سنڌ جو مزاحمتي ڪردار بشير خان قريشي؛مظهر خاصخيلي

سنڌ پنهنجي قديم وجود ۽ تهذيب جي بقالاءِ مسلسل جهيڙيندي پئي رهي آهي سنڌ ڪيتريون ئي آمريتون سٺيون آهن ۽ سندس وجود کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن ئي سورمن پنهنجي حياتي ۽ سرار پيا آهن ۽ اڄ 7 اپريل جو ڏينهن وري اهڙي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان گڏ سيد جي سچي عاشق محترم بشير خان قريشي جي جسماني وڇوڙي جو ڏينهن آهي اڄوڪي ڏينهن 7 اپريل 2012 تي تمام چالاڪي سان سنڌي ماڻهن جي محبوب اڳواڻ بشير خان کي ذهر ڏئي شهيد ڪيو ويو جيڪو بشير خان سنڌي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جو ڀر جهلو هو ان 10 آگسٽ 1959 تي رتو ديرو شهر جي موئڻ پور محلي ۾ رهندڙ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ اک کولي هن پرائمري کان ميٽرڪ 1974 ۾ ڪئي ۽ 1976 ۾ انٽر شڪارپور ڪاليج مان پاس ڪئي جنهن کان پوءِ 1976 ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو 1980 ۾ جئيي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف ززعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو 1981 ۾ کيس ززرعي يونيورسٽي يونٽ مان هڪ سال جي لاءِ ريسٽيڪٽ پڻ ڪيو ويو 1982 ۾ هيءِ جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو ۽ چئن سالن بعد 1986 ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو 1990 تائين وري ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو 1976 کان وٺي 1995 تائين هن سموري سياسي ۽ نظرياتي تربيت سنڌ هي عظيم قوم پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي ويجهڙائپ ۾ رهندي ٿي 25 اپريل 1995 ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جئيي سنڌ قومي محاذ جسقم قائم ڪئي وئي ان وقت هو جيل ۾ هيو پر پوءِ به کيس ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو 1996 ۾ کيس جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ 1998 ۾ کيس جسقم جو چئيرمين چونڊيو ويو جنهن عهدي تي هي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين رهيو سنڌ جي هن بهادر اڳواڻ کي ڪيترا ڀيرا گرفتار به ڪيڳو ويو هن کي پهريون ڀيرو ٽنڊو ڄام جي پوليس 1978 ۾ گرفتار ڪيو هيو هن کي 15 جنوري 1985 تي رتو ديرو مان گرفتار ڪيو ويو هيو هي حيدرآباد جيل ۾ ڪيتري عرصي تائين بند وارڊ پڻ رهيو هيو هن کي ان وقت جي ملٽري ڪورٽ هڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا پڻ ڏني هئي جنهن تي عمل به ڪيو ويو بيٺ کيس آگسٽ 1986 ۾ آزاد ڪيو ويو هن کي وري 11 آگسٽ 1988 ۾ سنڌ ۾ ٿيل نسلي جهگڙن دوران گرفتار ڪيو ويو هن ڀيري کيس 18 مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو کيس 2 جنوري 1994 تي گرفتار ڪيو ويو ڻ ٻن سالن تائين جيل ۾ رهيو 17 جنوري 1999 تي وري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ کيس آزاد ڪيو ويو هن کي آخري ڀيرو 15 سيٽمبر 2011 تي هٿيار رکڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هيو ۽ ٽن ڌينهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هيو اهڙي طرح هي جملي 6 سال 10 مهينا جيل ۾ رهيو هن سائين جي ايم سيد جي قدم لڳي بشير خان قريشي قومي منشور ۽ شاهه جو رسالو کڻي سن کي پنهنجو سياسي قبلو ۽ جي ايم سيد کي پنهنجو رهبر ڪري سنڌ امڙ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي ۽ کاهوڙي بڻجي سنڌ جي مظلوم عوام ڏي موٽي آيو پوِءِ ڏسڻ وارن ڏٺو ته رتيديري جو جي الهڙ جو ان ڪئين تجربن جون لاهيون چاڙهيو لهندو چڙهندو ۽ پنهنجن پراين جون سازشون ۽ بد خواهيون لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو، آزادي ياموت ،وحلن يا ڪفن، جا نعرا گونجائيندو ۽ رتا ئون لال جهنڊو جهو لائيندو اڳتي وڌندو رهيو رتيديري هي موئڻ پور محلي جو هئي نوجوان ان سن مان سنڌ پرستيءَ جي ستي پي جو نڪتو ته سڄي سنڌ تي ڇا نئجي ويو پوءِ جتي به سنڌ جو هي اڻموٽ فرزند پهچندو هو چوڌاري ڪهاڙيءَ جي موني گرام سان لال جهنڊن جا بادل هومدا هئا ۽ ماڻهن جون ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ بشير خان کي ڪيترائي ڀيرا غداري جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪري مقدما درج ڪيا ويا ڦاهن ۽ فٽڪن جا دڙڪا دهمان سزائون سچ پتراء ٽارچر سيل هن ارڏي پي جي سامهون آيا پر هن بهادر ۽ اڏول جو جيل به رستو روڪي نه سگهياسين جو سنواريل اسان جي ڳوٺ جوهي انمول ۽ اڻموٽ انسانپنهنجي قول جو پڪو ۽ مقصد جو مڪمل بشير خان سنڌ جي گهر، گهر، گهٽي، گهٽي، جهر جهنگل ۽ واهڻ وستيءَ پهچي سن جي سيد جي فرمان ۽ فڪر کي عام ۽ جام ڪندو رهيو هن سنڌ ۽ سيد جي عاشق بشير خان قريشي جي شخصيتن هونءِ ته گلد ستر مئل آهي جنهن ۾ ڪيترائي گل سجائي قدري يڪ جا ڪيا هئا پر سندس سياسي ٻه نمايان ڪردار آهن هڪ سياسي ۽ ٻيو سماجي سندس سياسي ڪردار جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڀلي ڪير هن سان اختلاف ڪري سگهي ٿو پر سندس سچائي ۾ ڪو به گمان ٿي نٿو سگهي پر سندس سماجي ڪردار ۽ ڪارڪرسگيءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جي ڪا ڪاڻ نظم ڪان ٿي اچي سنڌ وارن کي اهانخوبي ڄاڻ آهي ته سنڌ جو هي اڏول پڻ سنڌ جي حوالي سان ڪنهن اتحاد صا ڀلائي لاءِ سڏ ٿيو ته اتي پهريون پهچڻ وارو فرد بشير طان ئي هيو ڪٿي به ڪو سنڌي قوم ۾ جهيڙو فساد ٿيو ڪا به گڏجاڻي يا جرڳو ٿيو ته هي جوڌو جو ان هميشه مظلوم ڌر جو مشير يا حمايتي ٿي اتي ضرور پهچندو هو ميڙ منٿ قافلا،رڄل سنڌين کي پرچائڻ لاءِ هي سيد سنائي وٺي وڄڻ وارو شخص بشير خان ئي هيو سندس همت ۽ جرئت کي ۽ سنڌي ماڻهن سان سچائي ارپنا کي ڏسي وڏا وڏا قومپرست سردار به سندس عزت ڪندا هئا ۽ همشيه سندس جهوليءَ ۾ ڪاميابيون وجهي وڏي پيار پا ٻوهه ۽ عزت ابرو سان زخمت ڪند هئا بشير خان قريشي هاڻي طنقي طور اسان سان گڏ ناهي روحاني ۽ تصور تي طور هو پنهنجي ڪردار ۽ گڻن جي حوالي سان هميشه هر دل ۾ زنده رهندو ڇا ڪاڻ هو جو پنهنجي ڪم ڪردار ۽ شخصيت جي حوالي سان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي ۽ تاريخ زنده ئي رهندي آهي باقي بشير خان قريشي جي جسماني وڇوڙي جو ڏک هڪ دائمي ڏک آهي جيڪو ونڊڻ سان ورهائجي نه سگهندو پر ڌندو ۽ وگهرندو رهندو ۽ ايندڙ صديون به هن ڏک جي ڪري ۽ درد جي ڀوڳنا محسوس ڪنديون اي ڪاتب تقدير ڇا ته تهنجي چونڊ آ توگل ته اهڙو چڳو جيڪو ويڙهو ئي ويران لري ويو ڇا ٿئي ها جو مارڻ کان مڙي وڃين ها تو وڻ ڪهڙي ڪمي هئي تو وڻ سنڌ جا اڻ ڳڻيا غير تي پڻ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان شاهه عنايت شهيد، شاهه حيدر سنائي، هوشو، هيمون، سورهيه بادشاهه، شهيد الله بخش، دودو ، سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي،نور الله تنيو، سميح الله ڪلهوڙو، مشتاق خاصخلي، ۽ شهيد نذير عباسي جو موجود هئا.

جاري

ڇا ٿيئي ها جو سنڌ امڙ جو سڪيلڌو پڻ بخش ڪرين ها ڏسڻ مالڪ سنڌ اڃا سڪتي مان ناهي نڪتي سندس اکيون آليون ۽ قومي جهنڊي جيان ڳاڙ هيون ٿي ويون آهن سڪڻ جو نالو ئي نٿيون وٺڻ به شهيد سنڌو ديش جو خون خوشبوءِ ۽ مهڪ ٿي ايندو ۽ اجرڪ جي فلڙي جيان دائمي دوا ماڻيندو وصلن جا ويڙها ويران ڪرن ندران واسي ڇڏيندو ۽ آزادي جي راهه وٺڻ لاءِ اتساهيندو ورهندو بشير خان قريشي کي هٿ سان رياستي ادارن پنهنجي راهه تان هٽائڻ جا لاءِ ان لي تمام چالاڪي سان موت حوالي ڪيو آهي پر منهنجي سوچ آهي جيڪڏهن رياستي ادارن پنهنجي بچاءُ ۾ جيڪڏهن اهڙو قدم کينو آهي ته اها انهن جي ڀل آهي سنڌ اندر بشير خان قريشي جي وڇوڙي کانپوءِ ڪاوڙ تمام گهڻي وڌي پئي آهي ۽ هڪ دفعو ٻيهر جي ايم سيد جي فڪر تي هلندڙ سمورين ڌرين کي پاڻ ۾ گڏجي گهرجي ۽ انهن ڌرين کي شڪست ڏيڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته بشير خان قريشي جيان سنڌ جي انهن عام ماڻهن وٽ جسقم جي اڳواڻن کي نڪري اچڻو پوندو ۽ ان ۾ سنڌ جي فتح آهي ۽ انهن ڌرين جي شڪست هي ڪيترا به پنهنجا جلد طريقا استعمال ڪن هميشه انهن کي شڪست نصيب ٿيندي . نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ ضروري ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *