سنڌ جي تعليم جو  ڪيئن بهتر ٿيندي؟: محمدعلي شر

بيان تجويزون ڪيتريون ئي  ٿي سگهيون پر تعيلم جي ۾ ڪابه  تبديلي نه آئي نه  اسان جي تعليمي معيار جئين تيئن ئي آهي آخر اسان جي صوبي جو تعيلم جو معيار ڪيئن بهتر ٿيندو اخبار جو هيڊ لائنس، چٽيون خبرون ته هر ڪو پڙهي ٿو پر افسوس ڪارائتا مضمون تمام گهٽ دوست پڙهڻ ٿا .

سماج جو ڪوب مسئلو هڪ ٻئي ڀارڻ سان ڪجهه به  نه ٿيندو ان لاءَ  پر اهو ويتر خراب ٿيندو اهڙي طرح هر ادارو هڪ ٻئي تي آزام لڳائي پاڻ آزاد سمجهي ٿو  ٻين صوبن جي تعليم بهتر ڇو آهي. تعليم جيڪا عبادت جي صفت ۾ شامل ٿي ان جي باري ۾ سڀ کان پهريان حڪومت سڌ  جا اعليٰ عهديدار مان پڙهيل لکيل،قابل آفيسر هن ڪم ۾ لڳايا وڃن جيڪي پنهنجي وڃي  جيئن ته تاريخي ڪاميابي ملي سگهي.

حڪومت سنڌ طرفان مقرر مقرر ڪيل ڪورس  ناڪارا نه پر ان ۾ سڌاري جي اشد ضرورت آهي ناڪارا مضمون تبديل ڪيا وڃن جيڪي اجايو بار آهن جيڪي جنهن ڪري شاگرد دل آزاريندڙ ۽ ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ آهي

سالانه امتحان جو سسٽم ختم ڪري سيسمٽرجو سلسلو شروع  ڪيو وڃي هزار صفحن تي مشتمل مختلف ڪورس جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي غير ضروري مواد شامل آهي جيڪي شاگرد کي مايوس ڪندڙ آهن وري سال مڪمل ٿيڻ کانپوءَ ان بابت امتحان ڏيڻ انهتائي مشڪل ڪم آهي.

سنڌ صوبي جي تعليم بهتر ڪرڻ لاءَ هڪ هر هڪ فرد کي پنهنجو پنهنجو ڪردار  ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن تعليم جهڙي زيور کان سنڌ واسين کي مرحوم نه رکيو وڃي

تعليمي بورڊن جو ڪردار .

پراڻي دور ۾ بورڊن جو سلو اميج هوندو هو ۽اهي چڱي نموني امتحان وٺندا هئا پر هاڻي ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته گريڊ پيسن تي وڪرو ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ٽيوشن ڏيندڙن ۽ڪاپي ڪرائيندڙ جي ڌنڌي کي ڌڪ لڳو آهي .

ٽيوشن جو آزار

اڳي استاد بنا ڪنهن فرق جي پوري ڪلاس جي ٻارن لي وڏي چاهه سان پڙهائيندا هئا ۽ سٺي رزلٽ تي خوشي ۽ بري رزلٽ تي شرمساري محسوس ڪندا هئا پرهاڻي ته استاد ڪلاس پڙهائڻ ته ڇا پر اسڪول ئي ڪونه ٿا وڃن گهر ويٺي پگهارون کڻڻ ٿا ڪافي ڪاليجن ۾ ته ڪلاسون ئي ڪونه ٿيون هلن ڪٿي نالي ماتر هلن ٿيون ته پريڪٽيڪل  ڪونه ٿا ڪرائين صرف  ٽيوشن تي مارو مار آ ٽيوشن نه پڙهندڙ ٻار تعليم کان مرحوم رهجي وڃي ٿو

پرائيوٽ اسڪول

ٽيهه چاليهه سال اڳ تعليم کي عبادت جي حيثيت حاصل هئي پر هاڻي اها صنعت بڻجي چڪي آهي پرائيوٽ اسڪولن جو فيشن ته ايتري قدر وڌي ويو آهي جو سرڪاري اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استاد به پنهنجا ٻار پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙهائيندا آهن جن ۾ ڪم ڪندڙ ٽيچر مشڪل سان انٽر يا بي اي پاس هوندا آهن جڏهن ته انهن کي ڪابه ٽريننگ ٿيل نه آهي هوندي ۽ جن جي مانيٽرنگ جو به مناسب بندوبست نه ٿيل هوندو آهي اگر سندن ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهڻ ته سندن دلچسپي پيدا ٿئي انڪري تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ کي پابند ڪجي ته هو پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائن

تعليم جي تباهي جا سبب

استادن طرفان  تعليم  کي پيغمبري پيشو نه سمجهڻ

نبي سڳورا ماڻهن کي هدايت ڪرڻ يعني سٺين ڳالهين  جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ موڪليا ويا جنهن ڪري تعليم کي پيغمبري پيشو سمجهو وڃي ٿو  چاليهه پنجاهه سال اڳ استادن کي ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس هيو جنهن ڪري نه رڳو  سٺي نموني پڙهائيندا هئا پر سندس لباس به منفرد رکندا هئا جنهن ڪري پري کان خبر پوندي هئي ته استاد ٿو اچي ته سڀ ئي ادب مان اُٿي بيهندا هئا

سنڌ  جي تعليم بهتر ڪرڻ لاءِ استاد  کي انتهائي اهم ڪردار ادا  ڪرڻو پوندو.اسان جي صوبي جي تعليم جي صورتحال ايتري ته بدتر ٿي وئي اگر جيڪڏهن اسان جي معاشري جي هر فرد پنهنجو ڪردار سچائي ،ايماندار  سان ادا ڪيو ته انشاءِ الله اسان جي تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي.

واڪا ڪرڻ وس مون

   ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.(شاهه)

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *