سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ڪاليج استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو؛ اصغر ملاح (دادو)

دادو ضلعي جي چئن تعلقن جي ننڍي وڏي شهرن ۽ ڳوٺن جا نوجوان اکين ۾ مستقبل جا خواب ۽ اميدون کڻي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تاحيات عوامي شاعر استاد بخاري جي نالي سان منسوب سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ڪاليج استاد بخاري ڊگري ڪاليج اچن ٿا گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جنهن مان سنڌ جي اڳوڻن ٻن وڏي وزيرن سيد عبدالله شاهه ۽ لياقت علي خان جتوئي سميت ڪيترن ئي ڊاڪٽرن، اديبن، وڪيلن، صحافين، واپارين، پوليس آفيسرن سميت ٻين معزز شخصيتن هن ڪاليج مان تعليم پرائي وڏن عهدن تي ويهي ملڪ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڏئي رهيا آهن نهايت افسوس جي ڳالهه آهي استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ جيڪي شاگرد دل سان تعليم حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن ته به تعليم حاصل ڪري نه سگھيا آهن، جيڪا حاصل ڪرڻ چاهين پيا تن جي گذريل ڏهن سالن ۾ تعليم سخت متاثر رهي آهي وڏو انگ شاگردن جو رهيو آهي جيڪي رڳو ڊگريون حاصل ڪري سگھيا پر تعليم حاصل ڪري نه سگھيا، وڏو هاڃو رسي چڪو آهي اسان جي ماءُ پيءُ ڀائرن ڀينرن ۽ مائٽن جي دلي خواهش هوندي آهي يا خواب هوندا آهن ته پنهنجي پيارن پٽن ڀائرن جي بهتر مستقبل جي اميد ۾ علم جي نور سان مالامال ٿيڻ لاءِ تعليم پرائڻ لاءِ اسڪولن ڪاليجن يونورسٽين ڏانهن موڪلين ٿا، پر افسوس سنڌ جي تعليمي نظام کي تعليم دشمن عناصرن هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي اهڙو اعتراف اعليءِ عهدن تي مقرر ٿيل ڪامورن ميڊيا اڳيان وقت به وقت ڪيو آهي، تعليم جي ڀلائي بهتري ترقي لاء اڌ صدي کان وٺي ڪوششون ٿي رهيون آهن پر ان ۾ اڳرائي ٿيڻ بجاء ڏينهو ڏينهن تعليم جو نظام پوئتي پئجي رهيون آهي ان جا ڪيترائي سبب آهن استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد سجاڳ ڌرين وقت به وقت استاد بخاري ڊگري ڪاليج کان وچ شهر جو مارچ ڪري شهر جي مختلف مک چوراهن کان ٿيندي دادو پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي، احتجاجي مظاهرا ڪري سالن کان بک هڙتالون ڪري ڪاليج جي جائز مسئلن جي حل لاءِ دانهون ڪوڪون ڪري احتجاج ڪري اڪثر الزام هڻندي مسلسل مطالبا ڪيا آهن ته استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ سالن کان وٺي ماهر استادن جي کوٽ رهي آهي جنهن سبب تعليم سخت متاثر رهي آهي هن وقت تائين وڏو انگ شاگردن جو رهيو آهي جيڪي رڳو ڊگريون حاصل ڪري سگهيا پر تعليم حاصل ڪري نه سگهيا آهن ان جو سبب ڪاليج جي مختلف شعبن ۾ هڪ هزار کان مٿي شاگردن جي داخل ٿيل آهي،پر سون ۾ به شاگرد علم پرائيندي نظر نه ايندا جڏهن ته امتحان وقت هڪ هزار کان مٿي شاگرد امتحان ڏيندي نظر ايندا آهن جيڪو نهايت افسوس جوڳو عمل آهي جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ نياز چنا شهري ويلفئير ايڪشن ڪاميٽي جو صدر جبار ٻٻر چوي ٿو ته دادو ڊگري ڪاليج سنڌ جي ڪاليجن ۾ ٻيو نمبر وڏو ڪاليج آهي هي ڪاليج وڏو شاندار آهي پر شاگردن کانسواءِ بي رونق لڳي ٿو استاد بخاري ڪاليج ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ صحيح ڪلاس هلائڻ لاءِ دادو جي سياسي سماجي تنظيمن اڻ کوٽ جدوجهد ڪئي پوءِ به کڙ تيل نه نڪتو آهي اسان جي خواهش آهي ته ڪاليج اندر مختلف شعبن جاڪلاس هلن، ته جئين دادو ضلعي جا نوجوان علم جي روشني سان مالا مال ٿين دادو ڊگري ڪاليج ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهل ايماندار استادن کي نظر انداز ڪري هڪ جونيئر استاد عرفان ڪلهوڙو جيڪو وائيس پرنسيپل لڳو پيو آهي جنهن جي ڪارڪردگي تمام خراب رهي آهي جنهن خلاف شاگردن جا وقت به وقت احتجاج معمول رهيا آهن، ته ڏهن سالن کان فنڊن ۾ گهوٻين جي جانچ ڪرائي ڪرپشن ۾ Picture1ملوث انتظاميا عملي خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي ڪاليج اندر علم جي جوت جلائي وڃي پر افسوس وريو ڪجهه به نه ساڳيان لاٽو ساڳيان چگهه واري ڪار لڳي پئي آهي شاگردن سڄاڳ ڌرين سنڌ سرڪار تعليم جي وزير تعليم سيڪريٽري ۽ دادو جي چونڊيل نمائندن کان وقت به وقت مطالبو ڪيو ڪاليج ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي تعليم کي عام ڪيو وڃي شاگردن دانهيو آهي ته جڏهن ته ڪاليج ۾ مقرر ٿيل استاد وڏين فيسن عيوض شاگردن کي پرائيوٽ ٽوشن سينٽرن ۾ تعليم ڏي رهيا آهن جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي ڪاليج جي من پسند انتظاميه طرفان ڪلاس صحيح نموني سان نه هلائڻ، ڪاليج جي ، لائبريري، ڪمپيوٽرليب ويران ٿيڻ سالن کان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ٽوئر نه ڪرائڻ تفريح واسطي رانديون نه ڪرائڻ ڪاليج ۾ هر سال ايندڙ فنڊن گھوٻيون هڻڻ استاد ويزا تي ڇڏڻ جا الزام ڪوڙا ٽينڊر ڄاڻائي ڪاليج جي وڻن جي ڪٽائي ڪرائي رقم هڙپ ڪرڻ جي الزمن جا جانچ جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن، سڄاڳ ڌرين دانهيو آهي ته، استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ مقرر ٿيل پروفيسرز ۽ ليڪچرارز ليڪچرر 90 هزار کان هڪ لک رپيا هر مهيني پگهار ۽ پرفيسر ڏيڌ لک کان 2 لک تائين هر مهيني پگهارون کڻن ٿا شهر اندر وڏين عمارتن ۾ وڏا ٽيوشن سينٽر قائم ڪري ڪاليج ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ بجاءِ پنهنجن پرائيويٽ سينٽرن ۾ شاگردن کي وڏين وڏين فيسن عيوض تعليم ڏئي رهيا آهن جنهن سبب غريب شاگرد پئسن نه هئڻ سبب تعليم جهڙي انمول تحفي کان محروم رهجي ويا آهن ٿيل ڪرپشن جي جاچ جا مطالبه سالن کان ڪندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو وقت به وقت جاري رهيو آهي. ڪرپشن ۽ ناانصافين خلاف سنڌ سرڪار چونڊيل نمائندن کان سدائين مطالبه ڪندا رهيا آهن ته سالن کان ڪاليج جي فنڊس هڙپ ڪرڻ جي الزامن سميت ماهر استادن جي کوٽ ۽ ٻين جائز مسئلن جي جاچ لاءِ اعلى سطحي تحقيقاتي انڪوائري ڪرائي ڪاليج اندر علم جي جوت جلائين ته جيئن تعليم عام ٿئي ۽ ملڪ ترقي جون سرحدون طعي ڪري ۽ قوم خوشحالي واري زندگي بسر ڪري تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي تباهي جي ان سلسلي کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي اهڙي راهه ڳولڻ گھرجي جنهن تي هلي تعليم جو ٻڏندڙ ٻيڙو بچائي سگھجي باشعور عوام سجاڳ ڌرين شاگردن جائز مسئلن جي حل لاءِ بروقت نشاندهي ڪئي آهي ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار وقت جي سرڪار وٽ آهي عوام وٽ نه آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *