسون ته  سنڌ جي سياست ۽ سماج جي اندر انهن ۾ کوڙ سارا پير سيد ، وڏيرا ، تاجر ، سياسي اڳواڻ ، نام نهاد سماجي رهنما ۽ آفيسر شاهي جيڪي سنڌ سان سياسي مفادن خاطر سنڌ سان غداري ڪندا ٿا اچن جن ڪڏهن به سنڌ جي ترقي جي لاءِ  نه سوچو آهي  سنڌ جي  سرمائيدار وڏيري تمام گهڻو وڏو نقصان ڏنو آهي جنهن وقتن فوقتن پنهنجي سياست جا  قبلا تبديل ڪندو ٿو اچي پنهنجي ذاتي مفادن جي خاطر ،  جنهن جي ڪري سنڌ جي سياسي سگهه ڪمزور کان ڪمزور تر ٿي ٿيندي  ٿي وڃي . ان جي ذاتي مفادن  سنڌ جي عام ماڻهون کان سياسي شعور ئي ختم ڪري ڇڏيو آ ، هاڻي سنڌ جي سياست جو ايهو حال آ ته هتي هڪ  ئي سياسي پارٽي آ جنهن جي نمائندگي هر ضلعي ۾ ٻن ٻن ڌڙن تي مشتمل آ ۽ اهي ٻئي ڌڙا هڪ پارٽي جا ٿي ڪري هڪ ٻئي جي مخالفت ٿا ڪن   انهن ٻن ڌڙن جي مخالفت سان سنڌ جي ترقي جو سوال به  پيدا ٿي ٿو  ته آخر ايهو سلسلو ڪيستائين  رهندو ڇا ايها راند سنڌ ۾ ٿيندي رهندي يا ان جو ڪو خاتمو به ٿي سگهي ٿو ، منهنجي خيال ۾ ان جو خاتمو هڪ طرح سان ئي ٿي سگهي ٿو اهو آ ته سنڌين وٽ مضبوط ڪا متبادل سياسي پارٽي اچي ۽ ان جي نمائندگي يو سي ليول کان وٺي صوبي تائين هجي پوءِ  ڪا تبديل اچي سگهي ٿي . هينئر سنڌ جي اندر جيڪي ضلعي ليول تي هڪ سياسي پارٽي جا ٻه ٻه ڌڙا ٺاهيا ويا  آهن ايهو سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ايها پاليسي    ان  ليڊر شپ جي  آ يا ڪنهن ٻئي  مضبوط سياسي پارٽي جو نه هجڻ ڪري آ ، پر لڳندو ته ايئن آ ته ايها پاليسي ان ليڊرشپ جي آ ته هر هڪ ضلعي ۾ ٻه ٻه ڌڙا ٺاهي ٻنهن جي سپورٽ ڪئي وڃي جيئن ايندڙ يا هر اليڪشن  ۾ ان علائقي ٻه پتا ڦٽي ڪجن هڪ نه هڪ کٽي ته ضرور  ايندو . اهڙي صورتحال اڄ جي هن دور ۾ سنڌ کي متبادل سياسي پارٽي جو هجڻ لازمي آهي ، باقي هڪ پارٽي وٽ يرغمال رهڻ سان سنڌ ۾ ڪڏهن ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي  سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ  جي لاءِ  سنڌين کي متبادل سياست ڪرڻي پوندي ۽ هاڻي ايهو به سمجهڻو به پوندو ته اقتدار ي سياست ۽ عوامي سياست ۾ به هڪ فرق  آ  ڇو ته سنڌي پوين چاليهن سالن کان پيپلز پارٽي کي ئي سپورٽ ڪندا ٿا اچن ان حمايت مان ايهو سکڻو پوندو ته ماضي جي سياسي پارٽي هميشه اقتداري ئي رهي آ جنهن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي خاص اقدام ئي نه کنيا آهن .

هينئر سنڌ بگڙيل معاشي ۽ سماجي حالتن کان پئي گذري ان جو سبب ايهو ئي آهي ته سنڌين وٽ ڪا متبادل سياسي پارٽي نه آهي جنهن جي اهي حمايت ڪن ۽ ڪجه سياسي تبديلي آڻن ۽ هاڻي  ايهو  سنڌين جي لاءِ لازمي  آهي ته اهي پنهنجو متبادل سياسي رستو ڳولين ، ڇو جو  زندگي جي هر شعبي ۾ بدعنوانيون، لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي سنڌي عوام ڪن ڌاهن کان ڀوڳيندو ٿو اچي ، جنهن ۾ حڪومت هجڻ جو تصور ئي نه رهيو آهي، اهڙين حالتن جي اندر  پيپلزپارٽي وري هر ضلعي جي اندر پنهنجن ئي ماڻهن جا ٻه ٻه گروپ ٺاهي ڇڏيا آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪري اڃا وڌيڪ شهرن جي مسئلن کي الجهائن ٿا . جيڪڏهن سنڌ جي  سياسي سماجي ، ترقياتي ڪمن تي ڪجه سوال اٿاريون  به ته انهن جو رک هڪ ئي سياسي پارٽي  جي طرف ويندو جيڪا ڪيتري عرصي  کان وٺي سنڌ جي مٿان حڪومت ٿي ڪندي اچي پر سنڌ جا مسئلا اهڙي جا اهڙا ئي آهن  جيئن سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت ڏسو ته انهن کي ڏسي ائين بلڪل نه لڳندو ته اهي ڪي 21 صدي جا شهر آهن جتي انفرا اسٽيڪچر تباه ٿيل  ، روڊ رستن جو حال ڏسو اهي بدترين شڪل ۾ آهن، تعليم جي تباهي ۾ ٻارن جو مستقبل تباهه پيو ٿئي، تحفظ عوام کي مليل ناهي، صحت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اتي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو آهي ۽ هاڻي پاڻي جي قلت صاف پاڻي  پيئڻ جو شهرن ۾ اڻلڀ آهي ته اتي جيڪڏهن سنڌ ۾ هڪ ٻئي مظبوط سياسي پارٽي هجي ته منهنجي خيال ۾ ان جو اقتدار ۾ اچڻ هڪ آسان رستو مليل آ ، هئن به ڏٺو ايهو ويو آ ته بين جمهوري ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي حڪومت ملندي آ ۽ اها  حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويندي آ  يا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي هوندي ته اتان جو عوام وري ڪنهن ٻي پارٽي جي سپورٽ ڪري ان کي اقتدار ۾ آڻيندا آهن ، جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين ۽ هڪ پرسڪون ماحول ۾ اهي رهي سگهن  . پر سنڌ ۾ ايهو ابتڙ آ ڇو جو هتي ٻئي ڪا سياسي پارٽي آهي ئي ڪون جنهن جو پاڙون هيٺين ليول تائين مظبوط هجن ۽ عوام ان کي سپورٽ ڪري . هتان جي صورتحال ڪجه الڳ آ هتي هڪ پارٽي آ جنهن جا ٻه ٻه گروپ سنڌ جي هڪ هڪ شهر ۾ سرگرم آهن . جيئن هڪ ئي گهر ۾ ٻه سياسي گروپ اهڙي صورتحال ۾ اسان ڪٿي ترقي ڪري سگهنداسين يا ڪيئن اڳيان ايندا سين بحراحال ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي سوچڻ کپندو ته پوين ڏهن سالن  کان وٺي جيڪي اسان جا مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن انهن جو اصل ڪارڻ ڇا آهي ۽ هاڻي ان جو حل ڇا ٿيندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *