سنڌ جي عوام جهوني گورنر تي گذارو ڪري..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني صدر ممنون حسين ۽ پاڪستاني وزير اعظم ميان نواز شريف جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اهو طعه ڪيو ويو هو ته سنڌ جي گورنر عشرت العباد کي هٽائي ڪري انهي جي جڳهه جي چيف جسٽس سعيدالزمان کي نئون سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي.جيڪو فيصلو طعه ٿيو ۽ سنڌ جي گورنر عشرت العباد کي هٽائي ڪري سندس جاءِ تي رٽائرڊ چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي کي سنڌ صوبي جي 31گورنر  مقرر ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ميان نوز شريف پنهنجي جلاوطني واري دور اندر ايتري حد تائين اها ڳالهه چئي ڇڏي هئي ته چيف جسٽس سعيدالزمان سون ۾ تورڻ جهڙو انسان آهي.اهو انهي ڪري جو هُن پرويز مشرف جي دور اندر پي سي او جي تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هوُ.شايد انهي سون ۾ توڙڻ واري ڳالهه تي هن وقت عمل ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ  تي طويل عرصي کان گورنر راج ڪندڙ عشرت العباد جو وقت پڄاڻي تي پهتو آهي.وفاق جو سنڌ مٿان نئون گورنر مقرر ڪرڻ خلاف پ پ قيادت ۽ ايم ڪيو ايم قيادت وفاق کان ناراض نظر اچي رهيون آهن.جنهن مان اهو ثابت تي ٿو ته ايم ڪيو ايم وٽ ناراض هجڻ جو جواز آهي ته گورنر سندس پارٽِي جو هوُ پر پ پ جو ناراض ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي شايد جنهن جي وجهه اها آهي ته پ پ هيمشه ايم ڪيو ايم جي اتحادي رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم به هيمشه پي پي پي جي اتحادي رهي آهي ۽ ٻنهي پارٽي جو سوچ ساڳي آهي.نئي گورنر جي مقرري تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت وفاق تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻنهي پارٽين پاران اهي موقف به سامهون آيا آهن ته وفاق سنڌ حڪومت جي گورنر کي هٽائڻ ۽ نئي گورنر جي مقرري تي ٻنهي جعاعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هوُ.۽ ايم ڪيو ايم پاران اهو به بيان آيو هُو ته جيڪڏهن وفاق کي اهڙو فيصلو ڪرڻو هوُ ته انهي کي ايم ڪيو ايم کي ضرور اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. وفاق جي اهڙي فيصلي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي  هڪ بيان ۾ چيو ته وفاق کي ايم ڪيو ايم سميت پ پ ۽ سنڌ جي ٻين پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها پر وفاق ائين نه ڪيو.انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته گورنر سنڌ عشعرت البعاد سنڌ حڪومت اندر طويل عرصي تائين گورنر رهيو ۽ سندس دور گورنر سنڌ جي خلاف سواءِ پاڪ سرزمين پارٽِي کانسواءِ ڪنهن به پارٽِي يا اڳواڻڻ سندس مخالفت ڪئي هجي.سابق گورنر عشرت العباد پرويز مشرف جي دور اندر 27 ڊسمبر 2002ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو هوُ.جڏهن ته انهي وقت کان وٺِي هن وقت تائين عشرت العباد پنهنجي گورنري جا 14سال مڪمل ڪيا آهن، 2مارچ1963اندر ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ عشرت العباد سڀ کان ننڍي عمر وارو گورنر مقرر ٿيڻ جو پڻ عزاز حاصل ڪيو آهي.جيڪو اڄ تائين پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به گورنر کي ناهي ملي سگهيو.

2003ع اندر ڪراچي ۾ رينجرس آپريشن کانپوءِ ايم ڪيو ايم گورنر عشرت العباد کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي پنهنجي پاڪ سر زمين پارٽي ٺاهيندڙ ۽ ڪراچي جو اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال سابق گورنر عشرت العباد تي سنگين الزام لڳايا هئا ۽ سندس گرفتاري جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ سندس نالو اي  سي ايل  ۾  داخل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

مصطفي ڪمال جي اهڙي رويي خلاف ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي جوابي بيان ۾ چيو هوُ ته مصطفي ڪمال پاران لڳايل الزام سمورا بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن جن ۾ اهڙي ڪا به سچائي ناهي ۽ نه ئي وٺس اهڙن الزام جا ڪي ثبوت موجود آهي. جڏهن ته هن وقت گورنر سنڌ جي جنهن کي هٽايو ويو آهي  انهي متعلق به ڪيترائي سوال اڀري ڪري سامهون آيا آهن.گورنر سنڌ جي هٽائڻ جي متعلق جيڪي بيان سامهون آيا آهن انهن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم تي جيڪي بدعنواين جا ثبوت ظاهر ٿيا آهن انهي ڪري کيس عهدي تائين تان هٽايو ويو آهي .مڃون ٿا ته ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم بدعنوانين جون سموريون سرحدون پار ڪري ڇڏيون آهن ۽ معصوم ڪراچي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.ٽارگيٽ ڪلنگ کان ويندي بنا لائينسنس هٿيار رکڻ ،پتا خوري ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ايم ڪيو ايم جو ئي آهي .پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو انهي کي هٽائي ڪري اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪري ڇڏڻ جيڪو پيري واري پڇاڙڪي دور مان گذري رهيو آهي. افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي اها وفاق سنڌ صوبي سان سراسر ناانصافي ڪري رهي آهي جو وفاق سنڌ حڪومت مٿان اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي جون 79 بهارون ڏسي چڪو آهي.جنهن انسان کي هلڻ لاءِ به ٻئي جو سهارو وٺڻو ٿو پوي. ۽ هاڻ ته سندس ڪمزور اکين جي نظر به سندس جسم وانگر ڪمزور ٿي چڪي هوندي.

وفاق جو سنڌ سان اهڙي رويو جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ هڪ اهم سوال اهو به ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا سنڌ جا نوجوان انهي عهدي جا اهل نه هئا ڇا يا سنڌ ۾ ٽئلينٽ جي کوٽ آهي جو وفاق سنڌ ۾ نوجوان گورنر مقرر ڪرڻ بجاءِ هڪ بزرگ ۽ پوڙهي عمر جي انسان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو.وفاق جو اهڙو فيصلو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي بلڪل به قبول ناهي..سنڌ جي نئي گورنر جسٽس سعيد الزمان صديقي کي مقرر ڪيو ويو آهي.جنهن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي اندر امن امان کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سندس عزم هوندو ته هوُ ڪراچي ۾ دهشتتگردي کي ختم ڪري.اها سٺِي ڳالهه آهي ته نئي گورنر جي سوچ سنڌ صوبي جي گادي واري شهر ڪراچي اندر امن ڪرائڻ جو عزم رکي ٿي. پر اتي سوال اهو به اٿي ٿو ته ڪراچي اندر پاڪستاني حڪومت ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ لاءِ ريجنرس ، پوليس ۽  ٻين سڪيورٽي اهلڪارن کي هيڊ ورر ڏئي ڇڏيو آهي جيڪڏهن اهي ڪراچي ۾ امن نه ڪرائي سگهيا آهن ته هڪ ضعيف ۽ ڪمزور انسان مان ڪهڙيون اميدون رکجن. پاڪستان جي نئي گورنر جي مقرري  سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رليف ڏئي سگهندي اهو هڪ اهم سوال آهي.سنڌ جي سابق گورنر عشرت العباد پنهنجي هڪ بيان ۾ اهو به چيو آهي ته هوُ پاڪستان جي سياست هزگز نه ڪندو ۽ هوُ هميشه لاءِ سياست جي ميدان کان ٻاهر رهندو،اتي نئي گورنر سنڌ مان اميدون واسبته  آهن.سنڌ جي نئي گورنر چيف جسٽس سعيدالزمان ڪالهه پنهنجي عهدي جو حلف کڻي پنهنجو عهدو  سنڀالي ورتو آهي.۽ ميان نواز شريف جو موڪليل سمري تي پڻ سهي ڪري ڇڏي آهي.جنهن کانپوءِ ايوان صدر کان نئي گورنر جي تقرير جو باقيده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هوُ.پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا نئي گورنر سان ڪراچي جا دهشتگردي واريون هوائون بهارن ۾ تبديل ٿينديون

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *