سنڌ جي مسئلن جو ذميوار ڪير آهي: اصغر ملاح

انسان کي الله پاڪ عقل ڏنو ۽ اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو ۽ سموري مخلوق کان هر ساهه واري شئي کان انسان کي افضل ڪيو علم،  عقل، ڏاهپ، دانائي، خيال، خواب، سندس مريد ڪيا انسان عقل  جو سفير  سڏجي ٿو جيڪو سڄي  دنيا کي هلائي ٿو ۽ سڄي ماحول کي ٿو  بدلائو  خلائي  سيارن  تي وڃڻ سميت چنڊ کي زمين  ٿيڻ  سيکاري ٿو حماليه  جي چوٽين کي ٿو هٿ لائي ٿو لوهن کي ڊڪڻ  سيکاري ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري ٿو انسان جي واکاڻ  ڪبي ته ڪئين  ڪورا ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا قلم جي سموري مس ختم  ويندي انسان  جي واکاڻ نه کٽندي الله تعالى انسان جي پيدا ڪرڻ وقت انسانن کي جزا ۽ سزا جا سبق سيکارڻ لاءِ دوزخ ۽ جنت پيدا ڪيا آهن ۽ پنهنجن پيارن پيغمبرن کي انصاف ۽ امتحان جي ڪٽهڙي بيهاريو جنهن ڪري ڪو نبي سڳورو جنت مان نڪتو ڪنهن نبي سڳوري کان پٽ جدا ٿي ويو ڪو نبي سڳورو بيمار رهيو ته ڪو نبي سڳورو مڇي جي پيٽ ۾ رهيو الله پاڪ پيغمبرن کي انصاف ۽ امتحان جي ڪٽهڙي بيهاريو ته جئين انسان سبق حاصل ڪن. انسانن لاءَ جزا ۽ سزا جو عمل ضروري آهي نه ته برائين جا بنياد  پوندا رهندا جنهن  ملڪ ۾ سياست ۾ پئسي جي  مداخلت ٿيندي ته پوءَ بدعنوان حڪمران طبقو بدعنوان رياست کي جنم  ڏيندو آهي عوام  کي  انصاف ڪٿان ملندو دنيا جي ملڪن ۾سياسي پارٽين جو منشور ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ هوندو آهي۽ عوام کي بنيادي سهولتون درن تي انصاف پهچائڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ  شامل هوندو آهي هر سياسي پارٽين جي منشور ۾ ملڪ مان غربت بيروزگاري  جو خاتمو  ڪرڻ هوندو آهي. پر افسوس  21 صدي ۾ ساهه کڻڻو پيو پر ترقي يافته قومن کان گهڻو پوئتي آهيون اسان جي ملڪ سان گڏ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا اهي ملڪ سالن کان ترقي ۾ آهن ۽ اتان جو عوام به خوشحال آهي ۽ قانون جي حڪمراني به آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي. ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن سياستدانن، سرمائيدارن، صنعتڪارن، جاگيردارن، اڌ صدي کان ملڪ اندر مضبوط نيٽورڪ قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ڪجهه خاندان عوام تي حڪومت ڪرڻ پنهنجو حق سمجھن ٿا.

ملڪ ۽ عوام کي ترقيءَ ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ بجاء سرڪاري عهدا ماڻي پنهنجون زندگيون آسائش سان گذاري رهيا آهن ۽ خالق جهان جي خلق لاءِ فطري اصولن کي پاسيرو رکي شهرن ۾وڏين سياسي پارٽين ۽ ٻهراڙين ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سرمائيدارن کي پراڻي زماني جون بادشاهيون ٺاهي ڏنيون آهن سموريون تڪليفون، ڏک، مصيبتون، بک بدحالي، بيماري، بيروزگاري غريبن جو مقدر بڻيل رهي آهي جتي اڪثر غريب عوام لاءِ انصاف جا دروازا بند پيل آهن اها ڳالهه ته ڪنهن کان ڳجهي نه آهي سنڌ جو ٿر پارڪر ڏکن  جو اهڙو داستان  رهيو آهي جتي جي عوام کي ڪهڙو به دور هجي سک گهٽ پر ڏک سدائين ٿرين جا مهمان هوندا آهن جتي  بک بدحالي خوراڪ  پاڻي  علاج جي هميشه  کوٽ رهي آهي ٿر بنيادي  انساني سهولتن  کان  محروم رهيو  آهي جيڪا  سڀني کي  خبر آهي. پرهن  وقت ٿر  جي سخت تشويشناڪ  صورتحال آهي  معصوم  گلن  جهڙا ٻار  فوت  ٿي  رهيا  آهن برطانوي رسالي جي رپوٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان  وڌيڪ مئل ٻار پاڪستان  ۾  ڄمن ٿا  پاڪستان  ۾ روزانو  3287 ٻار مئل  حالت ۾ پيدا ٿين ٿا.  ۽ انهن پيدا ٿيندڙ ٻارڙن  جو  موت  جو گهڻو ڪارڻ  ٻارڙن کي  جنم ڏيندڙ مائرن کي  مناسب طبي سهولتون نه ملڻ  خوراڪ جي کوٽ ۽ رت  جي ڪمي چيو وڃي ٿو .

طبي ماهرن  مطابق ٻار جي  صحت جو  ظامن  ماءُ جي  ٿڃ آهي جنهن  ماءُ کي  ٻار کي پيارڻ لاءَ ٿڃ  نه  هجي ڪيئن صحت  مند  اولاد  پيدا ڪندي  جيڪر ماءُ کي خوراڪ ملي ته ٻار کي به ٿڃ ملي ٿر ۾ مائرن کي گهربل کاڌ خوراڪ نه ٿي ملي. صحيح  خواڪ نه  ملڻ  سبب مائرون ڪمزور ٻار  کي جنم  ڏين ٿيون ڪمزور ٻار  بي رحم حالتن  جو  شڪار ٿي وڃن ٿا. ٿر ۾ روزانو معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري وڌندڙ انگ کي وقت جي حڪومت روائتي انداز ۾ ڏسي رهي آهي ٿر بابت وقت جي حڪومت جي ته اها دعوي! وقت به وقت رهي آهي  ته انهن تي رڪارڊ ڪم ڪرايا آهن. سنڌ جي وزيراعلي! سميت  سنڌ جا کوڙا سارا وزير ۽ مشير وقت بوقت ٿر جودورو  ڪندا رهيا آهن. ۽ ميڊيا تي اها اشتهاري مهم به هلائي پئي وڃي ته ٿر ۾ روڊ رستن  جا ڄار وڇايا ويا آهن ٿر ۾  پئيڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا آهن. ٿر ۾صحت جون بنيادي سهولتون وڏي پئماني تي ڏنيون پيون وڃن اسپتالن ۾ عملي جي کوٽ  نه آهي جڏهن ته انساني جانيون بچائيندڙ دوائون  موجود آهن پوءَ ڇو ٿر  تان موت جو راڪاس ٽري  نه ٿو اڄ به   ڇو ٿر جا  ماڻهو بک بيمارين  جو شڪار آهن  آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو اڄ به ٿر جي معصوم ٻارڙن  جو موت ٿي رهيو آهي سرڪارکي گهرجي ته. بنا دير پٺتي  پيل ٿر جي علائقن ۾ نه رڳو مناسب  طبي سهولتن جو  بندوبست ڪيو وڃي پر ان سان  گڏو گڏ ڳورهاري عورتن کي سرڪاري  سطح تي  ڪي اهڙيون دوائون  يا خوراڪ  فراهم ڪئي وڃي.ته وڌيڪ ٿر جا معصوم  ٻارڙا  وقت کان اڳ موت جو کاڄ نه بنجي وڃن حڪمرانن کي گهرجي ته بنا دير ٿر جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي  بيشڪ مارڻ  جيارڻ  الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي پر ڪنهن به بي گناهه انسان يا ٻار  جي غفلت  سبب  جان وڃائڻ  جو پڇاڻو خدا وٽ ضرور ٿيندو  سنڌ جو عوام سائنسي ترقي يافته دور ۾ به ڪيترن ئي بحرانن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن اڌ صدي کان هن وقت تائين عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو قصو ساڳيو پيو هلي عوام دانهيو آهي ته  .ذميوارن ڪرپشن ڪندڙن نااهلي ڪندڙن کي ملڪ جي آئين تحت قانون موجب سزائون نه ڏنيون وينديون تيسيتائين عام ماڻهو کي انصاف نه ملندو عوام دانهيو آهي ته موجوده ۽ اڳوڻن حڪمرانن چونڊيل نمائيندن ۾ فرق نه آهي،

اليڪشن جي وقت حڪمرانن مان عوام کي لکين اميدون هيون ته اهي سنڌ جي عوام جي ڀلائي بهتري لاءَ اهي اثرائتا ۽ عملي قدم کڻندا آهن جنهن سان بيوس عوام جي داد رسي ٿئي مهانگائي، بيروزگاري بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڪرپشن .امن امن  جي مسئلا حل ٿيندا جن جي ڪري عوام جو ساهه مُٺ ۾ آهيسنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي اضافي، روزگار جا وسيلا گھٽ هجڻ سبب غربت ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ جي عوام اڪثريت غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي سنڌاندر بيروزگاري آمدني جو گھٽ هئڻ سبب اڪثر عوام بک بدحالي مفلسي جو شڪار رهيا آهن۽ بڻيل آهن هاڻي مهانگائي سبب کاڌي جي شين ۾ جيڪو قيمتن جو اضافو ختم ٿيڻ جا آثار يا امڪان نظر نه ٿا اچن کاڌي ۽ روزمره استعمال جي شين ۾ گھٽتائي بجاءِ اضافو ٿيندي هر روز نظر اچي ٿو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ڪرپشن ڪنٽرول کان ٻاهر آهي لاقانونيت جو راڄ آهي  جنهن سڄي قوم جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن ۾ ڪرپشن ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي ويا آهن هر دؤر ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن عوام جي ڀلائي، بهتري، ترقي، خوشحالي لاءِ ڪوششون ورتيون آهن اهي ڪوششون ڪنهن کان لڪيل ڇپيل به نه آهن. جيڪي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا پابند آهن.سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن کي هر وقت جي سرڪار پاران اربين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويندا آهن ته جيئن غربت کي ختم ڪري سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي غريب عوام کي بنيادي سهولتون تعليم،صحت،پئيڻ جو صاف پاڻي، ۽ بي روزگارن کي روزگار ملي روزگار ۽بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ سرڪار پاران ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن پر غريبن کي فائدو اٽي ۾ لوڻ برابر پيو آهي. اڪثر پروگرام ۽ اسڪيمون ڪامورن جي ور چڙهي وينديون آهن ۽ عوامي ڀلائي واري هر قدم کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي سرڪاري فنڊ جيڪي اڪثر عوام تي خرچ ٿيڻ بجاءِ ڪامورن ۽ ڳجھن هٿن جي ور چڙهي ويندا آهن ڳالهه ڪجي عوام کي ملندڙ بنيادي سهولتن جي پبلڪ هيلٿ کاتي جي نگراني هيٺ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر سپلائي اسڪيمن سميت لاتعداد ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرايون آهن 60 ڪروڙ جي لاڳت سان دادو شهر جي لکين ماڻهن جي آبادي لاءِ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڊرينيج اسڪيم جي نئين سر منظور ڪيون ويون. جيڪي اڄ ڏينهن تائين رولڙي جو شڪار آهن شهرن ڳوٺن کي ويجهو آڻڻ لاءِ روڊ رستن جون جيڪي نيون اسڪيمون منظور ڪيون ويون هيون ۽ ان لاءِ عربين رپيا بجيٽ منظور ڪئي وئي هئي ٺيڪا من پسند ٺيڪيدارن کي ڏيڻ ايڊوانس ڪميشن وصولي ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي نگراني نه ٿيڻ سبب روڊ رستا توڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ کنڊرن جو ڌيک ڏئي رهيا آهن جنهن سبب عوام صحيح عام درآفت جي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن ترقياتي ڪمن لاءِ سنڌ سرڪار پاران  مختلف کاتن کي ساليانو ڪروڙين روپيه ملن ٿا اهي ڪيڏانهن وڃن ٿا ان بابت انگ اکرن جي راند کيڏندڙ مقرر ٿيل  من پسند ڪامورا ئي ٻڌائي سگهن ٿا. پر جي کين کان پڇا ڳاڇا ڪجي ٿي ته اهي وري قصا اهڙا ٻڌائين ٿا جو پڇڻ واري کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن عوام کي اکين ۾ ڌوڙ وجھي سالن کان سرڪاري بجيٽ بغير ڪنهن ڊپ ڊاهه جي ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ڪري غرق ۽ هڙپ ڪري وڃن ٿا هر دؤر ۾ نا مڪمل اسڪيمن کي مڪمل ڄاڻائي سدائين سرڪار جا ڪروڙين رپيه ضايع ٿيندا رهيا آهن خبر نه آهي ته ڪامورن ۾ ڪهڙا گُر آهن جيڪي سالن کان سرڪاري کاتن جا اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ سبب اڪثر ڪامورا پاڻ کي طاقتور سمجھندا آهن ۽ عوام کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪو ڪامورو بدلي ٿي ويندو آهي ته انهيءَ جي جاءِ ته اهڙو ئي ايندو آهي جهڙو اڳ ۾ مقرر ٿيل هوندو آهي جيڪا مقرري به چونڊيل نمائندن جي مهرباني سان ٿيندي آهي، مقرر ٿيل ڪامورا جيڪي ملڻ جلڻ جا مخلص نظر ايندا آهن باڪي سرڪاري فنڊ هڙپ ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ هوندا آهن جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن عوام کي بنيادي سهولتون، امن، انصاف، روزگار مهيا ڪري ته عوام لا بهتر هوندو  ترقياتي اسڪيمن سان جيڪي ڪامورن ۽ سندن عملي ڪلور ڪيا آهن گھٽ نه ڪئي اٿن سنڌ جي بجيٽ کي اُڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري پنهنجا خالي خزانه ڀري ڇڏيه اٿن پر سوال اهو آهي ته عوام جي ڀلائي، بهتري لاءِ اربين رپين جي اسڪيمن نگهباني ڪرڻ به ته چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي سنڌ سرڪار کي گھرجي 10 سالن کان ٿيندڙ بي قاعدگين جي اعلى سطحي تحقيقات ڪرائي سرڪاري فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪامورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ته جيئن قوم جو هڙپ ٿيل پئسو واپس ڪرائي انصاف جا مثال قائم ڪري عوام سياستدانن ۽ حڪمرانن کان پڇڻ جو حق رکي ٿي ته سالن کان تبديلي جي وقت بوقت دعوى ڪئي ويندي جيڪا عوام سالن کان ٻڌي رهيو اُها تبديلي ڪڏهن ايندي. جنهن معاشري ۾ انصاف ڏيندڙ ادارن جي ڪامورن کان وٺي چونڊيل نمائندن ۽ پٽيوالن تائين ڪميشن وٺڻ حق بڻجي وڃي معاشري جو هر فرد ڪرپٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت مختلف کاتن مان ڪارين رڍين  جو صفايو  ڪن اهل  ايماندار  عوام  دوست ڪامورا مقرر ڪن ته عوام سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ٿين هاڻي ٻيو ڪو رستو نه آهي

 

ASGHAR MALLAH

03337072052

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *